bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 19
Acts 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 20 →
1
اپلوس اڃا اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ ئي هو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پهتو ۽ اتي ڪن ايمان وارن سان مليو.
2
هن کانئن پڇيو تہ ”جڏهن اوهان مسيح تي ايمان آندو هو تہ اوهان کي پاڪ روح مليو هو يا نہ؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”اسان تہ پاڪ روح جو نالو ئي نہ ٻڌو آهي.“
3
پولس پڇين تہ ”پوءِ اوهان ڪهڙي بپتسما ورتي؟“ انهن جواب ڏنس تہ ” يحيٰ واري بپتسما.“
4
تنهن تي پولس کين چيو تہ ” يحيٰ تہ ماڻهن کي توبهہ واري بپتسما ڏيندي هي چوندو هو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو تنهن تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“
5
اهو ٻڌي هنن خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتي.
6
تڏهن پولس پنهنجا هٿ انهن تي رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ خدا جو پيغام ٻڌائڻ لڳا.
7
اهي سڀيئي اٽڪل ٻارهن ڄڻا هئا.
8
پولس ٽن مهينن تائين يهودين جي عبادتخاني ۾ وڃي بيڊپو ٿي ڳالهائيندو هو. هو ماڻهن سان خدا جي بادشاهيءَ بابت بحث ڪندو هو ۽ کين مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
9
پر جڏهن ڪن ماڻهن ضد ڪندي ايمان نہ آندو، بلڪ کُليو کُلايو خداوند عيسيٰ جي انهيءَ رستي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن پولس کين ڇڏي ڏنو ۽ ايمان وارن کي هنن کان الڳ ڪري ڇڏيو. هاڻ هو تُرنس جي وڏي هال ۾ وڃي روزانو بحث مباحثو ڪندو هو.
10
اهو سلسلو ٻن سالن تائين هلندو رهيو ۽ جيڪي آسيا صوبي جا يهودي ۽ غير قوم وارا هئا تن سڀني مسيح بابت خداوند جو پيغام پئي ٻڌو.
11
خدا پولس جي معرفت عجيب نموني سان معجزا ڏيکاريندو هو.
12
ايتري قدر جو جيڪڏهن رومال يا ڪوبہ ڪپڙو پولس جي بدن کي ڇهي کڻي وڃي بيمارن کي لائيندا هئا تہ انهن کي بيماري ڇڏي ويندي هئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن مان ڀوت نڪري ويندا هئا.
13
تڏهن هنڌ هنڌ ڦرڻ وارا ڪي يهودي ڀوپا بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت هيئن چوندا هئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنهن جي پولس منادي ڪري رهيو آهي.“
14
سِڪوا نالي هڪڙي يهودي سردار ڪاهن جي ستن پٽن بہ هڪ دفعي ائين پئي ڪيو تہ
15
ڀوت وراڻين تہ ” عيسيٰ کي تہ آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پولس کي بہ سڃاڻان ٿو، پر اوهين ڪير آهيو؟“
16
پوءِ جنهن شخص ۾ ڀوت هو، تنهن سٽ ڏيئي کين سوگھو ڪيو ۽ ڌڪ هڻي ڪپڙا ڦاڙي لاٿائين. تڏهن اهي سڀيئي زخمي ٿي انهيءَ گھر مان وٺي ڀڳا.
17
اِفسس ۾ رهندڙ سڀني يهودين ۽ غير قوم وارن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ کين ڊپ وٺي ويو. ائين خداوند عيسيٰ جي نالي جي تعظيم ٿيڻ لڳي.
18
جن مٿس ايمان آندو هو تن مان ڪيترن ئي کُليعام پنهنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا.
19
انهن مان ڪيترائي جيڪي جادوگري ڪندا هئا، تن پنهنجا پنهنجا ڪتاب آڻي گڏ ڪري سڀني ماڻهن جي اڳيان ساڙي ڇڏيا. انهن ڪتابن جي رقم جوڙي ويئي تہ اها پنجاهہ هزار چانديءَ جا سڪا ٿي.
20
اهڙيءَ طرح مسيح بابت خدا جو پيغام بيحد پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو.
