bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Samuel 10
2 Samuel 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 11 →
1
ڪجھہ عرصي کان پوءِ بني عمون جي بادشاهہ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ حنون سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
2
تڏهن دائود چيو تہ ”آءٌ ناحس جي پٽ حنون سان اهڙي مهربانيءَ سان پيش ايندس، جهڙي مهرباني سندس پيءُ مون سان ڪئي هئي.“ سو دائود پنهنجي قاصدن هٿان سندس پيءُ جي عذرخواهي چوائي موڪلي. جڏهن دائود جا قاصد بني عمون جي ملڪ ۾ اچي پهتا،
3
تڏهن بني عمون جي اڳواڻن پنهنجي آقا حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين ائين سمجھيو ٿا تہ دائود عذرخواهي ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان ڪري رهيو آهي؟ ڇا دائود پنهنجا قاصد اوهان ڏانهن انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن تہ هو شهر جو حال احوال لهي، انهيءَ جي جاسوسي ڪري ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري ڇڏي؟“
4
تڏهن حنون دائود جي قاصدن کي پڪڙي، هر هڪ جي اڌ ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏي. سندن ڪپڙا ويهڪ جي جاءِ تائين ڪپائي پوءِ کين روانو ڪري ڇڏيائين.
5
جڏهن دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هن انهن قاصدن سان ملڻ لاءِ ماڻهو موڪليا. جيئن تہ هو ڏاڍا شرمندا هئا، سو بادشاهہ چوائي موڪلين تہ ”جيستائين اوهان جون ڏاڙهيون نہ وڌن تيستائين اوهين يريحو شهر ۾ ئي ترسي پئو، پوءِ اوهين موٽي اچجو.“
6
جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود سان سندن دشمني ٿي پيئي آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي بيترحوب جي ارامين ۽ ضوباہ جي ارامين مان ويهہ هزار پيادن کي، معڪہ جي بادشاهہ کي هڪ هزار سپاهين سميت ۽ طوب جي ٻارهن هزار ماڻهن کي، ڪرائي تي گھرائي ورتو.
7
دائود جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هن يوآب کي بهادرن جي سڄي لشڪر سميت اوڏانهن موڪلي ڇڏيو.
8
تڏهن بني عمون پنهنجي گاديءَ واري شهر ربہ کان ٻاهر نڪري شهر جي دروازي جي لنگھہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا، جڏهن تہ ضوباہ ۽ رحوب جا ارامي ۽ طوب ۽ معڪہ جا ماڻهو الڳ کُليل ميدان ۾ بيٺل هئا.
9
هاڻي جڏهن يوآب ڏٺو تہ سندس اڳيان توڙي پٺيان هو جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا آهن، تڏهن هن بني اسرائيل جي ڪجھہ مکيہ بهادرن کي چونڊي ڪڍيو ۽ کين ارامين سان وڙهڻ لاءِ سندن سامهون تيار ڪري بيهاريو.
10
باقي ٻيا سڀ ماڻهو هن پنهنجي ڀاءُ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ ڏنا، جنهن انهن کي بني عمون سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سندن سامهون تيار ڪري بيهاريو.
11
پوءِ يوآب پنهنجي ڀاءُ کي چيو تہ ”جيڪڏهن ارامي مون کان ڏاڍا ٿي وڃن تہ تون منهنجي مدد ڪجانءِ، پر جي بني عمون تو کان ڏاڍا ٿي ويا تہ آءٌ اچي تنهنجي مدد ڪندس.
12
تون رڳو همت ٻڌُ، تہ اسين پنهنجي قوم ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون. پوءِ جيئن خداوند کي وڻي تيئن ئي ٿيندو.“
13
تڏهن يوآب ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، سي ارامين سان وڙهڻ لاءِ اڳتي وڌيا، تہ اهي سندن اڳيان وٺي ڀڳا.
14
جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڄي ويا آهن، تڏهن هو بہ ابيشيءَ جي اڳيان وٺي ڀڳا ۽ شهر ۾ گھڙي ويا. پوءِ يوآب بني عمون سان جنگ ڪرڻ کان پوءِ موٽي يروشلم ۾ آيو.
15
جڏهن ارامين ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي هٿان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هو سڀ وري گڏ ٿيا.
16
هددعزر بادشاهہ ماڻهو موڪلي انهن ارامي جنگي جوڌن کي گھرائي ورتو، جيڪي فرات نديءَ جي اوڀر طرف هئا. اهي حلام ۾ هددعزر جي فوج جو سپهہسالار سوبڪ جي هٿ هيٺ اچي گڏ ٿيا.
17
جڏهن دائود کي اها ڳالهہ ٻڌائي ويئي تڏهن هن سڄي بني اسرائيل کي گڏ ڪيو. پوءِ هو اردن درياءُ پار ڪري اوڀر طرف حلام وٽ اچي پهتو. تڏهن ارامين دائود جي سامهون صفون ٻڌيون ۽ ساڻس جنگ ڪيائون.
18
آخرڪار ارامي بني اسرائيل جي اڳيان وٺي ڀڳا. دائود ارامين جا ست سؤ گاڏين وارا ۽ چاليهہ هزار پيادا قتل ڪيا ۽ سندن لشڪر جي سپهہسالار سوبڪ کي اهڙو ڌڪ هنيو جو هو اتي ئي مري ويو.
19
جيڪي ٻيا بادشاهہ هددعزر جي هٿ هيٺ وڙهي رهيا هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هنن صلح ڪيو ۽ تابعداري قبول ڪيائون. سو ارامي بني عمون کي وري مدد ڏيڻ کان ڊڄندا رهيا.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24