bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Revelation 20
Revelation 20
Sindhi Bible
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 21 →
1
پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي آسمان مان لهندو ڏٺو، جنهن کي هٿ ۾ اوڙاهہ جي ڪنجي، ۽ هڪڙو وڏو زنجير هو.
2
۽ انهي ازدها يعني قديمي نانگ کي، جو شيطان ۽ ابليس آهي، پڪڙي هزار ورهين لاءِ ٻَڌو،
3
۽ اُنهيءَ اوڙاهہ ۾ اُڇلائي اتي بند ڪري ڇڏيائينس، ۽ مٿس مهر هڻي ڇڏيائين، تہ هزار ورهين جي پوري ٿيڻ تائين وري قومن کي گمراهہ نہ ڪري؛ انهي کانپوءِ ٿوري وقت تائين کيس ڇوڙيو ويندو.
4
۽ مون تخت ڏٺا، ۽ جيڪي مٿن ويٺا هئا تن کي عدالت سونپي ويئي؛ ۽ جن جون يسوع جي شاهديءَ، ۽ خدا جي ڪلام جي ڪري سسيون لاٿيون ويون هيون، ۽ جن انهي حيوان جي پرستش نہ ڪئي، نڪي سندس بُت جي، ۽ جن پنهنجي پيشانيءَ ۽ پنهنجي هٿ تي ڇاپ نہ هڻائي هئي، تن جي روحن کي ڏٺم؛ ۽ اُهي جيئرا ٿيا، ۽ مسيح سان گڏ هزار ورهين تائين بادشاهي ڪندا رهيا.
5
۽ جيسين هزار ورهيہ پورا نہ ٿيا، تيسين ٻيا مُردا جيئرا نہ ٿيا. اها پهرين قيامت آهي.
6
مبارڪ ۽ پاڪ اُهو آهي، جو انهي پهرينءَ قيامت ۾ شريڪ ٿو ٿئي؛ اهڙن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نٿو هلي؛ پر اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن ٿيندا، ۽ ساڻس گڏ هزارن ورهين تائين بادشاهي ڪندا.
7
۽ جڏهن اُهي هزار ورهيہ پورا ٿيندا، تڏهن شيطان پنهنجي قيد مان ڇُٽندو،
8
۽ ٻاهر وڃي جيڪي قومون زمين جي چئن ئي ڪنڊن ۾ آهن، تن کي يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو، ۽ جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو: انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آهي.
9
۽ هو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ پاڪ ٿيلن جي لشڪرگاهہ ۽ پياري شهر کي وڪوڙي ويندا: ۽ آسمان مان باهہ ايندي ۽ انهن کي کائي ويندي.
10
۽ شيطان جنهن کين گمراهہ ڪيو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اُڇلايو ويندو، جتي اهو حيوان ۽ ڪوڙو نبي بہ آهي؛ ۽ اهي رات ڏينهن اتي هميشہ تائين عذاب پيا سهندا.
11
۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.
12
۽ مون سڀني مُئلن، وڏن توڙي ننڍن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو؛ ۽ ڪتاب کوليا ويا: ۽ هڪڙو ٻيو ڪتاب جو زندگيءَ جو ڪتاب آهي سو کوليو ويو. ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ڪتابن ۾ لکيل هيون، تن موجب سندن ڪمن موافق مُئلن جو انصاف ڪيو ويو.
13
۽ سمنڊ ۾ جيڪي مُردا هئا، سي هن ڪڍي ٻاهر ڪيا؛ ۽ موت ۽ روحن جي عالم بہ جيڪي مُردا منجهن هئا، سي آڻي حاضر ڪيا؛ ۽ انهن مان هرهڪ جو سندن ڪمن موافق انصاف ڪيو ويو.
14
۽ موت ۽ روحن جو عالم باهہ جي ڍنڍ ۾ وڌا ويا. اها باهہ جي ڍنڍ ٻيو موت آهي.
15
۽ جي ڪنهن جو نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو تہ انهي کي بہ باهہ جي ڍنڍ ۾ اُڇلائي وڌائون.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22