bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 22
Acts 22
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 23 →
1
”اي ڀائرو ۽ بزرگؤ! ٻڌو، هاڻي آءٌ اوهان کي پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجھہ چوان ٿو.“
2
جڏهن انهن کيس عبرانيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو تہ وڌيڪ خاموش ٿي ويا ۽ پولس پنهنجو بيان جاري رکندي چيو تہ
3
”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گمليايل وٽان علم حاصل ڪيو اٿم. هن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس.
4
انهيءَ ڪري آءٌ عيسيٰ جي رستي تي هلڻ وارن ڪيترن ئي مردن توڙي عورتن کي ٻڌرائي جيلن ۾ وجھرائيندو هئس. مون کين ايتري قدر ستايو جو ڪن کي مارائي بہ ڇڏيو هو.
5
وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ عيسيٰ جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“
6
”جڏهن آءٌ سفر ڪندو دمشق کي ويجھو ٿيس تڏهن منجھند ڌاري اوچتو ئي اوچتو آسمان مان هڪڙي تجليدار روشني منهنجي چوڌاري چمڪڻ لڳي.
7
تنهن تي آءٌ زمين تي ڪري پيس ۽ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘
8
مون جواب ڏيندي چيو تہ ’اي سائين! اوهين ڪير آهيو؟‘ هن مون کي چيو تہ ’آءٌ عيسيٰ ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.‘
9
جيڪي ماڻهو مون سان گڏ هئا تن اها روشني تہ ڏٺي، پر جنهن مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن جو آواز ڪونہ ٻڌائون.
10
مون کانئس پڇيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنهن تي خداوند مون کي چيو تہ ’اُٿي دمشق ڏانهن وڃ. اتي تو کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو تنهنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.‘
11
آءٌ انهيءَ روشنيءَ جي چمڪ جي ڪري انڌو ٿي پيس، سو منهنجا سنگتي ساٿي مون کي هٿ کان وٺي دمشق ۾ آيا.
12
اتي حننياہ نالي هڪڙو ماڻهو هو، جيڪو دمشق جي سڀني يهودين ۾ وڏو معتبر ۽ شريعت موجب ديندار هو.
13
هو مون وٽ آيو ۽ ڀرسان بيهي چيائين تہ ’ادا سائول! ديد وٺ.‘ انهيءَ دم مون کي وري ديد ملي ويئي ۽ مون کيس ڏٺو.
14
پوءِ هن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا تو کي انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ تون سندس مرضي ڄاڻي وٺين ۽ سندس سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالهائيندي ٻڌين.
15
پوءِ جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو، تنهن بابت تون سڀني ماڻهن جي اڳيان سندس شاهد ٿيندين.
16
تہ پوءِ دير ڇا جي؟ اُٿي ۽ سندس نالو وٺي بپتسما وٺ تہ تنهنجا گناهہ ڌوپي وڃن.‘
17
پوءِ آءٌ موٽي يروشلم ۾ آيس ۽ جڏهن هيڪل ۾ دعا گھري رهيو هئس تہ مون کي هڪ رويا ڏسڻ ۾ آئي،
18
جنهن ۾ مون خداوند عيسيٰ کي ڏٺو. هو مون کي چئي رهيو هو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان هڪدم نڪري وڃ، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مون بابت تنهنجي شاهدي قبول نہ ڪندا.‘
19
تنهن تي مون کيس چيو تہ ’اي خداوند! هو پاڻ ڄاڻين ٿا تہ جيڪي تو تي ايمان آڻيندا هئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يهودين جي عبادتخانن ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ مار ڏياريندو هئس.
20
جنهن وقت تنهنجي شاهد استيفنس جو رت ٿي وهايو ويو، تنهن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو هئس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هئس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘
21
پوءِ خداوند عيسيٰ مون کي چيو تہ ’هتان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي غير قومن ڏانهن پري پري موڪليندس.‘“
22
ايستائين تہ ميڙ وارا پولس جي ڳالهہ ٻڌندا رهيا، پر هاڻ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو! اهڙو ماڻهو دنيا ۾ رهڻ جي لائق نہ آهي!“
23
جڏهن هو واڪا ڪرڻ، ڪپڙا اڇلائڻ ۽ ڌوڙ اڏائڻ لڳا،
24
تڏهن ڪپتان پولس بابت حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي وڃو ۽ چهبڪ هڻي سندس زباني بيان وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ اهي ڇو هن جي خلاف ايڏيون رڙيون ڪن ٿا.“
25
جڏهن اهي کيس ٻڌي چهبڪ هڻڻ تي هئا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوهان لاءِ اهو جائز آهي جو ڏوهہ ثابت ٿيڻ کان سواءِ اوهين ڪنهن روميءَ کي چهبڪ هڻايو؟“
26
اهو ٻڌي صوبيدار سڌو ڪپتان وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”اوهين هي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ هي ماڻهو تہ رومي آهي.“
27
تنهن تي ڪپتان پولس وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”سچ ٻڌاءِ، تون رومي آهين ڇا؟“ پولس جواب ڏنو تہ ”هائو.“
28
تنهن تي ڪپتان چيس تہ ”مون تہ تمام وڏي رقم ڏيئي رومي ٿيڻ جا حق حاصل ڪيا آهن.“ پر پولس چيس تہ ”آءٌ تہ ڄائي ڄم کان رومي آهيان.“
29
پوءِ جيڪي پولس جو زباني بيان وٺڻ آيا هئا، سي کيس هڪدم ڇڏي پري ٿي بيٺا. ڪپتان کي بہ جڏهن اها خبر پيئي تہ هو رومي آهي تہ هو ڏاڍو ڊڄي ويو جو هن کيس زنجيرن ۾ ٻڌرايو هو.
30
تنهن هوندي بہ ڪپتان جي مرضي هئي تہ هو ڏسي پڪ ڪري تہ يهودي پولس تي ڪهڙا الزام هڻن ٿا. سو هن ٻئي ڏينهن تي پولس جون هٿڪڙيون لهرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سڀ سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ هن پولس کي وٺي انهن جي اڳيان آڻي بيهاريو.
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28