bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 6
Acts 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 7 →
1
ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي ايمان آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي رننزالن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي.
2
تنهنڪري ٻارهن رسولن سڀني ايمان وارن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين چيو تہ ”اسان لاءِ اهو چڱو نہ آهي جو کاڌي پيتي جي ڳالهين جي ڪري اسين مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڇڏي ڏيون.
3
تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻهو چونڊيو، جيڪي پاڪ روح ۽ سياڻپ سان ڀريل هجن. اسين انهن کي کاڌي ورهائڻ واري ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين.
4
پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“
5
رسولن جي صلاح تي سڄي جماعت خوش ٿي. سو انهيءَ جماعت هنن ماڻهن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل هو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاؤس جيڪو انطاڪيا شهر جو رهاڪو هو ۽ اڳ يهودي مذهب ۾ شامل ٿيو.
6
جماعت انهن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ انهن تي پنهنجا هٿ رکي کين مخصوص ڪيو.
7
اهڙيءَ طرح مسيح بابت خدا جو پيغام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو.
8
استيفنس خدا جي فضل ۽ قدرت سان ڀرجي ماڻهن ۾ ڪيترائي وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو.
9
پر ڪي ماڻهو سندس مخالفت ۾ بحث ڪرڻ لڳا، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻهو“ نالي يهودين جي هڪ عبادتخاني جا رڪن هئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا هئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ آسيا صوبن جا هئا.
10
پر پاڪ روح استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.
11
تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي ڀڙڪايو تہ اهي چون تہ ”اسان هن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالهيون ڪندي ٻڌو آهي.“
12
اهڙيءَ طرح هنن شريعت جي عالمن سميت يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون.
13
پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي مقدس هيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالهائيندو آهي.
14
اسان کيس هي چوندي ٻڌو آهي تہ عيسيٰ ناصري هيڪل کي ڊاهي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“
15
تڏهن جيڪي ڪائونسل ۾ ويٺا هئا تن استيفنس ڏانهن چتائي نهاريو تہ کين سندس منهن ملائڪ جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28