bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Samuel 23
2 Samuel 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 24 →
1
يسيءَ جو پٽ دائود ، جنهن تي بني اسرائيل جي قادر خدا مِهر ڪري کيس سربلند ڪيو آهي ۽ مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو اٿس، تنهن پنهنجيون آخري ڳالهيون ڪندي چيو تہ
2
” خداوند جي روح منهنجي معرفت ڳالهايو، هائو، هن جو ئي فرمان منهنجي زبان تي آهي.
3
بني اسرائيل جو خدا جيڪو اسان جو محافظ آهي، تنهن مون کي هي فرمايو آهي تہ ’جيڪو بادشاهہ سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، ۽ مون خدا کان ڊڄندي بادشاهي ڪري ٿو،
4
سو صبح جي انهيءَ روشنيءَ مثل آهي، جيڪا سج اڀرڻ مهل بنا ڪڪر جي ظاهر ٿئي ٿي، يا جيڪا روشني مينهن بعد ڌرتيءَ جي نرم گاهہ تي پيل ڦڙن کي چمڪائي ٿي.‘
5
مون دائود جي گھراڻي جي بادشاهي خداوند آڏو اهڙي ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان دائمي عهد ٻڌو آهي. هائو، اهڙو عهد ٻڌو اٿس جيڪو هر ڳالهہ ۾ مڪمل، مستحڪم ۽ محفوظ آهي. سو منهنجو مڪمل بچاءُ ۽ منهنجي پوري مراد اهو ئي آهي، ۽ بيشڪ خداوند اهو عهد پورو ڪندو.
6
پر بدڪار ماڻهو اهڙن نقصانڪار ڪنڊن جيان آهن، جن کي هٿن سان کڻي نہ ٿو سگھجي.
7
سو جيڪو بہ شخص انهن کي برباد ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن کي لوهہ جي لٺ يا نيزو استعمال ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي انهن کي باهہ اندر اڇلائي ساڙي سگھبو.“
8
دائود وٽ جيڪي بهادر سپاهي هئا، تن مان ٽن جا نالا هي آهن: يوشيببشيبت تحڪموني، جيڪو ”ٽن جو ٽولو“ جي وڏن بهادرن مان مکيہ بهادر هو، جنهن نيزو کڻي هڪڙي ئي مقابلي ۾ اٺ سؤ ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا هئا.
9
انهيءَ کان پوءِ ٻيو بهادر اليعزر ولد دودو هو، جيڪو اخوحي گھراڻي جو هو. انهن ”ٽن جو ٽولو“ جي بهادرن مان هن دائود سان گڏجي جنگ لاءِ گڏ ٿيل فلستين کي للڪاريو هو. جيتوڻيڪ دائود جو ٻيو سڄو لشڪر ڀڄي ويو هو،
10
تنهن هوندي بہ اليعزر ميدان ۾ لهي ايترا تہ فلستي ماريا جو هن جو هٿ ٿڪجي پيو ۽ تلوار سندس هٿ سان چنبڙي پيئي. انهيءَ ڏينهن خداوند کين وڏي فتح ڏني. پوءِ دائود جو لشڪر رڳو ڦرلُٽ ڪرڻ لاءِ موٽي اليعزر وٽ آيو.
11
انهن ”ٽن جو ٽولو“ مان ٽيون بهادر سمہ ولد اجي هراري هو. جنهن وقت فلستين جو لشڪر هڪڙي هنڌ اچي گڏ ٿيو، جتي ٻنيءَ جي هڪڙي ٽڪري ۾ مُهريءَ جي دال جي پوک بيٺل هئي ۽ دائود جو لشڪر فلستين کي ڏسي اتان ڀڄي ويو هو،
12
تڏهن سمہ پوک کي بچائڻ لاءِ ان جي وچ ۾ ٿي بيهي رهيو ۽ فلستين کي قتل ڪري ڇڏيائين. خداوند کيس وڏي فتح بخشي.
13
لاباري جي شروعات واري موسم ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ ۾ شامل اهي ٽيئي وڏا بهادر عدلام جي غار ۾ دائود وٽ آيا، جڏهن تہ فلستين جو لشڪر رفائين جي ماٿريءَ ۾ خيما کوڙي رهي پيو هو.
14
دائود انهيءَ مهل قدرتي ٺهيل قلعي ۾ هو، جڏهن تہ بيتلحم تي فلستين جا سپاهي قبضو ڪيو بيٺا هئا.
