bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Revelation 19
Revelation 19
Sindhi Bible
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 20 →
1
انهن ڳالهين کانپوءِ مون آسمان تي ڄڻ تہ هڪڙي ميڙاڪي جو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ، نجات، ۽ جلال، ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي:
2
ڇالاءِ جو هن جا فيصلا سچا ۽ درست آهن! ۽ جنهن وڏيءَ ڪسبياڻيءَ پنهنجي زناڪاريءَ سان زمين کي خراب ڪري ڇڏيو، تنهن جو هن انصاف ڪيو، ۽ کانئس پنهنجن بندن جي خون جو بدلو ورتو اٿس.
3
۽ هنن وري ٻيو ڀيرو پڪاري چيو تہ هاليلوياهہ. ۽ انهي جي سڙڻ جو دونهون هميشہ تائين پيو اُٿندو.
4
۽ اهي چوويهہ بزرگ، ۽ چار جاندار، پيرين پئي خدا کي، جو تخت تي ويٺو هو، سجدو ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا، تہ آمين! هاليلوياهہ!
5
۽ تخت مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي خدا جا بندا، ننڍا توڙي وڏا، جي کانئس ڊڄو ٿا، سي سڀ سندس تعريف ڪريو.
6
۽ مون هڪڙيءَ وڏيءَ جماعت جهڙو آواز ٻُڌو، جو زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو آواز هو، ۽ وڏين گجگوڙين جهڙو آواز هو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ؛ ڇالاءِ جو اسان جو خدا قادر مطلق، بادشاهي ٿو ڪري.
7
اچو تہ خوشي ڪريون ۽ ڏاڍا سرها ٿيون، ۽ کيس سجدو ڪريون، ڇالاءِ جو گهيٽي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ سندس ڪنوار پاڻ کي تيار ڪيو آهي.
8
۽ انهيءَ کي صاف چمڪندڙ سنها ڪتاني ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا؛ ڇالاءِ جو سنها ڪتاني ڪپڙا پاڪ ٿيلن جي راستبازيءَ جا ڪم آهن.
9
۽ هن چيو تہ لک، تہ اهي مبارڪ آهن جن کي گهيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي. ۽ هن مون کي چيو تہ هي خدا جون سچيون ڳالهيون آهن.
10
۽ آئون کيس سجدي ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪِري پيس. ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، متان ائين ڪرين: آئون تو سان ۽ جيڪي تنهنجا ڀائر يسوع جي شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان؛ خدا کي سجدو ڪر: ڇالاءِ جو يسوع جي شاهدي نبوت جو روح آهي.
11
۽ مون ڏٺو تہ آسمان کليل هو، ۽ ڏسو، هڪڙو اڇو گهوڙو نڪتو، جنهن تي هڪڙو سوار هو جنهن جو نالو آهي ايماندار ۽ سچار؛ ۽ اهو راستبازيءَ سان انصاف ۽ جنگ ٿو ڪري.
12
۽ هن جون اکيون باهہ جا شعلا آهن، ۽ هن جي مٿي تي گهڻا تاج آهن، ۽ هن جو هڪڙو نالو لکيل آهي، جو انهي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي.
13
۽ هن جا ڪپڙا رت سان ڀريل آهن، ۽ هن جو نالو ”خدا جو ڪلام“ آهي.
14
۽ آسمان جون فوجون سفيد گهوڙن تي، اڇن ۽ صاف ڪتاني ڪپڙن ۾ سندس پٺيان پئي آيون.
15
۽ هن جي وات مان هڪڙي تکي ترار ٿي نڪتي، تہ هو قومن کي ماري: ۽ هو مٿن لوهہ جي لٺ سان حڪومت ڪري؛ ۽ قادر مطلق خدا جي خوفناڪ غضب جي شراب جي چيچڙي کي هو لتاڙيندو.
16
۽ سندس پوشاڪ تي ۽ رانن تي هي نالو لکيل هو: ”بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند.“
17
پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي سج تي بيٺل ڏٺو؛ ۽ انهي وڏي آواز سان آسمان ۾ سڀني اُڏامندڙ پکين کي سڏ ڪري چيو تہ اچو، ۽ خدا جي وڏيءَ ضيافت ۾ اچي گڏ ٿيو؛
18
تہ اوهين بادشاهن، ۽ جنگي سردارن، ۽ جنگي ماڻهن جو، ۽ گهوڙن ۽ انهن جي سوارن جو، ۽ سڀني آزاد توڙي غلامن، ننڍن توڙي وڏن ماڻهن جو گوشت کائو.
19
پوءِ مون انهي حيوان ۽ زمين جي بادشاهن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو تہ هو انهي گهوڙي سوار، ۽ سندس فوج سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن.
20
۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:
21
۽ باقي ٻيا انهي گهوڙي سوار جي ترار سان، يعني جا ترار سندس وات مان ٿي نڪتي، تنهن سان مارجي ويا: ۽ سڀيئي پکي انهن جي گوشت مان ڍاپي پيا.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22