bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Samuel 24
2 Samuel 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
1
جڏهن تہ خداوند بني اسرائيل تي وري بہ ڏاڍو ڪاوڙيو. سو هن دائود کي انهن جي خلاف اڀاريو ۽ چيائينس تہ ”وڃي بني يهوداہ ۽ ٻين بني اسرائيل وارن جو شمار ڪر.“
2
تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي لشڪر جي سپهہسالار يوآب کي، جيڪو ساڻس گڏ هو چيو تہ ”تون اتر واري دان شهر کان وٺي ڏکڻ واري بيرسبع شهر تائين سڄي ملڪ ۾ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن وٽ وڃ ۽ جوان مردن جو شمار ڪر تہ مون کي خبر پوي تہ جنگ جي لائق ڪل ڪيترا آهن.“
3
تنهن تي يوآب بادشاهہ کي چيو تہ ” خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل اوهان جا ماڻهو وڌائي. جيترا هينئر آهن تنهن کان شل سؤ ڀيرا زيادہ ٿين ۽ شل منهنجو آقا بادشاهہ اهو ڏسي. پر منهنجي آقا بادشاهہ انهيءَ ڳالهہ جو ارادو ڇو ڪيو آهي؟“
4
تنهن هوندي بہ بادشاهہ جي ڳالهہ يوآب ۽ لشڪر جي سالارن کي مڃڻي پيئي. سو اهي سندس حضور مان نڪري بني اسرائيل جي قوم جو شمار ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا.
5
پوءِ انهن اردن درياءُ پار ڪري عروعير شهر جي ويجھو برساتي نهر جي وچ واري شهر جي ڏاکڻي طرف اچي خيما کوڙيا. اتان ٿيندا جد جي رستي يعزير ڏانهن ويا.
6
پوءِ جِلعاد علائقي ۾ پهتا، جتان تحتيمحتيءَ جي علائقي ۾ آيا. پوءِ هو دانيعن کان ڦيرو ڪري صيدا ڏانهن آيا.
7
ان کان پوءِ ڏکڻ طرف هلندي هو صور جي قلعي کان ٿيندا حوين ۽ ڪنعانين جي سڀني شهرن ۾ آيا. پوءِ اڳتي هلي هو يهوداہ جي بيرسبع تائين اچي پهتا.
8
انهيءَ طرح هو نوَن مهينن ۽ ويهن ڏينهن تائين سڄي ملڪ ۾ گھمڻ کان پوءِ يروشلم ۾ موٽي آيا.
9
تڏهن يوآب جوان مردن جي شمار جو ڪل تعداد بادشاهہ کي ڏنو، جنهن موجب بني يهوداہ ۾ پنج لک ۽ ٻين بني اسرائيل وارن ۾ اٺ لک جنگي جوان موجود هئا.
10
پر ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود جي دل بيچين ٿيڻ لڳي. سو هن خداوند کي چيو تہ ”جيڪي مون ڪيو آهي، سو هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو اٿم. پر هاڻي اي خداوند! آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ مون هي ڏاڍو بيعقليءَ وارو ڪم ڪيو آهي.“
11
سو جڏهن دائود صبح جو اٿيو، ان وقت سندس غيبدان جاد نبيءَ کي خداوند فرمايو تہ
12
”وڃي دائود کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ خداوند تنهنجي اڳيان ٽي آفتون رکان ٿو، انهن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ اها آءٌ تو تي نازل ڪريان.‘“
13
تڏهن جاد دائود وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو فرمان ٻڌايائين. پوءِ کانئس پڇيائين تہ ”ڇا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن سالن تائين ڏڪار پوي؟ يا اوهين ٽن مهينن تائين پنهنجي دشمنن کان ڀڄندا رهو ۽ هو اوهان جو پيڇو ڪندا رهن؟ يا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين وبا جي بيماري پوي؟ هاڻي اوهين دل ۾ ويچار ڪري ٻڌايو تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان؟“
14
دائود جاد کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڏاڍي مصيبت ۾ آهيان. هاڻي اسان جو خداوند جي هٿ ۾ هلي پوڻ ئي بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جون وڏيون رحمتون آهن. آءٌ ماڻهن جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.“
15
تڏهن خداوند صبح کان وٺي مقرر ڪيل وقت تائين بني اسرائيل تي وبا موڪلي، جنهن ۾ دان کان وٺي بيرسبع تائين ستر هزار ماڻهو مري ويا.
16
پر ملائڪ جڏهن يروشلم جي تباهيءَ لاءِ ان ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگھيريو، تڏهن خداوند کي انهن جي مصيبت تي ترس اچي ويو. سو جنهن ملائڪ ماڻهن کي ماريو پئي تنهن کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ ان وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ بيٺو هو.
17
ان دوران دائود جڏهن ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ”ڏس، مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ آءٌ ئي ڏنگي هلت هليو آهيان، پر هنن مسڪينن جو ڪهڙو قصور آهي؟ سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي ئي خلاف ٿئي.“
18
انهيءَ ئي ڏينهن جاد دائود وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”وڃ ۽ وڃي اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙ.“
19
تڏهن دائود جاد جي معرفت خداوند جي ڏنل حڪم موجب اوڏانهن روانو ٿي ويو.
20
اُروناہ جڏهن ڏٺو تہ بادشاهہ پنهنجي نوڪرن سميت ڏانهس اچي رهيو آهي، تڏهن هو ٻاهر نڪري آيو ۽ بادشاهہ جي اڳيان منهن زمين تي رکي کيس تعظيم ڏنائين.
21
پوءِ اُروناہ چوڻ لڳو تہ ”منهنجو آقا بادشاهہ پنهنجي ٻانهي وٽ ڪيئن آيو آهي؟“ دائود وراڻيس تہ ”آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ تو کان اَن ڳاهڻ وارو پِڙ خريد ڪريان ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيان، تہ جيئن خلق تان وبا ٽري وڃي.“
22
تڏهن اُروناہ دائود کي چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! ڀلي وٺو ۽ جيڪي اوهان کي وڻي سو قربان ڪريو. ڏسو، ساڙڻ واري قربانيءَ جي لاءِ ڏاند ۽ ٻارڻ لاءِ ڳاهڻ جا اوزار ۽ ڏاندن جون پاڃاريون حاضر آهن.“
23
اُروناہ وڌيڪ چيس تہ ”اي بادشاهہ! اهي سڀ مون اوهان بادشاهہ کي ڏيئي ڇڏيا. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل اوهان سان راضي ٿئي.“
24
تنهن تي بادشاهہ اُروناہ کي چيو تہ ”ائين نہ ٿيندو، بلڪ آءٌ مُلهہ ڏيئي اهي تو کان خريد ڪندس. آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اهڙيون ساڙڻ واريون قربانيون پيش نہ ڪندس، جن لاءِ مون ڪجھہ بہ خرچ نہ ڪيو هجي.“ سو دائود اَن ڳاهڻ وارو اهو پِڙ ۽ ڏاند چانديءَ جي پنجاهہ سڪن ۾ خريد ڪيا.
25
پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ملڪ جي لاءِ دعا ٻڌي ۽ بني اسرائيل قوم تان اها وبا ٽري ويئي.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24