bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 18
Matthew 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 19 →
1
انهيءَ مهل شاگردن عيسيٰ جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟“
2
تنهن تي عيسيٰ هڪ ٻار کي سڏي انهن جي سامهون بيهاري
3
چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان جي بادشاهيءَ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا.
4
ڏسو، آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀ کان وڏو اُهو آهي جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر نماڻو ۽ نهٺو ٿو ڪري
5
۽ جيڪو بہ اهڙن ٻارن کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ٿو ڪري.“
6
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هي سادا سٻاجھا پوئلڳ جن مون تي ايمان آندو آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو گمراهہ ڪندو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.
7
حيف آهي هن دنيا تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي گمراهہ ٿيون ڪن. ماڻهو گمراهہ تہ ضرور ٿيندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو گمراهہ ٿئي ٿو.
8
جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا پير تو کي گمراهہ ڪري تہ اهو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻنهي هٿن يا پيرن سان ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو ٿي دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين.
9
جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي گمراهہ ڪري تہ اُها ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ ٻن اکين سان دوزخ جي باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي دائمي زندگيءَ ۾ داخل ٿئين.“
10
”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.
12
ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪ وڃائجي وڃيس تہ ان جي لاءِ هو ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا هو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن هڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟
13
پوءِ جڏهن هو اها رڍ لهي ٿو تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اُهي نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آهن تن کان وڌيڪ هو انهيءَ هڪ لاءِ خوشي ڪندو.
14
ساڳيءَ طرح اوهان جو آسمان وارو پيءُ نہ ٿو چاهي تہ هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪو هڪڙو بہ گمراهہ ٿي وڃي.“
15
”جيڪڏهن اوهان جو ڪو همايمان ڀاءُ ڀيڻ اوهان جو ڪو ڏوهہ ٿو ڪري تہ هن کي اڪيلائيءَ ۾ وڃي سمجھايو. جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ مڃي تہ اوهان هڪ همايمان کي موٽائي آندو.
16
پر جيڪڏهن هن اوهان جي ڳالهہ نہ مڃي تہ پوءِ جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’هڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي سامهون مٿس ثابت ٿئي.‘
17
جيڪڏهن هو انهن کي انڪار ڪري تہ ڪليسيا کي ٻڌايو ۽ جيڪڏهن ڪليسيا کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ هن کي غير ايمان وارن ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جهڙو ڪري سمجھو.“
18
”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي منع ڪندا، تنهن جي عرش عظيم کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي اجازت ڏيندا، تنهن جي عرش عظيم کان بہ اجازت ڏني ويندي.
19
سو آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جڏهن اوهان مان ڪي ٻہ ڄڻا بہ هڪ راءِ ٿي هن ڌرتيءَ تي ڪنهن ڳالهہ لاءِ دعا گھرندا تہ منهنجو آسمان وارو پيءُ اوهان لاءِ اها ضرور پوري ڪندو،
20
ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ٻہ ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انهن سان شامل آهيان.“
21
تڏهن پطرس عيسيٰ جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن منهنجو ڪو همايمان منهنجو ڏوهہ ڪندو رهي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“
22
عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ بخشي ڇڏڻ لاءِ رڳو ست دفعا نہ ٿو چوان، بلڪ ستر دفعا ست ست.
23
ڏسو، آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي بادشاهہ پنهنجي نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
24
جڏهن هو حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس هڪ اهڙو نوڪر آندو ويو جنهن ڏانهن هن جا ڪروڙين چانديءَ جا سڪا قرض هئا.
25
پر انهيءَ نوڪر وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي قرض لاهي. تنهنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’هن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي تنهن کي بہ وڪڻي قرض وصول ڪيو وڃي.‘
26
تنهن تي نوڪر پنهنجي مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ’مون کي مهلت ڏيو. آءٌ اوهان جو سمورو قرض ادا ڪندس.‘
27
هن جي مالڪ کي مٿس رحم اچي ويو سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين.
28
پوءِ جڏهن اهو نوڪر ٻاهر نڪتو تہ پنهنجو هڪ ساٿي نوڪر مليس جنهن ڏانهن هن جا هڪ سؤ چانديءَ جا سڪا قرض هئا. هن انهيءَ کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيس تہ ’مون کي منهنجو قرض واپس ڏي.‘
29
هن جو ساٿي پيرن تي ڪري کيس ليلائي چوڻ لڳو تہ ’مون کي مهلت ڏي، آءٌ تو کي قرض واپس ڪندس.‘
30
پر هن سندس هڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين هو قرض ادا نہ ڪري.
31
جڏهن انهيءَ جي ساٿي نوڪرن هي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سمورو احوال پنهنجي مالڪ کي ٻڌايائون.
32
تنهن تي مالڪ انهيءَ نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنهنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي منٿون ڪيون هيون.
33
ڇا تو کي بہ اهڙيءَ طرح پنهنجي ساٿي نوڪر تي رحم ڪرڻ نہ کپندو هو جيئن مون تو تي ڪيو؟‘
34
سو مالڪ مٿس ڏاڍو ڏمريو ۽ کيس جلادن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جيستائين هو سمورو قرض واپس نہ ڪري.“
35
پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”ساڳيءَ طرح جيڪڏهن اوهين پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان معاف نہ ڪندا، تہ منهنجو آسمان وارو پيءُ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندو.“
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28