15
تڏهن دائود وطن جي سڪ مان آهہ ڀريندي چيو تہ ”ڪاش! ڪو مون کي بيتلحم جي کوهہ، جيڪو دروازي جي ڀرسان آهي تنهن مان پاڻي پيئاري.“
16
تنهن تي اهي ٽيئي بهادر فلستي لشڪر جي خيميگاهہ جي وچان هوشياريءَ سان لنگھي وڃي بيتلحم جي دروازي واري کوهہ مان پاڻي ڀري دائود وٽ کڻي آيا. پر دائود اهو پيئڻ نہ گھريو بلڪ اهو خداوند جي حضور ۾ نذراني طور هاري ڇڏيائين.
17
پاڻي هاريندي هن چيو تہ ”اي خداوند! ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو جو آءٌ اهو پيئان؟ اهو تہ انهن ماڻهن جي رت پيئڻ جي مثال آهي، جيڪي پنهنجيون جانيون خطري ۾ وجھي اهو کڻي آيا آهن.“ سو هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي وڏن بهادرن جا اهي ئي ڪارناما هئا.
18
انهن ”ٽيهن جو ٽولو“ جي بهادرن مٿان يوآب جو ڀاءُ ابيشي اڳواڻ هو، جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي. هن پنهنجي نيزي سان ٽي سؤ ماڻهن تي ڪاهہ ڪري کين قتل ڪيو ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ وارن بهادرن جهڙو نالي وارو ٿيو.
19
هو انهن ”ٽيهن جو ٽولو“ ۾ وڌيڪ معزز هو، تڏهن ئي سندن اڳواڻ ٿيو. انهيءَ هوندي بہ هو پهرئين ”ٽن جو ٽولو“ جي رتبي کي نہ پهتو.
20
انهيءَ کان علاوہ بناياہ ولد يهويدع هو، جيڪو قبضيل نالي شهر جو بهادر شخص هو، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا. هن موآب جي ٻن بهادرن کي قتل ڪيو ۽ برف پوندڙ ڏينهن ۾ هڪڙيءَ کڏ ۾ لهي هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو هئائين.
21
هن مصر جي هڪڙي قداور ماڻهوءَ کي بہ قتل ڪيو. جيتوڻيڪ انهيءَ مصريءَ جي هٿ ۾ هڪڙو نيزو بہ هو، تڏهن بہ بناياہ لٺ کڻي مٿس ڪاهہ ڪئي ۽ مصريءَ جي هٿ مان نيزو کسي، سندس ئي نيزي سان کيس قتل ڪري ڇڏيائين.
22
اهڙا ئي بهادريءَ وارا ڪم بناياہ ولد يهويدع ڪيا ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ جي وڏن بهادرن جهڙو نالو ڪڍيائين.
23
هو ”ٽيهن جو ٽولو“ ۾ وڏي نالي وارو هو، مگر پهرئين ”ٽن جو ٽولو“ جي وڏن بهادرن جي رتبي کي نہ پهتو. دائود انهيءَ کي پنهنجي ذاتي محافظن تي نگران مقرر ڪيو.
24
”ٽيهن جو ٽولو“ وارن بهادرن ۾ هي شامل هئا: يوآب جو ڀاءُ عساهيل، بيتلحم کان الحنان ولد دودو،
25
سمہ حرودي، القہ حرودي،
26
خلص فلطي، عيرا ولد عقيس تقوعي،
27
ابيعزر عنتوتي، مبوني حوساتي،
28
ضلمون اخوحي، مهري نطوفاتي،
29
حلب ولد بعنہ نطوفاتي، اِتي ولد ريبي جيڪو بنيامين جي علائقي جِبعت جو هو،
30
بناياہ فرعاتوني، هدي جيڪو جعس جي برساتي نهرن واري علائقي جو ويٺل هو،
31
ابيعلبون عرباتي، عزماوت برحومي،
32
اليحبہ سعلبوني، يسين جا پٽ، يونتن،
33
سمہ هراري، اخيآم ولد سرار هراري،
34
اليفلط ولد احسبي جيڪو معڪاتي شهر وارن جو اولاد هو، اليعام ولد اخيتفل جِلوني،
35
حصرو ڪرملي، فعري اربي،
36
اجال ولد ناتن ضوباہ شهر وارو، باني جدي،
37
صلق عموني، نحري بيروتي جيڪو دائود جي ڀيڻ ضروياہ جي پٽ يوآب جو هٿياربردار هو،
38
عيرا اتري، جاريب اتري
39
۽ اورياہ حتي. انهن ”ٽيهن جو ٽولو“ ۾ ڪل ستٽيهہ ڄڻا هئا.
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24