bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Samuel 4
2 Samuel 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 5 →
1
جڏهن سائول جي پٽ اشبوست ٻڌو تہ ابنير حبرون ۾ مارجي ويو آهي، تڏهن هن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا ۽ سڀيئي بني اسرائيل جيڪي وٽس هئا سي پريشان ٿي ويا.
2
اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جيڪي لشڪرن جا سالار هئا، هڪڙي جو نالو بعنہ ۽ ٻئي جو ريڪاب هو. اهي ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جيڪو بنيامين قبيلي مان هو. ان وقت بيروت شهر کي بنيامين قبيلي جو حصو شمار ٿي ڪيو ويو.
3
بيروت جا اصل رهاڪو جتيم شهر ڏانهن ڀڄي ويا هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين اتي ڌاريا ٿي رهندا پيا اچن.
4
سائول جي ٻئي پٽ يونتن کي هڪڙو منڊو پٽ هو، جنهن جو نالو مفيبوست هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي مرڻ جي خبر يزرعيل شهر ۾ پهتي هئي تہ ان وقت هو پنجن سالن جو هو. تڏهن سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي هئي ۽ جيئن ئي هوءَ تڪڙي ٿي ڊوڙي تيئن هو ڪري پيو ۽ ٻنهي ٽنگن کان منڊو ٿي پيو هو.
5
هاڻي رمون بيروتيءَ جا پٽ ريڪاب ۽ بعنہ اشبوست جي گھر ڏانهن روانا ٿيا ۽ ڏينهن تتي مهل جڏهن اشبوست منجھند جو آرام ۾ هو تڏهن سندس گھر اچي پهتا.
6
اتي هو ڪڻڪ وٺڻ جي بهاني سندس گھر ۾ اندر گھڙي آيا. ان وقت اشبوست پنهنجي ڪمري ۾ پلنگ تي ستو پيو هو، تہ کيس ڌڪ هڻي ماري وڌائون. پوءِ سندس سسي لاهي، اها کڻي ٻيئي ڀائر اتان ڀڄي نڪتا. هو سڄي رات ميدان واري رستي پنڌ ڪندا رهيا.
8
هنن اشبوست جي سسي حبرون شهر ۾ دائود بادشاهہ وٽ آندي ۽ کيس چيائون تہ ”اِجھا، هيءَ اشبوست جي سسي آهي، جيڪو توهان جي دشمن سائول جو پٽ هو، جنهن توهان کي مارڻ ٿي گھريو. اڄ خداوند اسان جي آقا بادشاهہ جو وير سائول ۽ سندس اولاد کان ورتو آهي.“
9
تڏهن دائود ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ کي چيو تہ ”زندہ خداوند جو قسم، جنهن منهنجي روح کي سڀني تڪليفن کان بچايو آهي،
10
تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ سائول مري ويو آهي ۽ هن سمجھيو ٿي تہ مون وٽ ڪا خوشخبري آندي اٿس، تڏهن مون هن کي پڪڙي صِقلاج شهر ۾ قتل ڪري ڇڏيو. سندس انهيءَ خوشخبريءَ جو مون کيس اهو ئي بدلو ڏنو.
11
تہ پوءِ جڏهن ڪن بدڪار ماڻهن، جن هڪڙي بيگناهہ ماڻهوءَ کي هن جي گھر ۾ گھڙي سندس پلنگ تي ماريو آهي، تن کي ڪيترو نہ وڌيڪ بدلو ڏيان. هاڻي ڇا آءٌ انهيءَ جي خون جو بدلو اوهان کان نہ وٺان؟ ڇا اوهان کي زمين تان نيست وَ نابود نہ ڪري ڇڏيان؟“
12
پوءِ دائود پنهنجي جوانن کي حڪم ڏنو ۽ انهن هنن ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيو. سندن هٿ پير وڍي، حبرون جي ڍنڍ جي پاسي ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. پر هنن اشبوست جي سسي کڻي حبرون ۾ انهيءَ هنڌ پوري ڇڏي، جتي ابنير دفن ٿيل هو.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24