bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Samuel 2
2 Samuel 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 3 →
1
تنهن کان پوءِ دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ هليو وڃان؟“ خداوند چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ دائود وري پڇيو تہ ”ڪيڏانهن وڃان؟“ خداوند وراڻيس تہ ”حبرون ڏانهن.“
2
تڏهن دائود پنهنجي ٻنهي زالن اخينوعم، جا يزرعيل شهر جي هئي ۽ ٻي ابيجيل، جا نابال ڪرمليءَ جي بيوہ هئي، تن کي ساڻ ڪري اوڏانهن ويو.
3
جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن مان هر هڪ کي سندس گھراڻي سميت دائود حبرون شهر ۾ وٺي آيو ۽ اهي شهر ۾ ۽ ان جي آسپاس رهڻ لڳا.
4
پوءِ يهوداہ جا ماڻهو حبرون ۾ آيا ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري کيس يهوداہ جي قبيلي مٿان بادشاهہ بڻايو. جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن ئي سائول کي دفن ڪيو هو،
5
تڏهن هن يبيس جي ماڻهن ڏانهن قاصد موڪليا. کين چوائي موڪليائين تہ ” خداوند شل اوهان کي برڪت وارو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي آقا سائول تي اها مهرباني ڪئي جو کيس دفن ڪيو اٿوَ.
6
هاڻي شل خداوند اوهان کي مهربانيءَ ۽ وفاداريءَ جو اجر ڏئي. انهيءَ ڪم ڪرڻ ڪري اوهان کي آءٌ بہ انهيءَ نيڪيءَ جو عيوض ڏيندس.
7
سو هاڻي اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو آقا سائول مري ويو آهي ۽ يهوداہ جي قبيلي مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻايو آهي.“
8
هوڏانهن سائول جو سپهہسالار ابنير ولد نير سائول جي پٽ اشبوست کي ساڻ ڪري ڀڄي وڃي اردن درياءَ جي اوڀر واري شهر محنايم ۾ آيو.
9
اتي جِلعاد، آشر، يزرعيل، افرائيم ۽ بنيامين جي علائقن بلڪ بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جي باقي علائقن جي مٿان کيس بادشاهہ بڻايائين.
10
سائول جي پٽ اشبوست کي جڏهن بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر چاليهہ سال هئي ۽ هن ٻہ سال بادشاهي ڪئي. پر يهوداہ جي قبيلي دائود جي پيروي ڪئي.
11
دائود حبرون ۾ يهوداہ جي قبيلي جي مٿان ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي.
12
ابنير ولد نير ۽ سائول جي پٽ اشبوست جا چونڊ ماڻهو محنايم شهر مان نڪري جِبعون ڏانهن ويا.
13
هيڏانهن يوآب، جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو دائود جي ٻين چونڊ ماڻهن سان گڏ نڪري آيو. اهي ٻئي ٽولا جِبعون واري پهاڙي کوهہ وٽ اچي مليا. پوءِ هڪڙو ٽولو کوهہ جي هڪڙي پاسي رهي پيو ۽ ٻيو ٽولو ٻئي پاسي.
14
تڏهن ابنير يوآب کي چيو تہ ”ڪجھہ جوانن کي ڪڍ تہ اهي اسان جي اڳيان دوبدو مقابلو ڪن.“ يوآب وراڻيس تہ ”ڀلي ڪن.“
15
تڏهن ٻارهن ماڻهو بنيامين ۽ اشبوست ولد سائول جي طرفان ۽ ٻارهن ماڻهو دائود جي چونڊ ماڻهن مان نڪري آيا.
16
انهن مان هر هڪ پنهنجي سامهون ٿيندڙ کي منڍيءَ کان جھلي پنهنجي تلوار انهيءَ جي پاسي ۾ لنگھائي ڏني، تہ اهي چوويهہ ئي ڄڻا هڪ ئي وقت ڪري پيا. تنهنڪري جِبعون واري انهيءَ جاءِ کي حلقتهصوريم جو نالو ڏنو ويو.
17
پوءِ انهيءَ ڏينهن ڏاڍي سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ ابنير ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن دائود جي ماڻهن هٿان شڪست کاڌي.
