bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 1
Acts 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 2 →
1
محترم ٿئوفلس! مون پنهنجي پهرئين ڪتاب ۾ اُهي سڀ ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي عيسيٰ پنهنجي خدمت واري ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. هن آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پاڪ روح جي وسيلي انهن ماڻهن کي هدايتون ڏنيون، جن کي پنهنجا رسول ڪري چونڊيائين.
3
هن پنهنجي موت کان پوءِ انهن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ هو جيئرو آهي. هن چاليهن ڏينهن تائين انهن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن خدا جي بادشاهيءَ بابت ڳالهايائين.
4
هڪڙي دفعي جڏهن اهي سڀيئي شاگرد اچي گڏ ٿيا تہ هن کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ” يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منهنجي پيءُ جي ڪيل واعدي جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنهن بابت مون اوهان کي ٻڌايو هو.
5
ڏسو، يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ڪيل واعدي موجب پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.“
6
ٻئي دفعي جڏهن اهي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انهن عيسيٰ کان پڇيو تہ ” خداوند! ڇا اوهين هن وقت ئي بني اسرائيل جي بادشاهي بحال ڪرڻ وارا آهيو؟“
7
عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينهن منهنجي پيءُ پنهنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي.
8
پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“
9
اڃا هن ايترو مس چيو تہ هو انهن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ هڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.
10
جيئن تہ هو مٿي وڃي رهيو هو ۽ انهن جون اکيون آسمان ۾ کتل هيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇي پوشاڪ سان هنن جي ڀرسان ڏسڻ ۾ آيا.
11
انهن چيو تہ ”اي گليليؤ! اوهين آسمان ڏانهن ڇو ٿا بيٺا نهاريو؟ اهو ئي عيسيٰ ، جيڪو اوهان وٽان آسمان ڏانهن کڄي ويو آهي، سو ساڳيءَ طرح وري موٽي ايندو جيئن اوهان کيس آسمان ڏانهن ويندي ڏٺو آهي.“
12
پوءِ رسول زيتون نالي ٽڪر کان يروشلم شهر ڏانهن موٽيا. اهو ٽڪر يروشلم کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر پري هو.
13
جڏهن اهي شهر ۾ داخل ٿيا تہ انهيءَ ماڙيءَ تي مٿي چڙهي ويا جتي اهي يعني پطرس ، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برتُلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قومپرست ۽ يعقوب جو پٽ يهوداہ رهيل هئا.
14
اهي سڀيئي عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪجھہ عورتن ۽ عيسيٰ جي ڀائرن سان گڏجي دعا گھرندا هئا.
15
هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ايمان وارا اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ
16
”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڪ ڪلام جي انهيءَ لکت جو پورو ٿيڻ ضروري هو، جنهن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يهوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رهنمائي ڪئي.
17
يهوداہ اسان رسولن جي ٽولي مان هو، ڇاڪاڻ تہ خدمت واري ڪم ۾ اسان سان شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو هو.“
18
يروشلم جي سڀني ماڻهن ۾ اهو مشهور هو تہ يهوداہ جيڪي پئسا پنهنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا هئا، تن مان هن زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو هو. اتي هو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاهر نڪري آيس. سو ماڻهن انهيءَ زمين کي پنهنجي ارامي ٻوليءَ ۾ ”اڪالديمي“ سڏيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”خون واري زمين.“
20
پطرس وڌيڪ چين تہ ”انهيءَ بابت زبور ۾ لکيل آهي تہ ’شل انهيءَ جو گھر ويران ٿئي، ۽ منجھس ڪوبہ نہ رهي.‘ هي بہ لکيل آهي تہ ’شل ڪو ٻيو هن جو جاءِنشين ٿئي.‘
21
تنهنڪري اهو ضروري آهي تہ هڪ اهڙو ماڻهو چونڊجي، جيڪو خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاهدي ڏئي. اهو اهڙو هئڻ گھرجي جيڪو اسان سان انهيءَ سموري وقت ۾ گڏ رهيو هجي، جنهن ۾ خداوند عيسيٰ اسان سان هو، يعني سندس يحيٰ کان بپتسما وٺڻ کان وٺي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ تائين.“
23
سو انهن ٻن ماڻهن جا نالا پيش ڪيا، هڪڙو يوسف، جنهن کي برسبا عرف يوستُس بہ سڏيندا هئا ۽ ٻيو متياہ.
24
پوءِ انهن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻهن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو هنن ٻن مان ڪنهن کي چونڊيو آهي تہ
25
اهو رسول جي خدمت واري اها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداہ خارج ٿيو ۽ پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن هليو ويو.“
26
پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28