bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Samuel 9
2 Samuel 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 10 →
1
هڪڙي ڏينهن دائود پڇيو تہ ”ڇا سائول جي گھراڻي مان ڪو باقي بچيو آهي؟ جي آهي، تہ آءٌ انهيءَ تي يونتن جي خاطر مهرباني ڪريان.“
2
تڏهن سائول جي گھراڻي جو هڪڙو ٻانهو جنهن جو نالو ضيبا هو، تنهن کي وٺي دائود وٽ آندو ويو. دائود بادشاهہ انهيءَ کان پڇيو تہ ”ڇا تون ضيبا آهين؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ اوهان جو ٻانهو اهو ئي آهيان.“
3
بادشاهہ وڌيڪ پڇيس تہ ”ڇا سائول جي گھراڻي مان ڪو باقي بچيو آهي تہ آءٌ انهيءَ تي خدا جي نالي مهرباني ڪريان؟“ تنهن تي ضيبا بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”يونتن جو هڪڙو پٽ باقي بچيو آهي، جيڪو ٻنهي ٽنگن کان جڏو آهي.“
4
بادشاهہ پڇيس تہ ”اهو ڪٿي آهي؟“ ضيبا بادشاهہ کي وراڻيو تہ ”اهو لودبار شهر ۾ عميايل جي پٽ مڪير جي گھر ۾ آهي.“
5
تڏهن دائود بادشاهہ ماڻهو موڪلي انهيءَ کي لودبار شهر مان عميايل جي پٽ مڪير جي گھران گھرائي ورتو.
6
جڏهن سائول جو پوٽو، يونتن جو پٽ مفيبوست دائود وٽ اچي پهتو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڪيائين. دائود چيس تہ ”اي مفيبوست!“ هن ورندي ڏنس تہ ”اِجھو، اوهان جو ٻانهو حاضر آهي.“
7
تڏهن دائود چيس تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور تو تي مهرباني ڪندس ۽ تنهنجي ڏاڏي سائول جي سموري زمين تو کي موٽائي ڏيندس. تون هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندين.“
8
تڏهن هن تعظيم ڏيئي چيس تہ ”اوهان جو ٻانهو ڪهڙي شيءِ آهي جو توهين مون جهڙي خسيس ماڻهوءَ تي مهر جي نظر ڪريو؟“
9
پوءِ بادشاهہ سائول جي ٻانهي ضيبا کي سڏي چيو تہ ”سائول ۽ سندس گھراڻي جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، سا مون تنهنجي آقا جي پوٽي کي ڏيئي ڇڏي.
10
سو تون پنهنجي پٽن ۽ نوڪرن سميت هن جي لاءِ زمين آباد ڪري پيداوار کڻي اچي کيس ڏجانء، تہ جيئن تنهنجي آقا جي پوٽي جو گذران ٿئي. باقي تنهنجي آقا جو پوٽو مفيبوست پاڻ هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندو.“ ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.
11
سو ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ”جيڪي بہ منهنجي آقا بادشاهہ پنهنجي ٻانهي کي حڪم ڪيو آهي، اوهان جو ٻانهو سو ئي ڪندو.“ مفيبوست بادشاهہ جي دسترخوان تي ائين ماني کائيندو هو، ڄڻ تہ بادشاهہ جي پٽن مان هڪڙو آهي.
12
مفيبوست کي هڪڙو ننڍڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ميڪا هو. ضيبا جي گھراڻي ۾ رهندڙ سڀيئي ماڻهو مفيبوست جا نوڪر هئا.
13
اهڙيءَ طرح مفيبوست جيڪو ٻنهي پيرن کان منڊڪائيندو هو، سو يروشلم ۾ رهڻ لڳو ۽ هميشہ بادشاهہ جي دسترخوان تي ماني کائيندو هو.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24