18
ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ابيشي ۽ عساهيل اتي هئا. عساهيل ڊوڙڻ ۾ اهڙو تہ تکو هو جهڙو جھنگلي هرڻ.
19
سو عساهيل ابنير جي پٺيان پيو ۽ بنا ڪيڏانهن مڙڻ جي سندس پيڇو ڪندو رهيو.
20
تڏهن ابنير پٺتي نهاري چوڻ لڳو تہ ”عساهيل! اهو تون آهين ڇا؟“ هن ورندي ڏنس تہ ”هائو، اهو آءٌ آهيان.“
21
ابنير چيس تہ ”مون کان پاسو ڪر ۽ جوانن مان ڪنهن کي پڪڙي وڃي سندس هٿيار هٿ ڪر.“ پر عساهيل هن جو پيڇو ڪرڻ کان ڪين مڙيو.
22
تڏهن ابنير وري عساهيل کي خبردار ڪندي چيو تہ ”منهنجي پٺيان نہ اچ، ٻئي پاسي وڃ. تون مون کي ڇو ٿو مجبور ڪرين جو آءٌ تو کي ماري زمين تي ڪيرائي وجھان؟ پوءِ آءٌ تنهنجي ڀاءُ يوآب جي اڳيان ڪيئن منهن مٿي کڻي سگھندس؟“
23
پر عساهيل سندس پيڇو ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. تڏهن ابنير نيزي جي پٺئين ڇيڙي سان هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيو جو نيزو منجھانئس لنگھي پٺيان نڪري ويو. هو اتي ئي ڪري پيو ۽ مري ويو. پوءِ جنهن هنڌ عساهيل مئو پيو هو، انهيءَ هنڌ جيڪي ماڻهو ايندا ٿي ويا سي ماٺ ڪري بيهندا ٿي ويا.
24
پر يوآب ۽ ابيشي ابنير جي پٺيان پيا. هو سج لٿي اچي امہ جي ٽڪر وٽ پهتا، جيڪو جِبعون جي بيابان واري رستي تي جياح هنڌ جي اوڀر ۾ آهي.
25
هوڏانهن بنيامين قبيلي جا ماڻهو ابنير سان اچي مليا ۽ هڪ ٽولي ٿي هڪڙي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي بيهي رهيا.
26
تڏهن ابنير يوآب کي سڏي چيو تہ ”ڇا تلوار هميشہ تائين پيئي ڪُهندي رهي؟ ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ انهيءَ جو انجام تلخي ئي نڪرندو؟ پوءِ ڪيستائين تون ماڻهن کي منع نہ ڪندين تہ هو پنهنجن ڀائرن جو پيڇو ڪرڻ ڇڏي ڏين؟“
27
يوآب چيو تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ جيڪڏهن تون ايترو نہ چوين ها تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جو صبح ٿيڻ تائين پيڇو ڪندو رهي ها.“
28
پوءِ يوآب نفيل وڄائي تہ يهوداہ جا سڀيئي ماڻهو بس ڪري بيهي رهيا ۽ وڌيڪ ٻين بني اسرائيل وارن جي پٺيان نہ پيا ۽ نہ وري انهن سان وڙهيا.
29
ابنير ۽ سندس ماڻهو اها سڄي رات بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا ۽ اردن درياءُ لنگھي پار ٿيا. هو کڏن کوٻن واري سڄي علائقي مان لنگھي محنايم شهر ۾ اچي پهتا.
30
يوآب ابنير جو پيڇو ڇڏي واپس موٽيو. هن سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري ڏٺو تہ عساهيل کان علاوہ دائود جي جنگجو ماڻهن مان اوڻيهہ ڄڻا گھٽ هئا.
31
پر دائود جي ماڻهن بنيامين جي قبيلي مان ۽ ابنير جي ماڻهن مان ٽي سؤ سٺ ڄڻا ماريا هئا.
32
تڏهن يوآب ۽ سندس ماڻهن عساهيل کي کڻي بيتلحم ۾ سندس پيءُ جي قبرستان ۾ آڻي دفن ڪيو. پوءِ اهي سڄي رات پنڌ ڪندا پرهہ ڦٽيءَ مهل اچي حبرون شهر ۾ پهتا.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24