bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 25
Acts 25
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 26 →
1
يهوديہ صوبي ۾ پهچڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ گورنر فيستس قيصريہ کان يروشلم ڏانهن ويو.
2
سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن فيستس وٽ وڃي پولس جي خلاف دانهن ڏني ۽ عرض ڪيائونس تہ
3
”اوهين مهرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري ڇڏين.
4
پر فيستس کين جواب ڏنو تہ ” پولس قيصريہ ۾ نظربند آهي ۽ آءٌ پاڻ اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان.
5
اوهان مان جيڪي معتبر ماڻهو آهن، سي مون سان گڏجي هلن ۽ جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ڪو ڏوهہ ڪيو هوندو تہ پوءِ ڀلي مٿس الزام هڻن.“
6
فيستس اٽڪل اٺ ڏهہ ڏينهن اتي گذاريا ۽ پوءِ قيصريہ ڏانهن هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي جج جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڏنائين تہ ” پولس کي آندو وڃي.“
7
جڏهن پولس پهتو تڏهن يهودي جيڪي يروشلم کان آيا هئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس گھڻيون ئي سخت تهمتون هڻڻ لڳا. پر هو انهن جي ڪا ثابتي ڏيئي نہ سگھيا.
8
پولس پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو تہ ”مون يهودين جي شريعت جو، هيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“
9
فيستس يهودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانهن هلندين تہ جيئن اتي منهنجي اڳيان هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟“
10
پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آهيان، تنهنڪري منهنجو فيصلو بہ هتي ٿيڻ گھرجي. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يهودين جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.
11
جيڪڏهن آءٌ ڏوهاري آهيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آهي. پر جن ڳالهين جي اهي مون تي تهمت هڻن ٿا، سي سچيون ڪين آهن. پوءِ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اهو حق نہ آهي تہ هو مون کي انهن جي حوالي ڪري. تنهنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“
12
تنهن تي فيستس پنهنجي صلاحڪارن سان صلاح مشورو ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آهي، تنهنڪري تو کي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.“
13
ڪن ڏينهن کان پوءِ اگرپا بادشاهہ ۽ سندس ڀيڻ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا
14
۽ ڪيترائي ڏينهن اتي رهي پيا. تڏهن فيستس پولس جي ڪيس جو احوال بادشاهہ کي ٻڌائيندي چيو تہ ”هڪڙو شخص آهي، جنهن کي فِيلڪس جيل ۾ ڇڏي هليو ويو آهي.
15
جڏهن آءٌ يروشلم ۾ هئس تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن مون کي دانهن ڏني هئي ۽ عرض ڪيو هئائون تہ آءٌ کيس سزا ڏيان.
16
پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام هو مٿس هڻن ٿا تنهن جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آهي.
17
سو جڏهن هو هتي اچي گڏ ٿيا تڏهن مون دير ڪانہ ڪئي، بلڪ ٻئي ڏينهن تي ڪورٽ ۾ جج جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڏنو تہ ’انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي اچو.‘
18
پر جڏهن سندس مخالف اُٿي بيٺا، تڏهن انهن مٿس اهڙو ڪوبہ الزام ڪونہ هنيو جن ڏوهن جو مون کي گمان هو.
19
پر هنن ساڻس پنهنجي دين ۽ عيسيٰ نالي هڪڙي شخص بابت تڪرار ٿي ڪيو، جيڪو مري ويو هو پر پولس چوي ٿو تہ هو جيئرو آهي.
20
مون کي سمجھہ ۾ نہ آيو تہ انهن ڳالهين جي صحيح جاچ ڪيئن ڪجي. تنهنڪري مون پولس کان پڇيو تہ ’ڇا تون يروشلم ڏانهن وڃڻ ۾ راضي آهين تہ جيئن اتي انهن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟‘
21
پر جڏهن پولس اپيل ڪئي تہ سندس ڪيس جو فيصلو قيصر جي ڪورٽ ۾ ٿئي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ جيستائين آءٌ کيس قيصر ڏانهن نہ موڪليان تيستائين هو نظربند رهي.“
22
تنهن تي اگرپا فيستس کي چيو تہ ”آءٌ بہ انهيءَ ماڻهوءَ جون ڳالهيون سندس زباني ٻڌڻ چاهيان ٿو.“ فيستس کيس وراڻيو تہ ”اوهين سڀاڻي ئي کڻي هن جون ڳالهيون ٻڌجو.“
23
ٻئي ڏينهن تي اگرپا ۽ برنيڪي وڏي شان وَ شوڪت سان درٻار هال ۾ داخل ٿيا. هنن سان فوجي ڪپتان ۽ معزز شهري بہ ساڻ هئا. تڏهن فيستس جي حڪم تي پولس کي پيش ڪيو ويو.
24
پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاهہ اگرپا ۽ درٻار ۾ موجود مانوارؤ! هن شخص ڏانهن ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق هتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪيو ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيئرو نہ ڇڏيو.‘
25
پر مون کي خبر پيئي تہ هن شخص اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت جي سزا ڏجي. هن پاڻ قيصر وٽ اپيل ڪئي، جنهن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانهن موڪليان.
26
پر هن بابت ڪابہ پڪي ڄاڻ نہ آهي، جيڪا آءٌ قيصر ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي بادشاهہ اگرپا! اوهان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوهين هن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان.
27
مون لاءِ اهو واجب نہ آهي جو آءٌ هڪ قيديءَ کي تہ موڪليان، پر مٿس جيڪي الزام لڳل آهن، تن بابت چٽيءَ طرح سان نہ لکان.“
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28