bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 19
Matthew 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 20 →
1
جڏهن عيسيٰ اهي سمجھاڻيون ڏيئي چڪو تہ هو گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ علائقي جي انهيءَ حصي ۾ آيو، جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف هو.
2
هن جي پٺيان ماڻهن جا جيڪي وڏا ميڙ پئي آيا تن مان بيمارن کي هن اتي ئي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيو.
3
اتي ڪي فريسي عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجي زال کي ڪنهن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“
4
تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوهان پاڪ ڪلام نہ پڙهيو آهي ڇا؟ انهيءَ ۾ لکيل آهي تہ خالق انسان کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو
5
۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.‘
6
هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي خدا ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“
7
تڏهن انهن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ شريعت ۾ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنهنجي زال کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“
8
عيسيٰ وراڻيو تہ ” موسيٰ اوهان جي سختدليءَ ڪري اوهان کي اجازت ڏني تہ اوهين پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، جڏهن تہ شروعات ۾ ائين نہ هو.
9
پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“
10
تنهن تي سندس شاگردن کيس چيو تہ ”جيڪڏهن زال مڙس جو اهو حال آهي تہ پوءِ پرڻجڻ ئي چڱو نہ آهي.“
11
عيسيٰ وراڻيو تہ ”سڀ ماڻهو اها ڳالهہ قبول ڪري نہ سگھندا. رڳو اهي قبول ڪندا جن کي خدا کان اهڙي طاقت مليل هوندي،
12
ڇاڪاڻ تہ ڪي سبب آهن جو ماڻهو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي نامرد آهن، ڪن کي ماڻهن نامرد ڪيو آهي ۽ ڪي آسمان جي بادشاهيءَ جي لاءِ پنهنجي نفس کي مارين ٿا. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“
13
پوءِ ڪي ماڻهو عيسيٰ وٽ پنهنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن عيسيٰ پنهنجا هٿ انهن تي رکي کين دعا ڪري، پر شاگردن انهن ماڻهن کي ڇينڀيو.
14
عيسيٰ چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.“
15
عيسيٰ انهن تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ پوءِ اتان روانو ٿي ويو.
16
هڪ دفعي هڪ ماڻهو عيسيٰ وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”اي استاد! آءٌ ڪهڙو چڱو ڪم ڪريان جو دائمي زندگي ملي؟“
17
عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آهي. جيڪڏهن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“
18
هن پڇيس تہ ”ڪهڙا حڪم؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘
19
’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“
20
تنهن تي جوان مرد جواب ڏنو تہ ”انهن سڀني حڪمن تي تہ آءٌ عمل ڪندو آيو آهيان. باقي ٻيا ڪهڙا ڪم رهيل آهن؟“
21
عيسيٰ هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر، تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
22
جوان مرد جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ غمگين ٿي پيو ۽ هليو ويو، ڇاڪاڻ تہ هو هڪ وڏو شاهوڪار ماڻهو هو.
23
تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
24
آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“
25
جڏهن شاگردن اهو ٻڌو تہ ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“
26
عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“
27
تنهن تي پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسين تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوهان جي پٺيان لڳا آهيون. سو اسان کي ڇا ملندو؟“
28
عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايندڙ نئين زماني ۾ نئين سر بحاليءَ وقت جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان تخت تي ويهندو، تہ منهنجي پٺيان هلندڙ اوهين ٻارهن ئي ڄڻا ٻارهن تختن تي ويهندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندا.
29
جيڪو بہ پنهنجا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ پيءُ، ٻار يا ٻنيون منهنجي ڪري ڇڏيندو تہ ان کي اُهي سؤڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.
30
پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28