21
هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“
22
سو هن پنهنجي مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي اڳواٽ مڪدُنيا صوبي ڏانهن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وڌيڪ عرصو آسيا صوبي ۾ رهي پيو.
23
انهن ڏينهن ۾ اِفسس ۾ خداوند عيسيٰ وارو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل هئي.
24
ديميتريُس نالي هڪڙو سونارو ارتمس ديويءَ جا چانديءَ جا ننڍڙا مندر ٺاهيندو هو. هن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو هوندو هو.
25
سو هن انهن ڪاريگرن ۽ اهڙو ڪم ڪندڙ ٻين سڀني کي گڏ ڪري چيو تہ ”اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻو ٿا تہ هن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذر سفر ٿي رهيو آهي.
26
اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت خدا هرگز نہ آهن.‘
27
سو نہ رڳو اهو خطرو آهي جو اسان جو هي ڌنڌو خراب ٿي ويندو، بلڪ اهو بہ انديشو آهي تہ متان عظيم ديوي ارتمس جو مندر بہ ڪين جهڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنهن ديويءَ جي پوڄا آسيا صوبي توڙي سڄي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنهن جي عظمت ختم نہ ٿي وڃي.“
28
اهو ٻڌي هو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪندي نعرا هڻڻ لڳا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس عظيم آهي!“
29
سڄي شهر ۾ هُل مچي ويو. گيُس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدُنيا جا رهاڪو هئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا، تن کي ماڻهن جي هڪ ميڙ گڏجي پڪڙي تماشہگاهہ ۾ آندو.
30
پولس جي مرضي هئي تہ هو اوڏانهن وڃي، پر ايمان وارن وڃڻ نہ ڏنس.
31
آسيا صوبي جي وڏن عملدارن مان ڪن جيڪي سندس خيرخواهہ هئا، تن چوائي موڪليس ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”متان تماشہگاهہ ۾ وڃي پنهنجي جان جوکي ۾ وجھو.“
32
انهيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون هيون، ڪي واڪو ڪري هڪ ڳالهہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالهہ. گھڻن کي تہ اها بہ خبر نہ هئي تہ هو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن.
33
آخرڪار ماڻهن مان ڪن جو هي خيال هو تہ سڪندر نالي شخص ئي ذميوار آهي، ڇاڪاڻ تہ يهودين کيس اڳ ۾ ڪيو هو. پوءِ سڪندر هٿ سان اشارو ڪري ڪوشش ڪئي تہ ماڻهن اڳيان صفائيءَ ۾ ڪجھہ ڳالهائي.
34
پر جڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هي يهودي آهي تڏهن سڀيئي گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳيا ئي نعرا هڻندا رهيا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس عظيم آهي!“
35
آخرڪار شهر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسس جا رهاڪؤ! هر انسان ڄاڻي ٿو تہ اِفسس جو شهر عظيم ديوي ارتمس جي مندر جو رکوالو آهي ۽ ان جو پٿر بہ آسمان مان هتي نازل ٿيو هو.
36
انهن ڳالهين کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ ٿو سگھي. تنهنڪري اوهان کي گھرجي تہ ٿڌا ٿيو ۽ اُٻهرا ٿي ڪجھہ بہ نہ ڪريو.
37
جن ماڻهن کي اوهين هتي وٺي آيا آهيو، سي نہ مندرن کي لٽڻ ڦرڻ وارا آهن، نڪي اسان جي ديويءَ جي خلاف ڪفر بڪن ٿا.
38
تنهنڪري ديميتريُس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏهن ڪنهن تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ ڪورٽ کُلي پيئي آهي ۽ جج ويٺا آهن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن.
39
پر جيڪڏهن اوهان کي ڪن ٻين ڳالهين جي صفائي وٺڻي آهي تہ انهيءَ جو فيصلو باقاعدي گڏجاڻيءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو.
40
اڄ شهر ۾ جيڪو هنگامو ٿيو آهي، انديشو آهي تہ انهيءَ جي ذميواري اسان تي اچي سگھي ٿي. جيئن تہ هن هنگامي جو ڪو سبب ئي نہ ٿو نظر اچي، سو اسين انهيءَ لاءِ ڪا ثابتي ڏيئي نہ ٿا سگھون.“
41
ائين چئي هن ماڻهن کي روانو ڪيو.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28