bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Samuel 20
2 Samuel 20
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 21 →
1
اتفاق سان بنيامين قبيلي جو هڪڙو خبيث ماڻهو سبع ولد بڪري اتي جِلجال ۾ هو. انهيءَ نفيل وڄائي رڙ ڪري چيو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود ۾ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري هاڻ هن سان ڪو اسان جو واسطو آهي. تنهنڪري اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هلون.“
2
تڏهن اهي سڀيئي ماڻهو دائود کي ڇڏي سبع جي پٺيان لڳي پيا. پر بني يهوداہ جا ماڻهو اردن درياءَ کان وٺي يروشلم تائين پنهنجي بادشاهہ سان گڏ آيا.
3
دائود جڏهن يروشلم ۾ پنهنجي محلات ۾ آيو، تڏهن هن پنهنجي انهن ڏهن سريتن، جن کي هو محلات جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو هو، تن کي هڪڙي گھر ۾ کڻي بند ڪيو. هن انهن جي کاڌي خوراڪ جو انتظام ڪري ڇڏيو، پر ساڻن همبستر نہ ٿيو. اهڙيءَ طرح اهي مرڻ گھڙيءَ تائين بند رهيون ۽ رننزالن جهڙي زندگي گذارينديون رهيون.
4
تڏهن بادشاهہ پنهنجي سپهہسالار عماسا کي چيو تہ ”ٽن ڏينهن جي اندر مون وٽ بني يهوداہ جا جوان مرد آڻي گڏ ڪر ۽ تون پاڻ بہ حاضر ٿج.“
5
سو عماسا بني يهوداہ جي جوان مردن کي آڻي گڏ ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو. پر جيڪو وقت سندس لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، تنهن کان وڌيڪ وقت لڳي ويس.
6
تڏهن دائود ابيشيءَ کي چيو تہ ”سبع ولد بڪري اسان کي ابيسلوم کان بہ وڌيڪ نقصان پهچائيندو. سو تون منهنجو لشڪر وٺي انهيءَ جي پٺيان ڪاهي پئُہ، متان هو قلعي وارا شهر هٿ ڪري ۽ اسان کان بچي وڃي.“
7
تڏهن يوآب جا محافظ، شاهي محافظ ۽ سڀيئي بهادر ماڻهو ابيشيءَ سان گڏ يروشلم مان نڪري سبع ولد بڪريءَ جي پٺيان ڪاهي پيا.
8
جڏهن اهي انهيءَ وڏي پٿر وٽ پهتا جيڪو جِبعون ۾ آهي، تڏهن عماسا انهن سان ملڻ لاءِ آيو. يوآب کي ان وقت جنگ واري پوشاڪ پهريل هئي، جنهن جي مٿان هڪڙو ڪمربند چيلهہ سان ٻڌل هئس ۽ انهيءَ سان هڪڙي تلوار مياڻ ۾ پيل هئي. جيئن ئي هو اڳتي وڌيو تہ اها مياڻ مان نڪري زمين تي اچي ڪري.
9
يوآب عماسا کي چيو تہ ”اي منهنجا ڀاءُ! تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟“ پوءِ يوآب عماسا کي ساڄي هٿ سان ڏاڙهيءَ کان جھلي کيس چمي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو.
10
پر عماسا انهيءَ تلوار ڏانهن ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو جيڪا يوآب وري کڻي ڪري کاٻي هٿ ۾ جھلي. تڏهن هن اها عماسا جي پيٽ ۾ اهڙي تہ لنگھائي جو سندس آنڊا نڪري زمين تي اچي ڪريا. هو هڪدم مري ويو، سو يوآب مٿس ٻيو وار نہ ڪيو. پوءِ يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشيءَ، سبع جو پيڇو جاري رکيو.
11
يوآب جي محافظن مان هڪڙو عماسا جي لاش وٽ ٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”جيڪو يوآب سان راضي آهي ۽ جيڪو دائود جي پاسي آهي، سو يوآب جي پٺيان لڳي پئي.“
12
جيئن تہ عماسا جو رت ۾ ٻڏل لاش رستي جي وچ ۾ پيو هو، سو انهيءَ محافظ ڏٺو تہ سڀ ماڻهو ماٺ ڪيو بيٺا آهن ۽ جيڪو بہ انهيءَ هنڌ وٽ آيو ٿي سو بہ ماٺ ڪري اچي بيهندو ٿي ويو. تڏهن هو عماسا جي لاش کي رستي کان هٽائي پاسي ڏانهن گهلي ويو ۽ انهيءَ جي مٿان ڪپڙو وجھي ڇڏيائين.
