bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 18
Acts 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 19 →
1
انهن ڳالهين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس شهر ۾ اچي پهتو.
2
اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس زال پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو
3
۽ جيئن تہ ٻنهي جو تنبن ٺاهڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو هو، تنهنڪري پولس انهن سان گڏ رهيو ۽ اهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا.
4
هو هر سبت جي ڏينهن تي يهودين جي عبادتخاني ۾ ويندو هو ۽ بحث ڪري يهودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو.
5
جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدُنيا مان اچي اتي پهتا تڏهن پولس پنهنجو پورو وقت تبليغ ۾ گذارڻ لڳو. هن يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.
6
جڏهن هو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا تہ هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ آهيو، منهنجو ڪوبہ واسطو نہ آهي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانهن ويندس.“
7
پوءِ هو اتان روانو ٿي طيطس يوستس نالي هڪڙي شخص جي گھر اچي رهيو، جيڪو خداپرست غير يهودي هو ۽ جنهن جو گھر يهودين جي عبادتخاني جي ڀرسان هو.
8
عبادتخاني جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو پيغام ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.
9
هڪڙيءَ رات پولس رويا ڏٺي جنهن ۾ خداوند عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڊڄ نہ، ٻڌائيندو رهہ ۽ بس نہ ڪر.
10
جيئن تہ آءٌ تو ساڻ آهيان، سو ڪوبہ ماڻهو حملو ڪري تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، ڇو تہ هن شهر ۾ منهنجا گھڻا ئي ماڻهو آهن.“
11
سو هو ڏيڍ سال اتي رهيو ۽ ماڻهن کي مسيح بابت خدا جي پيغام جي تعليم ڏيندو رهيو.
12
پر جڏهن گَليو نالي هڪ شخص يونان جي صوبي اخيا جو گورنر بڻيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي گورنر جي درٻار ۾ وٺي آيا.
13
اهي گورنر کي چوڻ لڳا تہ ”هي اهو شخص آهي جيڪو ماڻهن کي اهڙي نموني عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آهي.“
14
پولس ڳالهائڻ تي هو، پر گورنر گَليوءَ يهودين کي چيو تہ ”اي يهودي قوم وارؤ! جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي ڏوهہ جي ڳالهہ هجي ها تہ پوءِ واجب هو جو آءٌ صبر سان اوهان جي ڳالهہ ٻڌان ها.
15
پر جڏهن تہ هي اهڙا الزام آهن جن جو واسطو رڳو لفظن، نالن ۽ خاص اوهان جي شريعت سان آهي تہ پوءِ اوهين ڄاڻو، اوهان جو ڪم ڄاڻي. آءٌ اهڙين ڳالهين جو فيصلو ڪرڻ نہ ٿو چاهيان.“
16
سو هن کين درٻار مان ڀڄائي ڪڍيو.
17
تنهن تي انهن سڀني گڏجي عبادتخاني جي اڳواڻ سوسٿنيس کي پڪڙي کيس درٻار جي اڳيان مار ڪُٽ ڪئي. پر گَليوءَ کي انهن ڳالهين جي ڪابہ پرواهہ ڪانہ هئي.
18
ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ ايمان وارن کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.
19
جڏهن اهي اِفسس شهر ۾ پهتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوءِ پاڻ يهودين جي عبادتخاني ۾ ويو جتي يهودين سان بحث مباحثو ڪرڻ لڳو.
20
ان بعد هنن کيس عرض ڪيو تہ هو ڪجھہ عرصي تائين وٽن رهي، پر هن اهو قبول نہ ڪيو.
21
پوءِ موڪلائڻ وقت هن کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي هو سامونڊي جهاز تي چڙهي اِفسس مان روانو ٿيو.
22
قيصريہ بندرگاهہ تي لهي هو يروشلم ڏانهن ويو ۽ اتي جي ڪليسيا کي سلام ڪري انطاڪيا ڏانهن روانو ٿي ويو.
23
انطاڪيا ۾ ڪجھہ عرصو رهڻ کان پوءِ پولس اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو خداوند عيسيٰ جي سڀني پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪندو ويو.
24
انهن ڏينهن ۾ اپلوس نالي هڪڙو يهودي جيڪو اسڪندريہ جو رهاڪو هو سو اِفسس ۾ آيو. هو هڪ سٺو تقرير ڪندڙ هو ۽ کيس پاڪ ڪلام جي گھڻي ڄاڻ هئي.
25
جيئن تہ هن خداوند عيسيٰ واري رستي تي هلڻ جي تعليم حاصل ڪئي هئي، سو هو دلي جذبي سان عيسيٰ جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ عيسيٰ بابت صحيح تعليم ڏيندو هو، جيتوڻيڪ کيس رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ هئي.
26
هو يهودين جي عبادتخاني ۾ بيڊپو ٿي ڳالهائڻ لڳو. جڏهن پرسڪلا ۽ اڪولا هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس مسيح بابت خدا واري رستي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.
27
جڏهن اپلوس جو يونان جي صوبي اخيا ڏانهن وڃڻ جو ارادو ٿيو تہ اتي جي ايمان وارن کيس همتائيندي يونان جي ايمان وارن ڏانهن خط لکي ڏنس تہ اهي يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. اپلوس اتي پهتو ۽ جن ماڻهن خدا جي فضل سان خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو هو، تن جي وڏي همتافزائي ڪيائين،
28
ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي اڳيان بحث مباحثن ۾ هن مضبوط دليلن سان پاڪ ڪلام مان اهو ثابت ڪيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي. ائين هن يهودين جا وات بند ڪري ڇڏيا.
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28