bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 17
Acts 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 18 →
1
تڏهن پولس ۽ سيلاس امفپلس ۽ اپلونيا شهرن مان لنگھي ٿِسلُنيڪي ۾ آيا، جتي يهودين جو عبادتخانو هو.
2
پولس پنهنجي دستور موجب سندن عبادتخاني ۾ ويو ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن تي هو پاڪ ڪلام مان ساڻن بحث پيو ڪندو هو.
3
هو دليل ڏيئي ثابت ڪري چوندو هئن تہ ”اهو ضروري هو تہ مسيح تڪليفون سهي مري ۽ مئلن مان وري جيئرو ٿي اُٿي.“ هن چين تہ ”هي عيسيٰ جنهن جي آءٌ اوهان جي اڳيان منادي ٿو ڪريان، سو ئي مسيح آهي.“
4
انهن مان ڪن يهودين، خداپرست يونانين جي هڪ وڏي تعداد ۽ ڪيترين ئي مکيہ عورتن بہ اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا.
5
پر گھڻن يهودين کي حسد ٿيو، سو انهن ڪي بازاري لوفر وٺي هڪ ٽولو ٺاهيو، جن سڄو شهر مٿي تي کنيو. انهن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو، تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاهر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.
6
جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين ايمان وارن کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن
7
۽ ياسون انهن کي پاڻ وٽ رهايو آهي. اهي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلافورزي ڪندي چون ٿا تہ بادشاهہ ڪو ٻيو آهي، جنهن جو نالو عيسيٰ آهي.“
8
انهن ڳالهين سان هنن عام ماڻهن توڙي شهر جي عملدارن کي پريشان ڪري ڇڏيو.
9
سو عملدارن ياسون ۽ انهن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنو.
10
تنهن تي ايمان وارن هڪدم پولس ۽ سيلاس کي راتوواهہ بيريا ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن هو اتي پهتا تہ يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا.
11
اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت خدا جو پيغام وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پاڪ ڪلام پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.
12
تنهنڪري انهن مان گھڻن ئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. يونانين مان بہ ڪيترن ئي مردن توڙي مکيہ عورتن ايمان آندو.
13
جڏهن ٿِسلُنيڪي جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ انهيءَ پيغام جي تبليغ ڪري رهيو آهي، تڏهن هنن اتي بہ اچي ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ انهن ۾ گوڙ مچايائون.
14
تڏهن ايمان وارن انهيءَ گھڙيءَ پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رهي پيا.
15
جيڪي ماڻهو پولس کي ڇڏڻ هليا هئا، سي ساڻس اٿينس شهر تائين گڏ آيا. پوءِ هو بيريا ڏانهن پولس جي هن هدايت سان موٽيا تہ ”جيترو جلد ٿي سگھي سيلاس ۽ تيمٿيس مون سان اچي ملن.“
16
جڏهن پولس اٿينس ۾ سيلاس ۽ تيمٿيس جو انتظار ڪري رهيو هو، تڏهن هن کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ سڄو شهر بتن سان ڀريو پيو آهي.
17
تنهنڪري هو يهودين جي عبادتخاني ۾ وڃي يهودين ۽ خداپرست غير يهودين سان توڙي بازار ۾ ملڻ وارن سان روزانو بحث پيو ڪندو هو.
18
جيئن تہ پولس عيسيٰ ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جي منادي ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“
19
سو هو کيس اريوپگس نالي هڪڙي جاءِ تي شهر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا، جن چيس تہ ”اسان کي سمجھاءِ تہ هي ڪهڙي نئين تعليم آهي جيڪا تون ڏيئي رهيو آهين؟
20
ڪي ڳالهيون تون اهڙيون ٿو ڪرين جيڪي اسان کي عجيب ٿيون لڳن. اسين ڄاڻڻ چاهيون ٿا تہ انهن ڳالهين جو مقصد ڇا آهي.“
21
حقيقت ۾ اٿينس جا سڀيئي رهاڪو ديسي توڙي پرديسي پنهنجو وقت هميشہ نيون نيون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا هئا.
22
تڏهن پولس ڪائونسل جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رهاڪؤ! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوهين هر ڳالهہ ۾ پنهنجي معبودن جا ڏاڍا تابعدار آهيو،
23
جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي عبادت وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون هڪڙي قربانگاهہ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’نامعلوم معبود جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي عبادت ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان.
24
جنهن خدا سڄو جهان ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي.
25
هو ڪنهن بہ شيءِ جو محتاج نہ آهي جو ڪنهن کان پنهنجي خدمت ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڻ ئي تہ سڀني کي حياتي، ساهہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏئي ٿو.
26
هن هڪڙي ئي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آهن، تہ جيئن اهي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. هن انهن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آهن،
27
انهيءَ لاءِ تہ هو خدا جي ڳولا ڪن ۽ من هٿوراڙيون هڻي کيس ڳولي لهن. جڏهن تہ هو اسان مان ڪنهن کان بہ پري نہ آهي
28
۽ اسين منجھس ئي جيئرا رهون ۽ هلون چلون ٿا، بلڪ اسان جي هستي انهيءَ جي ڪري آهي. اوهان جي شاعرن مان بہ ڪن ائين چيو آهي تہ ’اسين تہ خدا جو اولاد آهيون.‘
29
هاڻ جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آهيون، تنهنڪري اهو مناسب نہ آهي جو اسين سمجھون تہ هن جي ذات سون، چانديءَ يا پٿر جي ڪنهن بت وانگر آهي، جيڪو انساني هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيو وڃي ٿو.
30
خدا جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن،
31
ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي جهان جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“
32
جڏهن انهن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين ڪنهن ٻئي وقت اوهان کان هن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌڻ چاهيون ٿا.“
33
تڏهن پولس ڪائونسل مان هليو ويو.
34
پوءِ ڪي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا ۽ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندائون. انهن ۾ اريوپگس ڪائونسل جو هڪڙو ڪارڪن جنهن جو نالو ديونسييس هو، دمرس نالي هڪڙي عورت ۽ ٻيا بہ ڪيترائي شامل هئا.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28