bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Revelation 22
Revelation 22
Sindhi Bible
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
1
۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.
2
۽ نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي زندگيءَ جو وڻ هو، جنهن ٻارهن قسمن جا ڦل ٿي ڏنا، ۽ هر مهيني منجهس نوان ڦل ٿي لڳا؛ ۽ اُنهي وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.
3
۽ اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ هوندي: ۽ اتي خدا ۽ گهيٽي جو تخت هوندو، ۽ سندس ٻانها سندس عبادت ڪندا؛
4
۽ اُهي سندس منهن ڏسندا؛ ۽ سندس نالو انهن جي پيشانين تي هوندو.
5
۽ اڳتي وري رات ڪانہ ٿيندي؛ ۽ انهن کي چراغ يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت ڪانہ پوندي، ڇالاءِ جو خداوند خدا انهن کي روشنائي ڏيندو؛ ۽ اُهي هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.
6
۽ هن مون کي چيو تہ هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن: ۽ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو تہ پنهنجن ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن.
7
۽ ڏس، آئون جلد ٿو اچان. مبارڪ اُهو آهي جو هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي ٿو هلي.
8
۽ آئون يوحنا اُهو آهيان، جنهن اهي ڳالهيون ٻُڌيون ۽ ڏٺيون. ۽ جڏهن مون ڏٺو ۽ ٻُڌو، تڏهن جنهن ملائڪ مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون، تنهن کي آئون پيرين پئي سجدو ڪرڻ لڳس.
9
۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، ائين نہ ڪر؛ آئون تو سان ۽ تنهنجي ڀائرن نبين سان، ۽ جيڪي هن ڪتاب جي ڳالهين تي هلن ٿا، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان. خدا کي ئي سجدو ڪر.
10
۽ هن مون کي چيو تہ هن ڪتاب جي نبوت جي ڳالهين تي مهر نہ هڻ؛ ڇالاءِ جو اهو وقت ويجهو آهي.
11
جيڪو ناراست آهي سو ڀلي ناراستي پيو ڪري؛ ۽ جيڪو ڪميڻو آهي سو ڀلي ڪميڻو رهي؛ ۽ جيڪو راستباز آهي، سو ڀلي راستبازي پيو ڪري: جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ ٿيندو وڃي.
12
ڏس، آئون جلد ٿو اچان؛ ۽ منهنجو اجر مون سان آهي، جو هر ڪنهن کي سندس ڪم موجب ڏيندس.
13
آئون الفا ۽ اوميگا، پهريون ۽ پويون، اول ۽ آخر آهيان.
14
مبارڪ آهن اُهي، جي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ٿا ڪن، اُهي زندگيءَ جي وڻ جا حقدار ٿيندا ۽ انهي شهر ۾ درن مان گهڙندا.
15
پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.
16
مون يسوع، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو آهي، تہ ڪليسيائن کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آئون دائود جي پاڙ ۽ نسل ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.
17
۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.
18
جيڪو بہ ماڻهو هن ڪتاب جي نبوت جون ڳالهيون ٻُڌي ٿو، تنهن لاءِ آئون شاهدي ٿو ڏيان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُنهن ۾ ڪي گڏيندو تہ خدا هن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو:
19
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن نبوت جي ڪتاب جي ڳالهين مان ڪي ڪڍندو، تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شهر مان، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيل آهي، هن جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.
20
جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، سو چوي ٿو تہ: هائو، آئون جلد ٿو اچان. آمين. اي خداوند يسوع، اچ.
21
شل خداوند يسوع جو فضل اوهان تي ٿيندو رهي. آمين.
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22