bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Acts 11
Acts 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 12 →
1
رسولن ۽ سڄي يهوديہ جي ايمان وارن ٻڌو تہ غير قومن بہ مسيح بابت خدا جو پيغام قبول ڪيو آهي.
2
سو جڏهن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ ڪي مسيح تي ايمان رکندڙ جيڪي طهر واري حڪم تي عمل ڪندڙن کي ئي لائق سمجھندا هئا، سي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا تہ
3
”تون اڻطهريلن جي گھر ۾ نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“
4
تنهن تي پطرس انهن کي شروع کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ
5
”جڏهن آءٌ يافا شهر ۾ دعا گھري رهيو هئس تہ مون کي رويا ڏيکاري ويئي تہ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان هيٺ لهندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پهتي.
6
مون چتائي ڏٺو تہ منجھس گھريلو توڙي جھنگلي جانور، جيتجڻا ۽ پکي نظر آيا
7
۽ هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن مون کي چيو تہ ’ پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.‘
8
پر مون چيو تہ ’اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ نہ کاڌي آهي.‘
9
تنهن تي وري آسمان مان آواز آيو تہ ’جنهن شيءِ کي خدا پاڪ ڪيو آهي تنهن کي پليت نہ چئُہ.‘
10
ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اهي سڀيئي شيون آسمان ڏانهن کڄي ويون.
11
ايتري ۾ ٽي ماڻهو جن کي قيصريہ مان مون ڏانهن موڪليو ويو هو، سي انهيءَ گھر جي اڳيان اچي بيٺا جنهن ۾ آءٌ رهيل هئس.
12
پاڪ روح مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انهن سان گڏ هليو وڃ.‘ تڏهن آءٌ ۽ اسان جا هي ڇهہ ڀائر گڏجي يافا مان هلي قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر پهتاسين.
13
هن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن هڪ ملائڪ کي پنهنجي گھر ۾ بيٺل ڏٺائين، جنهن کيس چيو تہ ’يافا مان انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ، جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن.
14
هو تو کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو جن جي وسيلي تو کي ۽ تنهنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘
15
پوءِ جڏهن مون انهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو تہ پاڪ روح انهن تي نازل ٿيو. بلڪل ائين جيئن شروع ۾ اسان تي نازل ٿيو هو.
16
تڏهن مون کي خداوند عيسيٰ جو چوڻ ياد آيو تہ ’ يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘
17
اهو صاف آهي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آهي، جيڪا هن اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ ڪري عطا ڪئي هئي. پوءِ آءٌ ڪير ٿيندو هئس جو خدا کي روڪي سگھان ها؟“
18
جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”واہ! خدا غير قومن کي بہ زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“
19
استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ خداوند عيسيٰ بابت خدا جو پيغام نہ ٻڌائيندا هئا.
20
پر انهن مان ٻيا جيڪي قبرص ٻيٽ ۽ ڪريني شهر جا هئا، سي انطاڪيا ۾ وڃي غير قومن کي بہ اها خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.
21
جيئن تہ انهن تي خداوند جو هٿ هو، سو گھڻا ئي ماڻهو سندن پيغام ٻڌي ايمان آڻيندي خداوند عيسيٰ ڏانهن ڦري آيا.
22
اهي خبرون جڏهن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پهتيون تہ انهن برنباس کي انطاڪيا ڏانهن موڪليو.
23
برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہافزائي ڪندي کين چيائين تہ ” خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا.
25
پوءِ برنباس سائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانهن ويو.
26
جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين ڪليسيا جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي تعليم ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو ايمان وارا پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.
27
انهن ڏينهن ۾ ڪي مسيح تي ايمان رکندڙ جيڪي خدا جو پيغام ڏيندا هئا، سي يروشلم مان انطاڪيا ڏانهن آيا.
28
انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي شهنشاهت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو.
29
اها اڳڪٿي ٻڌي ايمان وارن مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ همايمان ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين.
30
سو هنن ائين ئي ڪيو ۽ اها امداد برنباس ۽ سائول جي هٿان اتان جي ڪليسيا جي اڳواڻن ڏانهن ڏياري موڪليائون.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28