bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 28
Acts 28
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
1
جڏهن اسين خير سان ڪناري تي پهتاسين، تڏهن اسان کي معلوم ٿيو تہ انهيءَ ٻيٽ جو نالو مالٽا آهي.
2
اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي.
3
پولس ڪجھہ ڪاٺيون گڏ ڪري کڻي باهہ ۾ وڌيون تہ تپش جي ڪري هڪڙو نانگ ٻاهر نڪتو، جيڪو پولس جي هٿ ۾ چڪ پائي چنبڙي پيو.
4
جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيئرو رهڻ نہ ٿي ڏئي.“
5
پولس هٿ ڇنڊي اها بلا باهہ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ کيس بلا کان ڪوبہ نقصان نہ پهتو.
6
اهي هن انتظار ۾ هئا تہ پولس سُڄي پوندو يا اوچتو ڪري مري ويندو. پر انهن جڏهن گھڻو وقت انتظار ڪيو ۽ ڏٺائون تہ هن کي ڪجھہ بہ نہ ٿيو تہ هنن پنهنجا خيال بدلايا ۽ چيائون تہ ”هي تہ ڪو ديوتا آهي.“
7
اتي ڀرسان ئي انهيءَ ٻيٽ جي سردار پُبليس جي جاگير هئي. هن اسان کي پنهنجي گھر وٺي وڃي سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اسين ٽن ڏينهن تائين سندس مهمان ٿي رهياسين.
8
پُبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل هو. پولس هن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا گھريائين. پوءِ مٿس پنهنجا هٿ رکي کيس شفا بخشيائين.
9
جڏهن هي ڪم ٿيو تڏهن ٻيٽ ۾ جيڪي بہ بيمار هئا، تن کي پولس وٽ آندو ويو تہ کين شفا ڏني ويئي.
10
انهيءَ ڪري هنن اسان کي وڏي عزت ڏني. اهڙيءَ طرح ٽن مهينن کان پوءِ اسين اسڪندريہ جي هڪڙي سامونڊي جهاز ۾ سوار ٿياسين، جنهن جو نالو ۽ نشان ”جاڙا ديوتا“ هو. اهو جهاز سڄو سيارو ٻيٽ ۾ ئي بيٺو رهيو هو. جڏهن اسان جي رواني ٿيڻ جو وقت آيو تڏهن ٻيٽ جي رهاڪن اسان جي سفر ۾ ڪم ايندڙ شيون جهاز ۾ آڻي رکيون. اتان روانا ٿي
12
اسين سراڪوسہ شهر ۾ اچي پهتاسين ۽ اتي ٽي ڏينهن رهياسين.
13
اتان ٿي اسين ريگيم شهر ۾ اچي پهتاسين. ٻئي ڏينهن ڏکڻ جو واءُ گھُلڻ لڳو سو اسين ٻن ڏينهن ۾ اِٽليءَ جي شهر پُتيلي ۾ اچي لٿاسين.
14
اتي اسان کي ڪي ايمان وارا مليا، جن جي عرض ڪرڻ تي اسين هڪ هفتو وٽن رهياسين. پوءِ اسين روم ڏانهن هلڻ لڳاسين.
15
جڏهن روم جي ايمان وارن اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ انهن مان ڪي اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ تائين ۽ ڪي وري ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏهن پولس انهن کي ڏٺو تہ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ نئون حوصلو پيدا ٿيس.
16
جڏهن اسين روم ۾ پهتاسين تہ پولس کي ڪنهن گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي اجازت ملي، جڏهن تہ هڪ سپاهي سندس پهري تي بيهاريو ويو.
17
ٽن ڏينهن کان پوءِ پولس اتي جي يهودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا تہ هن کين چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون نڪي پنهنجي قوم وارن ۽ نہ وري وڏن جي مذهبي ريتن رسمن خلاف ئي ڪجھہ ڪيو هو، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ پڪڙي رومين جي حوالي ڪيو ويو.
18
انهن مون کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ مون کي آزاد ڪرڻ ٿي چاهيائون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ مون ڪو اهڙو ڪم نہ ڪيو هو جنهن جي ڪري مون کي موت جي سزا ملي.
19
پر يهودين انهيءَ تي اعتراض ڪيو. سو لاچار ٿي مون کي قيصر وٽ اپيل ڪرڻي پيئي، جڏهن تہ منهنجو اهو ارادو نہ آهي تہ پنهنجي قوم تي ڪا تهمت هڻان.
20
اهو ئي سبب هو جو مون اوهان کي پاڻ وٽ گھرايو آهي تہ اوهان سان ملان ۽ ويهي ڳالهہ ٻولهہ ڪريان. آءٌ انهيءَ مسيح جي خاطر هن زنجير ۾ ٻڌو ويو آهيان، جيڪو بني اسرائيل جي اميد آهي.“
21
انهن کيس چيو تہ ”يهوديہ مان اسان کي تنهنجي باري ۾ نہ تہ ڪو خط پٽ مليو آهي ۽ نہ وري آيل ڀائرن مان ڪنهن تو بابت ڪجھہ ٻڌايو آهي يا تنهنجي ڪا گلا ڪئي آهي.
22
سو اسين تنهنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خبر آهي تہ جنهن فرقي سان تون واسطو رکين ٿو، تنهن فرقي جي جتي ڪٿي مخالفت هلي ٿي.“
23
پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين خدا جي بادشاهيءَ بابت سمجھائيندي پولس کين پيغام ٻڌائيندو رهيو، جنهن ۾ عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو.
24
ڪن ماڻهن سندس ڳالهين کي مڃي ورتو، جڏهن تہ ڪن نہ مڃيو.
25
سو اهي پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، تڏهن پولس کين هڪڙي ڳالهہ چئي تہ ” پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي بلڪل صحيح فرمايو هو، جڏهن يسعياہ کي حڪم ڏنو هئائين تہ
26
’کين وڃي چئُہ تہ ”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين، اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“
27
انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہتائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“
28
پولس آخر ۾ چين تہ ”سو اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو اهو پيغام غير قومن ڏانهن موڪليو ويو آهي، جيڪو اهي ٻڌندا بہ.“
30
پولس ٻن سالن تائين پنهنجي مسواڙ واري جاءِ ۾ رهيو، جتي هو انهن جو آڌرڀاءُ ڪندو هو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا هئا.
31
هو وڏي دليريءَ سان بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪندي خداوند عيسيٰ مسيح بابت ڳالهين جي تعليم ڏيندو هو.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28