bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Revelation 8
Revelation 8
Sindhi Bible
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 9 →
1
۽ جڏهن هن ستين مهر کولي، تڏهن اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي.
2
۽ مون اُهي ست ملائڪ ڏٺا، جي خدا جي حضور ۾ بيهندا آهن؛ انهن کي ست تريون ڏنيون ويون.
3
۽ ٻيو ملائڪ آيو، ۽ هڪڙو سونو خوشبودان کڻي قربانگاهہ تي اچي بيٺو، ۽ کيس گهڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيڪا سوني قربانگاهہ تخت جي اڳيان هئي، تنهن تي سڀني پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ چاڙهي.
4
۽ اُهو لوبان جو دونهون پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ اُنهيءَ ملائڪ جي هٿان خدا وٽ چڙهي وڃي پهتو.
5
۽ انهيءَ ملائڪ اُهو خوشبودان کڻي، انهي کي قربانگاهہ جي باهہ سان ڀري، زمين تي اُڇلائي وڌو؛ ۽ پوءِ گجگوڙيون، ۽ آواز، ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو آيو.
6
۽ اُهي ست ملائڪ، جن وٽ ست تريون هيون، تن انهن جي وڄائڻ جي تياري ڪئي.
7
۽ پهرئين تري وڄائي تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي: ۽ زمين جون ٽيون حصو سڙي ويو، ۽ سڀ سائو گاهہ بہ سڙي ويو.
8
۽ ٻئي ملائڪ تري وڄائي تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل اُڇلجي وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو؛
9
۽ سمنڊ جي خلقت جو ٽيون حصو، يعني اُهي جن کي ساهہ هو، سي مري ويا، ۽ جهازن جو ٽيون حصو بہ برباد ٿي ويو.
10
۽ ٽئين ملائڪ تري وڄائي تہ هڪڙو وڏو تارو، مشعل وانگر ٻرندڙ، آسمان مان ڪِري پيو، ۽ ندين جي ٽئين حصي مٿان ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان اچي پيو.
11
۽ اُنهي تاري جو نالو گوماندر سڏبو آهي: ۽ پاڻيءَ جو ٽيون حصو گوماندر ٿي پيو، ۽ پاڻيءَ جي ڪَڙي هئڻ ڪري گهڻا ماڻهو مري ويا.
12
۽ چوٿين ملائڪ تري وڄائي تہ سج جي ٽئين حصي کي، ۽ چنڊ جي ٽئين حصي کي، ۽ تارن جي ٽئين حصي کي ضرر رسي ويئي، جنهنڪري انهن جو ٽيون حصو ڪارو ٿي پيو، ۽ ڏينهن جي ٽئين حصي جو سوجهرو ڪونہ رهيو، ۽ رات جو بہ ساڳيو حال ٿيو.
13
۽ مون آسمان جي وچ ۾ هڪڙي عقاب کي اُڏامندو ڏٺو ۽ وڏي آواز سان هيئن چوندو ٻُڌم، تہ باقي ٽن ملائڪن جون تريون، جي اڃا انهن کي وڄائڻيون آهن، تن جي ڪري زمين جي رهڻ وارن تي افسوس، افسوس، افسوس!
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22