bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Samuel 5
2 Samuel 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 6 →
1
تنهن کان پوءِ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ماڻهو حبرون ۾ دائود وٽ آيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ ”ڏس، اسين تنهنجو هڏ رت آهيون.
2
گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جو بادشاهہ هو، تڏهن بہ تون ئي جنگين ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندو هئين. تڏهن خداوند تو کي چيو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ انهن جو بادشاهہ ٿيندين.‘“
3
تڏهن دائود اتي خداوند جي آڏو حلف کنيو ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي اڳواڻ جيڪي حبرون ۾ آيا هئا، تن دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.
4
دائود جي عمر ان وقت ٽيهہ سال هئي جڏهن هو بادشاهہ ٿيو. هن چاليهہ سال بادشاهي ڪئي.
5
هن حبرون ۾ يهوداہ تي ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي ۽ يروشلم ۾ سڄي بني اسرائيل ۽ يهوداہ تي ٽيٽيهہ سال بادشاهي ڪيائين.
6
پوءِ دائود بادشاهہ پنهنجي ماڻهن سميت يروشلم جي قبضي ڪرڻ لاءِ يبوسين ڏانهن چڙهائي ڪري ويو، جيڪي اتي رهندا هئا. هنن دائود کي چيو تہ ”تون هتي اندر اچي ڪين سگھندين، هتان جا تہ انڌا ۽ منڊا ئي تو کي داخل ٿيڻ ڪونہ ڏيندا.“ هنن سمجھيو ٿي تہ دائود اتي اچي ڪين سگھندو.
7
انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو اهو مضبوط قلعو يعني يروشلم قبضي ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ” دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.
8
دائود انهيءَ ڏينهن چيو تہ ”جيڪو بہ يبوسين کي مارڻ وڃي سو ڀلي تہ هيٺان نهر جي رستي چڙهي اندر وڃي انهن انڌن ۽ منڊن کي ماري، جيڪي منهنجي جان جا دشمن آهن.“ انهيءَ سبب اها چوڻي مشهور ٿي تہ ”انڌا ۽ منڊا گھر ۾ اچي ڪين سگھندا.“
9
پوءِ دائود انهيءَ شهر يروشلم ۾ رهڻ لڳو ۽ انهيءَ جو نالو ” دائود جو شهر“ رکيائين. هن دڙي جي چوڌاري ڀت تائين انهيءَ شهر کي وڌايو.
10
دائود جيئن پوءِ تيئن زور وٺندو ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند قادرِمطلق خدا ساڻس هو.
11
صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، جن سان گڏ ديال جو ڪاٺ، واڍا ۽ رازا بہ موڪليائين. انهن دائود جي لاءِ هڪڙو محل جوڙيو.
12
تڏهن دائود کي پڪ ٿي تہ ” خداوند مون کي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ طور قائم ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي بادشاهيءَ کي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خاطر سرفراز ڪيو اٿس.“
13
حبرون مان اچڻ کان پوءِ دائود يروشلم ۾ پنهنجي لاءِ ڪيتريون ئي سريتون رکيون ۽ زالون پرڻيو، جن مان کيس وڌيڪ پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون.
14
جيڪي ٻار هن کي يروشلم ۾ ڄاوا تن جا نالا هي هئا: سموعہ، سوباب، ناتن، سليمان ،
15
ابحار، السوع، نفج، يفيعہ،
16
اليسمع، اليدع ۽ اليفلط.
17
فلستين جڏهن ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻايو اٿن، تڏهن سڀ فلستي گڏجي دائود کي ڳولي پڪڙڻ لاءِ نڪتا. دائود کي جڏهن اها خبر پيئي تہ هو قدرتي طور ٺهيل هڪڙي قلعي ۾ لهي ويو.
18
فلستي اچي رفائين جي ماٿريءَ ۾ پهچي اُتي رهي پيا.
19
تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ فلستين تي چڙهائي ڪريان؟ ڇا تون انهن کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندين؟“ خداوند دائود کي وراڻيو تہ ”ڀلي چڙهائي ڪري وڃ. آءٌ فلستين کي ضرور تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.“
20
سو دائود هڪڙي هنڌ تي آيو ۽ اتي فلستين کي شڪست ڏنائين. تڏهن دائود چوڻ لڳو تہ ” خداوند منهنجي دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي، جيئن اوچتو پاڻيءَ جو بند ڀڄي پوندو آهي.“ انهيءَ سبب ئي انهيءَ هنڌ جو نالو بعلپراضيم پئجي ويو.
21
فلستي پنهنجا بت اتي ئي ڇڏي ڀڄي ويا هئا. دائود ۽ سندس ماڻهو اهي کڻي آيا.
22
پوءِ فلستي هڪ دفعو وري چڙهائي ڪري آيا ۽ رفائين جي ماٿريءَ ۾ رهي پيا.
23
سو جڏهن دائود خداوند کان پڇا ڪئي، تہ انهيءَ کيس وراڻيو تہ ”تون مٿن هتان چڙهائي نہ ڪر، بلڪ سندن پٺيان گھيرو ڪري توتن جي وڻن جي سامهون اچي مٿن حملو ڪر.
24
پر جڏهن تون توتن جي وڻن جي چوٽين تي قدمن جو آواز ٻڌين، تڏهن ئي تون حملو ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت آءٌ خداوند تنهنجي اڳيان فلستين جي لشڪر کي مارڻ لاءِ نڪري ايندس.“
25
سو دائود ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو. اهڙيءَ طرح هو جِبع کان وٺي جزر تائين فلستين کي ماريندو ويو.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24