bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 26
Acts 26
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 27 →
1
تڏهن اگرپا پولس کي چيو تہ ”تو کي اجازت آهي تہ تون پنهنجي پاران ڪجھہ چئُہ.“ پولس هٿ جو اشارو ڪندي پنهنجي صفائيءَ ۾ هي بيان ڏنو تہ
2
”اي بادشاهہ اگرپا! آءٌ پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجھان جو اڄ اوهان جي اڳيان انهن ڳالهين جي صفائيءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يهودين مون تي تهمت هنئي آهي،
3
ڇاڪاڻ تہ اوهين تہ يهودين جي سڀني ريتن رسمن ۽ مذهبي تڪرارن کان چڱيءَ طرح واقف آهيو. سو منهنجو اوهان کي خاص عرض آهي تہ مهرباني ڪري منهنجو بيان صبر سان ٻڌو.
4
سڀيئي يهودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنهنجي حياتي پنهنجي وطن ۽ يروشلم شهر ۾ ڪيئن گذاري آهي.
5
هائو، گھڻي عرصي کان وٺي اهي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏهن مرضي هجين تہ شاهدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنهنجي مذهب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو هئس.
6
سو هاڻي مون کي انهيءَ واعدي جي اميد جي ڪري هتي ڪورٽ ۾ آڻي بيهاريو اٿن، جيڪو خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو.
7
انهيءَ واعدي جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا دل وَ جان سان ڏينهن رات خدا جي عبادت ڪندا رهندا آهن. اي بادشاهہ اگرپا! انهيءَ اميد جي ڪري ئي يهودي مون تي تهمتون هڻن ٿا.
8
هاڻ اي يهوديؤ! آءٌ اوهان کان پڇان ٿو تہ اوهان کي اها ڳالهہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ خدا مئلن کي وري جيئرو ڪري اٿاري ٿو؟
9
ڪنهن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو هئس تہ عيسيٰ ناصريءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ منهنجو فرض آهي.
10
سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو هئس. سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ڪيترن ئي ماڻهن کي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انهن جي خلاف پنهنجو رايو بہ ڏيندو هئس.
11
يهودين جي سڀني عبادتخانن ۾ گھڻا ئي دفعا انهن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، بلڪ انهن جي خلاف اهڙو تہ ڇتو ٿي لڳو هئس جو ٻاهرين شهرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو هئس.“
12
”انهيءَ ئي ڪم لاءِ هڪڙي دفعي آءٌ سردار ڪاهنن کان اختياريءَ جو حڪمنامو وٺي دمشق ڏانهن پئي ويس.
13
اهو منجھند جو وقت هو، تڏهن، اي بادشاهہ اگرپا! رستي ويندي مون آسمان مان هڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار هئي، سا مون تي ۽ منهنجي ساٿين تي اچي چمڪي.
14
اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ هڪ آواز ٻڌو تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنهنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پهچائين؟‘
15
مون پڇيو تہ ’اي سائين! اوهين ڪير آهيو؟‘ تنهن تي هن وراڻيو تہ ’آءٌ عيسيٰ آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.
16
پر هاڻي اُٿ ۽ سڌو ٿي بيهہ. مون هن مقصد لاءِ تو کي ڏيکاري ڏني آهي تہ آءٌ تو کي پنهنجو ٻانهو ۽ شاهد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آهي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالهيون تو کي ڏيکاريندو رهندس سي بہ کين ٻڌائين.
17
آءٌ تو کي تنهنجي قوم کان بچائيندس ۽ انهن غير قومن کان بہ، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو.
18
تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“
19
”سو اي بادشاهہ اگرپا! مون آسمان مان جيڪا رويا ڏٺي، تنهن کان منهن نہ موڙيو اٿم.
20
پهريائين دمشق، پوءِ يروشلم شهر سميت يهوديہ جي سڄي علائقي ۽ غير قومن ۾ پڻ مون اها تبليغ ڪئي تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اهڙا ڪم ڪن جن مان خبر پوي تہ هنن سچ پچ توبهہ ڪئي آهي.
21
اهو ئي سبب هو جو يهودين مون کي هيڪل ۾ پڪڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي.
22
پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آهي، سو آءٌ پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم آهيان ۽ هر غريب توڙي امير جي اڳيان هڪجهڙي شاهدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اهي ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي اڳڪٿي ڪري ويا آهن تہ اهي ضرور ٿينديون.
23
اهي هي آهن تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ اهو ئي سڀ کان پهريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يهودين توڙي غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ڏئي.“
24
جيئن ئي پولس هن نموني پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو هو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ” پولس تون ديوانو آهين. گھڻو پڙهي پڙهي تون چريو ٿي پيو آهين.“
25
تنهن تي پولس وراڻيس تہ ”جناب فيستس صاحب بهادر! آءٌ چريو نہ آهيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالهيون ٿو ڪريان.
26
بادشاهہ، جنهن سان آءٌ بيڌڙڪ ٿي ڳالهايان ٿو، تنهن کي بہ انهن ڳالهين جي پوري ڄاڻ آهي، بلڪ پڪ اٿم تہ انهن مان ڪابہ ڳالهہ کانئس ڳجھي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي ڳالهيون ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ نہ ٿيون آهن.
27
اي بادشاهہ اگرپا! ڇا اوهين نبين کي مڃو ٿا؟ هائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مڃيندا آهيو.“
28
تنهن تي اگرپا پولس کي چيو تہ ”تون ٿوري وقت ۾ مون کي مسيحي بڻائيندين ڇا؟“
29
پولس وراڻيو تہ ”منهنجي تہ خدا جي در اها دعا آهي تہ ٿوري يا گھڻي وقت ۾ شل اوهين ۽ هي ٻيا جيڪي اڄ منهنجي ٻڌي رهيا آهن سي مون جهڙا ٿين، سواءِ هنن زنجيرن ۾ ٻڌجڻ جي.“
30
پوءِ بادشاهہ اگرپا اٿي بيٺو ۽ گورنر، برنيڪي ۽ ٻيا جيڪي اتي ساڻن گڏ ويٺا هئا، سي سڀ بہ اُٿي بيٺا.
31
هو ٻاهر نڪرندي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ تہ اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت يا جيل جي سزا ڏني وڃي.“
32
پوءِ اگرپا فيستس کي چيو تہ ”هي ماڻهو جيڪڏهن قيصر کي اپيل نہ ڪري ها تہ جيڪر ڇٽي وڃي ها.“
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28