bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 24
Acts 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 25 →
1
پنجن ڏينهن کان پوءِ وڏو سردار ڪاهن حننياہ يهودي ڪائونسل جي ڪن ٻين چڱن مڙسن ۽ ترطلس نالي هڪ وڪيل سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اهي گورنر فِيلڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تهمتون هڻڻ لڳا.
2
جڏهن پولس کي سڏايو ويو تہ ترطلس هن تي الزام هڻندي چيو تہ ”جناب فِيلڪس صاحب بهادر! اسين سائين جن جي ڪري ڏاڍي امن وَ امان ۾ ٿا گذاريون ۽ اوهان جي دورانديشيءَ سبب هن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيا آهن.
3
جنابِ اعليٰ! اسين هر طرح ۽ هر جاءِ وڏي شڪرگذاريءَ سان اوهان جا احسانمند آهيون.
4
آءٌ اوهان کي وڌيڪ تڪليف نہ ٿو ڏيان، پر عرض ٿو ڪريان تہ مهرباني ڪري اسان جون رڳو ٻہ ٽي ڳالهيون ٻڌو.
5
هي ماڻهو هڪ وڏو خطرناڪ باغي نڪتو آهي. دنيا جي سڀني يهودين ۾ هن فساد مچايو آهي ۽ ناصرت وارن جي هڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آهي.
6
هن اها بہ ڪوشش ڪئي آهي تہ هيڪل جي بيحرمتي ڪري، پر اسان کيس پڪڙي ورتو. سو جن ڏوهن جو اسين مٿس الزام ٿا هڻون، تن سڀني جي بہ جيڪڏهن کانئس پڇا ڳاڇا ڪندا تہ اوهان کي خبر پئجي ويندي.“
9
پوءِ يهودي بہ انهن الزامن هڻڻ ۾ وڪيل سان شامل ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”اهي ڳالهيون برابر ائين ئي آهن.“
10
پوءِ گورنر پولس ڏانهن پنهنجو بيان ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيو. تڏهن پولس وراڻيو تہ ”سائين! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين گھڻن ئي سالن کان وٺي هن قوم جا فيصلا ڪندا ٿا اچو، تنهنڪري آءٌ دلجاءِ سان اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائيءَ ۾ بيان ڏيان ٿو.
11
اوهين جاچ ڪري سگھو ٿا تہ ٻارهن ڏينهن بہ مس گذريا هوندا جو آءٌ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ ويو هئس.
12
هنن مون کي هيڪل ۾ يا پنهنجن عبادتخانن ۾ توڙي شهر جي ڪنهن بہ ٻئي هنڌ نڪي ڪنهن سان بحث ڪندي ڏٺو آهي ۽ نہ وري فساد مچائيندي.
13
هو جن ڳالهين جي مون تي هاڻي تهمت ٿا هڻن، تن جي اوهان جي اڳيان ڪا ثابتي بہ ڏيئي نہ ٿا سگھن.
14
آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت عيسيٰ واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي ايمان رکان ٿو.
15
مون کي خدا ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو.
16
تنهنڪري آءٌ هميشہ اها ڪوشش ڪندو رهندو آهيان تہ خدا توڙي ماڻهن جو ڪو قصور نہ ڪريان، جو متان منهنجو ضمير مون کي ملامت ڪري.
17
آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ آيس، تہ جيئن پنهنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات اچي ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان.
18
جڏهن مون ائين پئي ڪيو ۽ هيڪل ۾ پاڪائيءَ جي حالت ۾ هئس، تڏهن هنن مون کي اتي ڪو فساد يا جھيڙو ڪندي نہ ڏٺو.
19
جڏهن تہ اتي آسيا صوبي جا ڪي يهودي بہ موجود هئا، جيڪڏهن کين مون تي ڪا تهمت هڻڻي هجي ها تہ اهي هتي اوهان جي اڳيان حاضر ٿين ها.
20
يا هي ماڻهو ڀلي پاڻ ئي ٻڌائين تہ جڏهن آءٌ يهودي ڪائونسل جي اڳيان بيٺو هئس تہ هنن مون ۾ ڪهڙو ڏوهہ ڏٺو،
21
سواءِ هن ڏوهہ جي جو مون سندن وچ ۾ بيهي وڏي واڪي چيو تہ ’اڄ اوهين مون تي انهيءَ ڪري ڪيس ٿا هلايو، جو مون چيو آهي تہ مئل وري جيئرا ٿي اٿندا.‘“
22
جيئن تہ فِيلڪس کي عيسيٰ واري رستي بابت وڌيڪ ڄاڻ هئي، تنهنڪري هن ڪيس جي ٻڌڻي ختم ڪندي چيو تہ ”جڏهن ڪپتان لوسياس ايندو تڏهن آءٌ اوهان جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندس.“
23
هن پولس جي نگران صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي نظربند تہ ڪريو، پر کيس ڪجھہ سهولتون ڏجو ۽ جيڪڏهن هن جا ڪي سنگتي ساٿي سندس خدمت ڪرڻ گھرن تہ کين نہ روڪجو.“
24
ڪن ڏينهن کان پوءِ فِيلڪس پنهنجي يهودڻ زال دروسلہ سان گڏجي اتي آيو ۽ پولس کي گھرائي کانئس عيسيٰ مسيح تي ايمان بابت ڳالهيون ٻڌائين.
25
پوءِ جڏهن پولس سچائيءَ، پرهيزگاريءَ ۽ ايندڙ عدالت بابت کين سمجھايو پئي، تڏهن فِيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. سو پولس کي چيائين تہ ”هاڻي تون هليو وڃ ۽ وري جڏهن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“
26
جيئن تہ فِيلڪس کي اها اميد بہ هئي تہ پولس کيس ڪا رشوت ڏيندو، تنهنڪري هو وري وري کيس سڏائي گفتگو ڪندو هو.
27
پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي هليو ويو، ڇو تہ سندس مرضي هئي تہ انهيءَ طرح هو يهودين کي خوش ڪري.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28