bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 10
Matthew 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 11 →
1
عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي سڏائي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين اختياري ڏيئي رسول مقرر ڪيائين، تہ جيئن اهي ڀوتن کي ڪڍين ۽ ماڻهن کي هر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان شفا ڏين. انهن جا نالا هي آهن: شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، زبديءَ جا ٻہ پٽ يعقوب ۽ يوحنا،
3
فلپس ۽ برتُلمئي، توما ۽ متي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ تدئي،
4
شمعون قومپرست ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن بعد ۾ دغا ڪري عيسيٰ کي پڪڙايو.
5
انهن ٻارهن رسولن کي عيسيٰ روانو ڪندي هي تاڪيد ڪيو تہ ”اوهين غير يهودين جي ڪنهن بہ علائقي ڏانهن يا سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ وڃجو،
6
پر بني اسرائيل ، جيڪي ڀٽڪيل رڍن وانگر آهن تن وٽ وڃجو.
7
اوهين جتي جتي وڃو تہ اتي اهو اعلان ڪجو تہ ’آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.‘
8
بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.
9
کيسي ۾ پاڻ سان ڪوبہ پئسو پائي نہ کڻجو، توڙي جو سون، چانديءَ يا ٽامي جو سڪو ڇو نہ هجي.
10
سفر ۾ پاڻ سان نہ ٿيلهو کڻجو، نڪي هڪڙي جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا يا جتيون ۽ نہ وري ڪا لٺ کڻجو، ڇاڪاڻ تہ مزدور پنهنجي کاڌي پيتي جو حقدار آهي.
11
سو جڏهن اوهين ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ وڃو تڏهن جاچ ڪجو تہ اهڙو ڪو آهي جيڪو اوهان جو آڌرڀاءُ ڪري، پوءِ اوهين وٽس ايستائين رهجو جيستائين اُن شهر مان روانا نہ ٿيو.
12
گھر ۾ داخل ٿيڻ وقت کيس سلام ڪجو.
13
جيڪڏهن گھر جي مالڪ سلام وراڻيو تہ اوهان جو سلام مٿس رهندو، پر جيڪڏهن نہ ورائيندو تہ اوهان جو سلام اوهان ڏانهن موٽي ايندو.
14
جيڪڏهن ماڻهو اوهان جو آڌرڀاءُ نہ ڪن يا اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌن، تہ پوءِ اهو گھر توڙي شهر ڇڏي وڃجو ۽ پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو.
15
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر وارا سدوم ۽ عموراہ وارن کان وڌيڪ ڀوڳيندا.“
16
”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بيضرر ٿجو.
17
هوشيار ٿجو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ وٺي ويندا ۽ پنهنجن عبادتخانن ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا.
18
اوهان کي منهنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاهن اڳيان پيش ڪيو ويندو. تڏهن اوهين انهن کي توڙي ٻين غير قوم وارن کي بہ آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبري ٻڌائيندا.
19
پر جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪرائين تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڪهڙو جواب ڏيڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو،
20
ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ هونديون، پر اوهان جي پيءُ جو روح اوهان جي وسيلي اهي ڳالهيون ڪندو.
21
ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ جي خلاف اُٿي کڙا ٿيندا ۽ کين مارائي ڇڏيندا.
22
منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.
23
جڏهن ماڻهو اوهان کي ڪنهن شهر ۾ ستائين تہ اوهين هڪدم ٻئي شهر ڏانهن هليا وڃجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين اسرائيل جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنهنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابنِ آدم اچي پهچندو.
24
شاگرد پنهنجي استاد کان مٿي نہ هوندو آهي ۽ نہ وري ڪو غلام پنهنجي مالڪ کان.
25
شاگرد لاءِ سٺو اهو آهي تہ هو پنهنجي استاد سان هر حال ۾ شامل رهي ۽ غلام لاءِ تہ پنهنجي مالڪ سان. سو جيڪڏهن گھر جي مالڪ کي ئي ڀوتن جو سردار بعلزبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“
26
”تنهنڪري مخالفن کان نہ ڊڄو. جيڪو هينئر آءٌ اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٻڌايان ٿو سو اوهين ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٻڌائجو. جيڪو اوهين اڪيلائي ۾ مون کان ٻڌو ٿا سو کُليو کُلايو پڪارجو، ڇاڪاڻ تہ ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي.
28
ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني جسم ۽ روح کي ماري دوزخ ۾ وجھي سگھي ٿو.
29
ڇا هڪ ننڍڙي سڪي ۾ ٻہ جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن؟ اهڙين خسيس جھرڪين مان هڪڙي بہ اوهان جي پيءُ جي مرضيءَ کان سواءِ زمين تي نہ ٿي ڪِري.
30
جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين خدا کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“
32
”جيڪو ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو مون کي قبول ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس.
33
پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“
34
”ائين نہ سمجھو تہ آءٌ ڌرتيءَ تي صلح ڪرائڻ آيو آهيان. منهنجي ڪري صلح نہ ٿيندو، اٽلندو تلوار هلندي.
35
هائو، منهنجي اچڻ ڪري پٽ پيءُ جي خلاف ٿيندو، ڌيءَ ماءُ جي خلاف ۽ نُنهن سس جي خلاف ٿيندي.
36
مطلب تہ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ڀاتي ٿيندا.
37
جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي توڙي پنهنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، سو منهنجي لائق نہ آهي.
38
جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي، سو منهنجي لائق نہ آهي.
39
ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو سو اها حاصل ڪندو.“
40
”جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو خدا کي قبول ڪري ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.
41
جيڪو نبيءَ کي خدا جو نبي سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نبيءَ جيترو اجر ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نيڪ جيترو اجر ملندو.
42
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي شاگردن مان ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي کي بہ منهنجو شاگرد سمجھي هڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو ئي پيئاريندو تہ هن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملندو.“
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28