bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Samuel 6
2 Samuel 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 7 →
1
دائود هڪڙو ڀيرو وري بني اسرائيل جا ٽيهہ هزار چونڊ جوان گڏ ڪيا.
2
هو انهن سڀني کي ساڻ ڪري يهوداہ جي بعلہ شهر ڏانهن روانو ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ اتان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي، جيڪا قادرِمطلق خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جيڪو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن جي وچ ۾ صندوق تي تختنشين آهي.
3
سو هنن اها صندوق ابينداب جي گھر مان ڪڍي، جيڪو ٽڪريءَ تي اڏيل هو. هنن اها هڪڙي نئين گاڏيءَ تي آڻي رکي. پوءِ ابينداب جا پٽ عُزہ ۽ اخيو انهيءَ نئين گاڏيءَ کي ڪاهي آيا.
4
اخيو صندوق جي اڳيان اڳيان پئي هليو.
5
دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو دڦ، کنجريون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا، جوش وَ خروش سان خداوند جي حضور ۾ نچندا ۽ ڳائيندا پئي هليا.
6
جيئن ئي اهي نڪون نالي هڪ شخص جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ تي پهتا، تہ ڏاندن ٿاٻو کاڌو ۽ عُزہ پنهنجو هٿ ڊگھو ڪري خدا جي عهد واري صندوق کي قابو ڪيو.
7
تڏهن خداوند عُزہ تي بيحد ڪاوڙيو ۽ صندوق جي انهيءَ بيحرمتيءَ ڪرڻ ڪري خدا اتي ئي کيس ماري ڇڏيو. سو هو خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان مري ويو.
8
دائود انهيءَ ڳالهہ جي ڪري سخت ڪاوڙيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند عُزہ کي ماري ڇڏيو. انهيءَ ڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو پرضعُزہ رکيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين سڏبو پيو اچي.
9
انهيءَ ڏينهن دائود خداوند کان ڊڄي ويو ۽ چوڻ لڳو تہ ”هاڻي آءٌ ڪيئن خداوند جي عهد واري صندوق پاڻ سان کڻي وڃي سگھندس؟“
10
سو دائود خداوند جي عهد واري صندوق کي پنهنجي شهر يروشلم ۾ رکڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو، بلڪ رستي کان ڦري اها صندوق عوبيدادوم جاتيءَ جي گھر کڻي ويو
11
۽ اها ٽن مهينن تائين اتي ئي رهي. خداوند عوبيدادوم ۽ سندس سڄي گھراڻي کي برڪت عطا ڪئي.
12
جڏهن دائود بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ عوبيدادوم جي گھراڻي ۽ ساڻس واسطو رکندڙ سڀني شين کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق جي ڪري برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هو ويو ۽ عوبيدادوم جي گھر مان خدا جي عهد واري صندوق خوشيون ملهائيندي پنهنجي شهر يروشلم ۾ کڻي آيو.
13
هيئن ٿيو جو جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا اڃا ڇهہ قدم هليا تہ دائود هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو ٿلهو متارو گابو قربان ڪيو.
14
دائود کي انهيءَ مهل سڻيءَ جو مذهبي وڳو پيل هو ۽ هو خداوند جي حضور ۾ پنهنجي سڄي طاقت سان نچندو پئي هليو.
15
اهڙيءَ طرح دائود ۽ سڄي بني اسرائيل جي ماڻهن خوشيءَ جا نعرا هڻندي ۽ نفيلون وڄائيندي خداوند جي صندوق آندي.
16
جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يروشلم ۾ آئي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن هن دائود بادشاهہ کي خداوند جي حضور ۾ نچندو ٽپندو ڏٺو تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.
17
پوءِ خداوند جي عهد واري صندوق کي اندر آڻي انهيءَ خيمي جي وچ ۾ سندس جاءِ تي رکيو ويو، جيڪو دائود انهيءَ جي لاءِ ئي کوڙيو هو. دائود خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.
18
جڏهن هن اهي قربانيون پيش ڪري بس ڪئي، تڏهن قادرِمطلق خداوند جي نالي سان ماڻهن کي دعا ڪيائين.
19
ان بعد هن بني اسرائيل قوم جي سڄي ميڙ ۾ کاڌو ورهايو ۽ مردن توڙي عورتن مان هر هڪ کي هڪ ماني، گوشت جو هڪڙو ٽڪر ۽ ڪشمش جي هڪ هڪ ٽڪي ڏني. پوءِ هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.
20
انهيءَ کان پوءِ دائود بہ پنهنجي گھر موٽيو تہ جيئن پنهنجي ڪٽنب جي سار سنڀال لهي. تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل جي بادشاهہ اڄ ڪهڙو نہ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي، جو هن پاڻ کي پنهنجي نوڪرن جي ٻانهين جي اڳيان اگھاڙو ڪيو، جيئن ڪو خسيس ماڻهو بيشرم ٿي پاڻ کي اگھاڙو ڪري.“
21
دائود ميڪل کي وراڻيو تہ ”منهنجو اهو حال خداوند جي آڏو هو، جنهن تنهنجي پيءُ ۽ سندس سڄي گھراڻي جي مقابلي ۾ مون کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي مٿان مون کي بادشاهہ مقرر ڪيائين. تنهنڪري آءٌ خداوند جي آڏو ضرور نچندس ٽپندس.
22
بلڪ آءٌ پاڻ کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ حقير ڪندس ۽ پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي گھٽ ڪندس. مگر جن ٻانهين جو تو ذڪر ڪيو آهي تن جي نظر ۾ آءٌ عزت وارو ٿيندس.“
23
سو سائول جي ڌيءَ ميڪل مرڻ گھڙيءَ تائين بياولاد ئي رهي.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24