13
جڏهن لاش رستي تان هٽايو ويو تڏهن سڀيئي ماڻهو سبع جو پيڇو ڪرڻ لاءِ يوآب جي پٺيان روانا ٿيا.
14
سبع ولد بڪريءَ ٻين بني اسرائيل وارن جي سڀني قبيلن جي علائقن وچان لنگھندو بيتمعڪہ واري ابيل شهر وٽ آيو ۽ سندس سڄي گھراڻي وارا ڪٺا ٿي سندس پٺيان شهر ۾ آيا.
15
سو يوآب جي لشڪر بيتمعڪہ جي ابيل شهر ۾ سبع کي اچي گھيرو ڪيو. هنن شهر جي سامهون هڪڙو وڏو دِڪو ٻڌو، جيڪو چاڙهيءَ جي صورت ۾ وڃي قلعي جي ڀت سان ٿي لڳو. پوءِ سڀ ماڻهو قلعي جي ڀت کي ڪيرائڻ لاءِ ڀت کي ڌڪ هڻڻ لڳا.
16
تڏهن شهر مان هڪڙي عقلمند عورت رڙ ڪري چوڻ لڳي تہ ”ڪن ڏيئي ٻڌو. اوهين يوآب کي چئو تہ هو هيڏي منهنجي ويجھو اچي جو آءٌ ساڻس ڪجھہ ڳالهائينديس.“
17
سو يوآب انهيءَ عورت جي ويجھو آيو. عورت پڇيس تہ ”ڇا تون ئي يوآب آهين؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ ئي آهيان.“ تڏهن عورت چيس تہ ”پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ ٻڌ.“ هن وراڻيس تہ ”آءٌ ٻڌان ٿو.“
18
تڏهن اها عورت چوڻ لڳي تہ ”اڳئين زماني ۾ ائين چيو ويندو هو تہ ’وڃي ابيل شهر مان صلاح مصلحت وٺو،‘ اهڙيءَ طرح ڳالهہ جو فيصلو ٿيندو هو.
19
اسين هن شهر وارا سڄي بني اسرائيل ۾ صلح پسند ۽ ديانتدار آهيون ۽ تون وري اسان جو ئي شهر جيڪو بني اسرائيل ۾ هڪڙي ماءُ جي حيثيت ٿو رکي تنهن کي برباد ڪرڻ ٿو گھرين! تون ڇو خداوند جي ميراث کي ڳڙڪائڻ ٿو چاهين؟“
20
يوآب ورندي ڏيئي چيس تہ ”هرگز نہ! خدا نہ ڪري جو آءٌ ائين ڪريان ۽ هن شهر کي برباد ڪريان.
21
حقيقت ائين ناهي، بلڪ افرائيم جي جابلو علائقي جو هڪڙو ماڻهو، جنهن جو نالو سبع ولد بڪري آهي، تنهن دائود بادشاهہ جي خلاف بغاوت ڪئي آهي. سو اوهين رڳو اهو منهنجي حوالي ڪريو تہ آءٌ شهر کان هليو ويندس.“ تڏهن انهيءَ عورت يوآب کي چيو تہ ”ڏس، انهيءَ جي سسي ڀت تان اڇلائي تو کي ڏني ويندي.“
22
اها عورت پنهنجي سياڻپ واري صلاح سڀني ماڻهن وٽ کڻي ويئي ۽ هنن سبع جي سسي وڍي ٻاهر يوآب کي اڇلائي ڏني. تڏهن يوآب نفيل وڄرائي ۽ سندس سڀيئي ماڻهو شهر وٽان ٽڙي پکڙي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽڻ لڳا. پوءِ يوآب بہ موٽي يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ آيو.
23
يوآب بني اسرائيل جي سڄي لشڪر جو سپهہسالار هو. بناياہ ولد يهويدع شاهي محافظن جو سالار هو.
24
ادورام بيگارين جو نگران هو ۽ يهوسفط ولد اخيلود شاهي منتظم هو.
25
سوا شاهي محرر هو ۽ صدوق ۽ ابيياتر ڪاهن هئا.
26
ان کان علاوہ يائر گھراڻي جو عيرا پڻ دائود جو هڪڙو ڪاهن هو.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24