bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 17
Matthew 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 18 →
1
ڇهن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس ، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو.
2
اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.
3
تڏهن ڇا ڏسن تہ عيسيٰ سان موسيٰ ۽ الياس نبي ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
4
تنهن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! اها اسان جي خوشنصيبي آهي جو اسين هتي آهيون. جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ هتي ٽي تنبو کوڙيان، هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ الياس لاءِ.“
5
اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“
6
اهو آواز ٻڌي شاگرد ايترو تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منهن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون.
7
تڏهن عيسيٰ وٽن اچي کين هٿ لائي چيو تہ ”اُٿو، ڊڄو نہ.“
8
جڏهن هنن اکيون کڻي نهاريو تہ عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪنهن کي بہ نہ ڏٺائون.
9
پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ لٿا پئي تہ عيسيٰ کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين ابنِ آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“
10
تڏهن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ” شريعت جا عالم ڇو ٿا چون تہ مسيح جي اچڻ کان پهريائين الياس نبيءَ جو اچڻ ضروري آهي؟“
11
هن وراڻيو تہ ”برابر، الياس پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو.
12
پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو جڏهن تہ ماڻهن هن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهن جي هٿان تڪليفون سهندو.“
13
تڏهن ئي شاگردن سمجھيو تہ هو ساڻن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالهائي رهيو هو.
14
جڏهن عيسيٰ پنهنجي ٽنهي شاگردن سان گڏ ٻين شاگردن ۽ خلق ڏانهن موٽيو تہ هڪڙو ماڻهو وٽس اچي گوڏا کوڙي
15
چوڻ لڳس تہ ” سائين! منهنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هن کي مرگھيءَ جو اهڙو ڏکوئيندڙ مرض آهي جو اڪثر ڪري باهہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري.
16
آءٌ کيس اوهان جي شاگردن وٽ وٺي آيو هئس، پر اُهي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“
17
تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بييقين ۽ گمراهہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان وٽ هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ آندو وڃي.“
18
پوءِ عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو.
19
پوءِ نويڪلائيءَ ۾ شاگردن عيسيٰ جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“
20
عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين اهو ڀوت انهيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوهان ۾ ايترو ايمان ڪونہ هو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان ۾ سرنهن جي داڻي جيترو بہ ايمان هوندو تہ اوهين هن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’هتان هلي هُتي وڃ‘ تہ هو ويندو. اوهان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻٿيڻي نہ آهي.“
22
پوءِ جڏهن سڀيئي شاگرد گليل علائقي ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انهن کي ٻڌايو تہ ” ابنِ آدم جلد ئي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.
23
اهي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ تنهن تي شاگرد ڏاڍا غمگين ٿي پيا.
24
جڏهن عيسيٰ ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم ۾ اچي پهتا تہ هيڪل جو ٽيڪس اُڳاڙڻ وارا پطرس وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڇا تنهنجو استاد هيڪل جو ٽيڪس نہ ڏيندو آهي؟“
25
تنهن تي پطرس وراڻين تہ ”هائو، ڇو نہ ڏيندو آهي.“ پوءِ جڏهن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ئي عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڌرتيءَ جا بادشاهہ ٽيڪس ۽ ڍل ڪنهن کان اُڳاڙيندا آهن؟ ڇا پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کان يا ڌارين کان؟“
26
تنهن تي پطرس جواب ڏنو تہ ”ڌارين کان.“ عيسيٰ چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رهاڪو ٽيڪس ڏيڻ کان آجا آهن.
27
پر اسين هنن ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاهيون. تنهنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پهرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو هڪ وڏو سڪو ڏسندين. اهو کڻي وڃي منهنجي ۽ پنهنجي پاران هنن کي هيڪل جي ٽيڪس طور ڏي.“
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28