bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Revelation 12
Revelation 12
Sindhi Bible
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 13 →
1
۽ آسمان ۾ هڪڙو وڏو نشان ڏسڻ ۾ آيو؛ هڪڙي زال سج سان ڍڪيل نظر آئي، ۽ چنڊ انهي جي پيرن هيٺ هو، ۽ سندس مٿي تي ٻارهن تارن جو هڪڙو تاج رکيل هو.
2
۽ اها حاملہ هئي ۽ ويم جي سورن کان رڙيون پئي ڪيائين، ۽ ٻار ڄڻڻ جي تڪليف هُيس.
3
۽ ٻيو بہ هڪڙو نشان آسمان ۾ ڏٺو ويو؛ ۽ ڏسو، هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا، ۽ سندس مٿن تي ست تاج هئا.
4
۽ انهي جي پڇ آسمان جي تارن مان ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو: ۽ جنهن زال کي ٻار ڄمڻ تي هو، تنهن جي اڳيان اهو ازدها وڃي بيهي رهيو، انهي لاءِ تہ جنهن وقت هوءَ ٻار ڄڻي، تنهن وقت سندس ٻار کي ڳڙڪائي وڃي.
5
۽ هن کي پٽ ڄائو، يعني اُهو ٻار جو لوهہ جي لٺ سان سڀني قومن تي حڪم هلائڻ وارو آهي. ۽ انهيءَ زال جو ٻار خدا ڏانهن ۽ سندس تخت ڏانهن هڪدم کڄي ويو.
6
۽ اُها زال انهي بيابان ڏانهن ڀڳي، جتي خدا سندس لاءِ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ انهي هنڌ هڪ هزار، ٻہ سؤ ۽ سٺ ڏينهن تائين سندس پرورش ٿئي.
7
۽ آسمان ۾ جنگ لڳي: ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهي ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ۽ ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ وڙهڻ لڳا؛
8
پر اهي غالب نہ پيا، ۽ نڪي وري کين آسمان ۾ ڪا جاءِ ملي.
9
۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.
10
۽ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاڻي اسان جي خدا جي نجات، ۽ قدرت، ۽ بادشاهت، ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي: ڇالاءِ جو اسان جي ڀائرن تي الزام آڻڻ وارو، جو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن الزام پيو آڻي، سو هيٺ اُڇلايو ويو آهي.
11
۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.
12
تنهنڪري، اي آسمان، ۽ آسمان جا رهاڪو، خوشي ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ، اوهان جي لاءِ افسوس آهي: ڇالاءِ جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوهان ڏانهن لهي آيو آهي، ۽ خبر اٿس تہ باقي ٿورو وقت اٿم.
13
۽ جڏهن انهي ازدها ڏٺو تہ هو زمين تي ڪيرايو ويو آهي، تڏهن انهيءَ زال کي ستائڻ لڳو، جنهن کي پٽ ڄائو هو.
14
۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي.
15
۽ نانگ اُنهيءَ زال پٺيان پنهنجي وات مان نديءَ وانگر پاڻي ڪڍيو، انهي لاءِ تہ کيس وهڪري ۾ وهائي ڇڏي.
16
پر زمين انهيءَ زال جي مدد ڪئي، ۽ زمين پنهنجو وات پَٽي جيڪا ندي ازدها پنهنجي وات مان ڪڍي هئي، سا ڳڙڪائي ويئي.
17
۽ ازدها کي انهيءَ زال تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ سندس باقي اولاد، جو خدا جي حڪمن تي ٿو هلي، ۽ يسوع جي شاهدي ٿو ڀري، تنهن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويو.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22