bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Samuel 16
2 Samuel 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 17 →
1
جڏهن دائود جبل جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي وڌيو، تڏهن مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ساڻس اچي مليو. ضيبا سان گڏ ٻہ زين پيل گڏهہ هئا، جن تي ٻہ سؤ مانيون، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، هڪ سؤ تازا ميوا ۽ هڪڙي سانداري مئي جي رکيل هئي.
2
بادشاهہ ضيبا کان پڇيو تہ ”هي شيون ڇا جي لاءِ آهن؟“ ضيبا وراڻيو تہ ”گڏهہ بادشاهہ جي گھر جي ڀاتين جي سواريءَ لاءِ آهن، ماني ۽ تازا ميوا جوانن جي کائڻ لاءِ آهن ۽ مئي انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي بيابان ۾ ٿڪجي پون سي پيئن.“
3
بادشاهہ کانئس پڇيو تہ ”تنهنجي آقا سائول جو پوٽو مفيبوست ڪٿي آهي؟“ ضيبا وراڻيو تہ ”هو يروشلم ۾ رهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ کيس پڪ آهي تہ هاڻي بني اسرائيل وارا مون کي پنهنجي ڏاڏي جي بادشاهي موٽائي ڏيندا.“
4
تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ”مفيبوست جي جيڪا بہ شيءِ آهي سا سڀ هاڻي تنهنجي آهي.“ ضيبا وراڻي ڏيندي چيو تہ ”آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان، اي منهنجا آقا بادشاهہ! شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.“
5
جڏهن دائود بادشاهہ بحوريم شهر ۾ پهتو، تڏهن سائول جي گھراڻي جي ماڻهن مان هڪڙو شخص نڪري آيو جنهن جو نالو شمعي ولد جيرا هو. هو لعنتون وجھندو ٿي آيو.
6
هن دائود بادشاهہ ۽ سندس سڀني عملدارن تي پٿر اڇلايا. ان وقت سڀ ماڻهو ۽ بهادر مرد بادشاهہ جي ساڄي ۽ کاٻي طرف هئا.
7
شمعيءَ لعنت وجھندي هيئن ٿي چيو تہ ”اي خوني! اي خبيث! نڪري وڃ، نڪري وڃ.
8
سائول جنهن جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي، تنهن جي گھراڻي جو سمورو خون خداوند تو تي ئي آڻي وڌو آهي. سو خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابيسلوم جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي آهي ۽ تون پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇاڪاڻ تہ تون خوني آهين.“
9
تڏهن دائود بادشاهہ جي ڀيڻ ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ بادشاهہ کي چيو تہ ”هي ڪتو منهنجي آقا بادشاهہ تي ڇو ٿو ڀونڪي؟ مهرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ وڃي ڪري سندس سسي لاهيان.“
10
پر بادشاهہ ابيشيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! انهيءَ ڳالهہ ۾ اوهان جو ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ ’ دائود تي لعنت ڪر.‘ تڏهن پوءِ ڪير آهي جو هن کي چوي تہ ’ائين ڇو ٿو ڪرين؟‘“
11
پوءِ دائود ابيشيءَ ۽ پنهنجي سڀني عملدارن کي چيو تہ ”ڏسو، منهنجو پنهنجو پٽ جيڪو منهنجو ئي تخم آهي، سو ئي مون کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي، تڏهن پوءِ هي بنياميني انهيءَ کان وڌيڪ ڇا نہ ٿو ڪري سگھي؟ ڇڏي ڏيوس، تہ ڀلي پيو لعنت وجھي، ڇاڪاڻ تہ خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي.
12
ٿي سگھي ٿو تہ مون کي پهتل هن رنج تي خداوند نظر ڪري ۽ اڄوڪي لعنت جي عيوض هو منهنجو ڀلو ڪري.“
13
پوءِ دائود پنهنجي ماڻهن سميت پنهنجي واٽ وٺي هلندو رهيو ۽ شمعي سندس سامهون ٽڪر جي ڪناري سان هلندي هن تي لعنتون وجھندو، کيس پٿر هڻندو ۽ مٿس مٽي اڇلائيندو هلندو ٿي رهيو.
14
بادشاهہ ۽ سڀ ماڻهو جيڪي ساڻس گڏ آيا هئا، سي بيحد ٿڪجي پيا هئا. سو اردن درياءَ وٽ پهچي آرام ڪري هو تازا توانا ٿيا.
15
هوڏانهن ابيسلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، سي سڀ يروشلم ۾ آيا. اخيتفل بہ ساڻن گڏ هو.
16
پوءِ جڏهن دائود جو دوست حوسي ارڪي ابيسلوم وٽ آيو، تڏهن ابيسلوم کي چيائين تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي! خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“
17
تڏهن ابيسلوم حوسيءَ کي چيو تہ ”ڇا تنهنجي پنهنجي دوست دائود سان اها ئي مهرباني آهي؟ تون پنهنجي دوست سان گڏجي ڇو نہ وئين؟“
18
حوسيءَ ابيسلوم کي وراڻيو تہ ”ائين ناهي، بلڪ جنهن کي خداوند ، هنن ماڻهن بلڪ سڄي بني اسرائيل چونڊيو آهي، آءٌ انهيءَ جو ئي هوندس ۽ انهيءَ سان ئي گڏ رهندس.
19
ڀلا پنهنجي آقا جي پٽ کان سواءِ آءٌ ٻيو ڪنهن جي خدمت ڪريان؟ جيئن مون اوهان جي پيءُ جي اڳيان خدمت پئي ڪئي آهي، تيئن آءٌ اوهان جي اڳيان بہ ڪندس.“
20
پوءِ ابيسلوم اخيتفل کي چيو تہ ”تون صلاح ڏي تہ اسين ڇا ڪريون؟“
21
اخيتفل ابيسلوم کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پيءُ جي سريتن سان وڃي همبستر ٿيو، جن کي هو محلات جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو آهي. اهڙيءَ طرح اوهان جي پيءُ کي اوهان کان نفرت ٿيندي ۽ پوءِ جڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اها ڳالهہ ٻڌندا تڏهن جيڪي ماڻهو اوهان سان آهن تن جي همت وڌي ويندي.“
22
سو ابيسلوم جي لاءِ محل جي ڇت تي خيمو لڳايو ويو ۽ سڄي بني اسرائيل ڏٺو تہ هو کُليو کُلايو اندر وڃي پنهنجي پيءُ جي سريتن سان همبستر ٿي ٿيو.
23
انهن ڏينهن ۾ اخيتفل جيڪا بہ صلاح ڏيندو هو سا ائين سمجھي ويندي هئي ڄڻ ڪنهن خدا کان پڇي ڏني هجي. سو اخيتفل جي سڀڪا صلاح دائود توڙي ابيسلوم ٻنهي لاءِ اهڙي ئي هوندي هئي.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24