bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 4
Acts 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 5 →
1
پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو ئي پئي تہ هيڪل جي صوبيدار ۽ ڪاهنن سميت ڪي صدوقي انهن تي چڙهي آيا.
2
اهي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇاڪاڻ تہ هنن عيسيٰ جو مثال ڏيئي ماڻهن کي تعليم پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيئرو ڪيو ويندو.
3
سو هنن ٻنهي رسولن کي پڪڙيو، پر جيئن تہ سانجھي ٿي ويئي هئي، تنهنڪري ٻئي ڏينهن صبح تائين هنن کي جيل ۾ رهايو ويو.
4
تنهن هوندي بہ پيغام ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي عيسيٰ تي ايمان آندو. اهڙيءَ طرح ايمان وارن جو تعداد اٽڪل پنج هزار ٿي ويو.
5
ٻئي ڏينهن تي شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن ۽ اڳواڻن جي يروشلم ۾ گڏجاڻي ٿي.
6
انهن ۾ وڏو سردار ڪاهن حَنا ۽ هن سان گڏ ڪائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاهن جا مٽ مائٽ هئا، سي شامل هئا.
7
انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي قدرت سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“
8
تنهن تي پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي قوم جا اڳواڻو ۽ چڱا مڙسؤ!
9
جيڪڏهن اڄ اسان کان پڇا ٿي ٿئي تہ اسان معذور ماڻهوءَ سان ڇو چڱائي ڪئي ۽ هو ڪيئن چڱو ڀلو ٿيو،
10
تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.
11
عيسيٰ اهو آهي جنهن لاءِ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’جنهن پٿر کي اوهان رازن حقير ٿي ڄاتو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘
12
ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“
13
اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري تعليم هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو عيسيٰ جا ساٿي آهن.
14
جيئن تہ اهو ماڻهو جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو سو بہ اتي انهن رسولن سان گڏ بيٺل هو، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا.
15
تڏهن انهن کين گڏجاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ
16
”اسان هنن ماڻهن کي ڇا ڪريون؟ ڇاڪاڻ تہ يروشلم جو هر هڪ ماڻهو ڄاڻي ٿو تہ هنن هڪ وڏو معجزو ڪيو آهي جنهن جو اسين انڪار ڪري نہ ٿا سگھون.
17
پر متان اها ڳالهہ وڌيڪ ماڻهن ۾ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون تہ عيسيٰ جي نالي جي وري ڳالهہ نہ ڪن.“
18
پوءِ هنن پطرس ۽ يوحنا کي وري پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪندي چيائون تہ ”ڪنهن بہ صورت ۾ اوهين عيسيٰ جي نالي نڪي ڪجھہ چئو ۽ نہ وري ڪا تعليم ڏيو.“
19
پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو.
20
اهو ناممڪن آهي تہ اسين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آهن.“
21
تنهن تي ڪائونسل وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب خدا جي واکاڻ ڪري رهيا هئا.
22
جيڪو ماڻهو معجزي سان چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن سالن کان بہ مٿي هئي.
23
جيئن ئي پطرس ۽ يوحنا آزاد ٿيا تہ هو موٽي پنهنجي ساٿين وٽ آيا ۽ جيڪي سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن چيو هئن سو سڀ کين ٻڌايائون.
24
جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان خدا کان دعا گھرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آسمان، زمين ، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو خالق آهين.
25
تو ئي پاڪ روح جي وسيلي پنهنجي ٻانهي ۽ اسان جي وڏي دائود جي واتان چوايو هو تہ ’ غير قومن ڇو گوڙ مچايو؟ ماڻهن ڇو اجايا خيال ڪيا؟
26
ڌرتيءَ جا بادشاهہ اٿي کڙا ٿيا، هائو، سڀيئي حاڪم گڏ ٿي خداوند ۽ سندس مخصوص ڪيل مسيح جي مخالفت ڪرڻ لڳا.‘
27
اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس ، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا.
28
اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي.
29
هاڻي اي خداوند! تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنهنجا ٻانها آهيون تن کي اهڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بيڊپا ٿي ماڻهن کي مسيح بابت تنهنجو پيغام ٻڌايون.
30
تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“
31
جڏهن انهن دعا گھري پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت خدا جو پيغام بيڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا.
32
مسيح تي ايمان رکندڙ سڀيئي دل وَ جان سان گڏ هئا ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”هيءَ شيءِ منهنجي آهي،“ پر هو سڀني شين ۾ هڪجهڙا ڀائيوار هئا.
33
رسول وڏيءَ قدرت سان خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاهدي ڏيندا هئا. انهن سڀني ايمان وارن تي خدا جو ڏاڍو فضل هو
34
۽ منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن کي ڪنهن شيءِ جي محتاجي هجي. انهيءَ ڪري جو جن ماڻهن کي ٻنيون يا گھر هئا سي اهي وڪڻي، پئسا آڻي
35
رسولن جي قدمن ۾ رکندا هئا، جيڪي هر ڪنهن کي سندس گھرج آهر ڏنا ويندا هئا.
36
يوسف نالي هڪ لاوي هو جنهن جو وطن قبرص هو، تنهن کي رسولن برنباس جو لقب ڏنو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”همتافزائي ڪندڙ.“
37
انهيءَ وٽ ڪجھہ ٻني هئي، جيڪا هن وڪڻي ان جا پئسا آڻي رسولن جي قدمن ۾ رکيا.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28