bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Samuel 1
2 Samuel 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 2 →
1
سائول جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو دائود جڏهن عماليقين کي شڪست ڏيئي موٽي اچي صِقلاج شهر ۾ رهيل هو تہ اڃا ٻہ ڏينهن مس گذريا تہ
2
ٽئين ڏينهن تي هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪرگاهہ کان آيو، جنهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين. هو جڏهن دائود وٽ پهتو تہ زمين تي پيشاني رکي کيس تعظيم ڏنائين.
3
دائود هن کان پڇيو تہ ”تون ڪٿان ٿو اچين؟“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ بني اسرائيل جي لشڪرگاهہ مان جان بچائي نڪري آيو آهيان.“
4
تڏهن دائود پڇيس تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ ڳالهہ ڇا آهي؟“ هن ورندي ڏني تہ ”اسان جا ماڻهو جنگ مان ڀڄي ويا ۽ انهن مان گھڻا ئي ماريا ويا. سائول ۽ سندس پٽ يونتن بہ مارجي ويا آهن.“
5
دائود انهيءَ خبر ڏيندڙ جوان کان وري پڇيو تہ ”تو ڪيئن ڄاتو تہ سائول ۽ سندس پٽ يونتن مارجي ويا آهن؟“
6
انهيءَ جوان وراڻيو تہ ”اتفاق سان جڏهن آءٌ جِلبوعہ جبل تي هئس، تہ ڏٺم تہ سائول پنهنجي نيزي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي ۽ دشمنن جون جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار سندس پيڇو ڪندا پيا اچن.
7
جڏهن هن منهن ورائي نهاريو تہ مون کي ڏسي سڏ ڪيائين. مون ورندي ڏيئي چيومانس تہ ’اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.‘
8
هن مون کان پڇيو تہ ’تون ڪير آهين؟‘ مون کيس ورندي ڏني تہ ’آءٌ عماليقي آهيان.‘
9
تڏهن هن مون کي چيو تہ ’منهنجي ويجھو اچ ۽ مون کي قتل ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سخت تڪليف ۾ آهيان پر اڃا منهنجو ساهہ نہ ٿو نڪري.‘
10
تڏهن مون سندس ويجھو وڃي کيس قتل ڪيو، ڇوجو مون ڄاتو ٿي تہ ڪري پوڻ کان پوءِ هو جيئرو رهي نہ سگھندو. پوءِ مون سندس مٿي تان تاج ۽ سندس ٻانهن مان ڪنگڻ لاهي ورتو، جيڪي آءٌ هتي پنهنجي آقا وٽ کڻي آيو آهيان.“
11
تڏهن دائود ڏک وچان وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن بہ ائين ئي ڪيو.
12
هنن سائول، سندس پٽ يونتن، خداوند جي لشڪر ۽ سڄي بني اسرائيل لاءِ سوڳ ڪيو ۽ رنا ۽ شام تائين ڪجھہ بہ نہ کاڌائون، ڇاڪاڻ تہ اهي مارجي ويا هئا.
13
تڏهن جنهن جوان ماڻهوءَ اها خبر آندي هئي تنهن کان دائود پڇيو تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ هن جواب ڏنو تہ ”آءٌ عماليقي آهيان، هڪڙي غير ماڻهوءَ جو پٽ.“
14
دائود چيس تہ ”تون خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي قتل ڪرڻ کان ڇو نہ ڊنين؟“
15
پوءِ دائود پنهنجي جوانن مان هڪڙي کي سڏي چيو تہ ”ويجھو وڃي هن ماڻهوءَ تي حملو ڪر.“ سو هن انهيءَ کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.
16
دائود انهيءَ عماليقيءَ کي چوندو رهيو تہ ”تنهنجو خون تنهنجي گردن تي هجي، ڇاڪاڻ تہ تو پاڻ پنهنجي شاهدي ڏيئي چيو آهي تہ ’مون خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي قتل ڪيو آهي.‘“
17
پوءِ دائود سائول ۽ سندس پٽ يونتن جي سوڳ ۾ هي مرثيو ڳايو.
18
هن ماڻهن کي حڪم ڪيو تہ اهو تيرڪمان واري راڳ جي سُرَ ۾ بني يهوداہ کي سيکارين. هي مرثيو پوءِ ”ياشر جو ڪتاب“ ۾ لکيو ويو.
19
”آہ! اي بني اسرائيل! ٻئي سُورهيہ، جيڪي اسان جو شان هئا، سي ڪيئن نہ اسان جي پهاڙن تي شڪست کائي ڪريا آهن!
20
ڪوبہ ماڻهو اها خبر فلستيءَ جي شهر جات ۾ نہ ٻڌائي، نڪي ڪو اسقلون جي گھٽين اندر اها پڌري ڪري، متان فلستين جون ڌيئرون اها ڳالهہ ٻڌي خوشيون ملهائين، هائو، متان اڻطهريلن جون ڌيئرون شادمانا ڪن.
21
اي جِلبوعہ جا جبلؤ! اي موت جا پهاڙؤ! شل اوهان تي نہ ڪڏهن ماڪ پوي نہ وري مينهن وسي، شل نذرانن جي شين واريون نڪي پوکون ئي ٿين، ڇوجو اوهان تي بهادرن جون ڍالون اڇلائي ڦٽو ڪيون ويون. انهن ۾ سائول جي ڍال بہ هئي، افسوس! جنهن تي هاڻي تيل مکڻ وارو ناهي.
22
ڪڏهن تہ يونتن جي ڪمان مان نڪتل تير ۽ سائول جي تلوار زورآور دشمنن جي رت ۽ چرٻيءَ کان سواءِ خالي نہ ٿي موٽيا.
23
سائول ۽ يونتن ڏاڍا وڻندڙ ۽ پيارا هئا، جيئري توڙي مرندي اهي هڪٻئي کان جدا ڪين ٿيا. هو عقابن کان تيز ۽ شينهن کان وڌ طاقتور هئا.
24
اي بني اسرائيل جون ڌيئرؤ! سائول جو سوڳ ڪريو، جنهن اوهان کي نفيس کُهنبا ڪپڙا پهرايا هئا، جنهن سونن زيورن سان اوهان کي سينگاريو هو.
25
آہ! اسان جا سُورهيہ ڪيئن نہ جنگ ۾ مارجي ويا! افسوس! يونتن اسرائيل ملڪ جي پهاڙن تي قتل ٿيو.
26
اي يونتن، منهنجا پيارا ڀاءُ! مون کي تنهنجو ڏاڍو ڏک آهي. تون مون کي ڏاڍو وڻندو هُئين، جڏهن تہ تنهنجي بہ مون سان عجيب الفت هئي، هائو، عورت جي محبت کان بہ وڌ تنهنجي مون سان محبت هئي.
27
افسوس، صد افسوس! اسان جا جنگ جا هٿيار، اسان جا سُورهيہ، ڪيئن نہ شڪست کائي نابود ٿي ويا آهن!“
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24