bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 27
Matthew 27
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 28 →
1
صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون.
2
پوءِ هنن عيسيٰ کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.
3
دغاباز يهوداہ جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تڏهن هن ڏاڍو پڇتايو ۽ چانديءَ جا اهي ٽيهہ سڪا سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن وٽ موٽائي کڻي ويو.
4
هن کين چيو تہ ”هڪ بيقصور منهنجي پڪڙائڻ سبب ماريو ٿو وڃي. اهو مون وڏو گناهہ ڪيو آهي.“ پر انهن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪهڙو واسطو؟ اهو تہ تنهنجو ئي ڪم آهي، سو تون ئي ڄاڻ.“
5
تنهن تي يهوداہ اهي پئسا هيڪل ۾ ئي ڦٽا ڪري هليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏنائين.
6
سردار ڪاهنن اهي سڪا کڻي چيو تہ ”هي خون جا پئسا آهن، تنهنڪري انهن پئسن کي هيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آهي.“
7
سو هنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انهن پئسن سان ڪنڀر وارو ميدان خريد ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اتي پرديسين واسطي قبرستان ٺاهين.
8
اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين اها زمين ”خون جو ميدان“ سڏبي آهي.
9
اهڙيءَ طرح يرمياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿيو تہ ”انهن اهي ٽيهہ سڪا کنيا، جيڪي بني اسرائيل وارن سندس مُلهہ طور ڏيڻ لاءِ قبول ڪيا هئا.
10
پوءِ انهن اهي پئسا ڪنڀر جي ميدان لاءِ ڏنا، جيئن خداوند مون کي حڪم ڏنو هو.“
11
عيسيٰ کي گورنر پلاطس جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنهن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“
12
جڏهن سردار ڪاهنَ ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس مٿس تهمتون هڻڻ لڳا تہ انهن جي جواب ۾ عيسيٰ ڪجھہ بہ نہ چيو.
13
تنهنڪري پلاطس هن کي چيو تہ ”ڇا تون هي سڀ ڳالهيون نہ ٿو ٻڌين جيڪي هي تو تي مڙهين ٿا؟“
14
پر عيسيٰ جواب ۾ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيو. تنهن تي گورنر ڏاڍو حيران ٿيڻ لڳو.
15
گورنر جو اهو دستور هوندو هو تہ عيد فصح جي موقعي تي هو هڪڙي قيديءَ کي آزاد ڪندو هو، جنهن جي لاءِ رعيت چوندي هئس.
16
انهن ڏينهن ۾ هڪ مشهور ڏوهاري قيد ٿيل هو، جنهن جو نالو برابا هو.
17
پوءِ جڏهن ماڻهو اچي گڏ ٿيا تہ پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو تہ اوهان جي خاطر آءٌ ڪنهن کي آزاد ڪريان، برابا کي يا عيسيٰ کي، جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“
18
اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“
19
اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“
20
انهيءَ دوران سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن خلق کي سمجھايو تہ هو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي.
21
گورنر انهن کان ٻيهر پڇيو تہ ”هنن ٻنهي مان اوهان جي خاطر ڪنهن کي آزاد ڪريان؟“ انهن وراڻيو تہ ”برابا کي!“
22
تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”پوءِ عيسيٰ کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انهن سڀني واڪا ڪري چيو تہ ” صليب تي چاڙهيوس.“
23
تنهن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ” صليب تي چاڙهيوس.“
24
تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آهي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏهن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان پنهنجا هٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ هن ماڻهوءَ جي خون کان آجو آهيان. اها اوهان جي ذميواري آهي.“
25
سڀني ماڻهن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ هن جي خون جي ذميواري اسان تي ۽ اسان جي اولاد تي هجي.“
26
پوءِ پلاطس برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ عيسيٰ کي ڪوڙا هڻي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.
27
پوءِ اهي سپاهي عيسيٰ کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون.
28
انهن عيسيٰ جا ڪپڙا لهرايا ۽ هڪڙو لال ڳاڙهو جبو ڍڪايائونس.
29
تنهن کان پوءِ انهن هڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاهي هن جي مٿي تي رکيو ۽ هڪ ڪانو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي هن جي اڳيان گوڏا کوڙي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. اهي چون پيا تہ ”سلام، اي يهودين جا بادشاهہ!“
30
پوءِ انهن هن کي ٿڪون هنيون ۽ اهو ئي ڪانو کڻي سندس مٿي تي هڻڻ لڳا.
31
جڏهن اهي ٺٺوليون ڪري چڪا تہ اهو لال ڳاڙهو جبو لهرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پهرايائون. پوءِ هو کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.
32
جڏهن هو يروشلم کان نڪتا پئي ويا تہ انهن کي ڪريني شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو جنهن جو نالو شمعون هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس عيسيٰ جو صليب کڻائي هليا.
33
پوءِ هو گُلگُتا نالي هڪڙي جاءِ تي پهتا، جنهن جي معنيٰ آهي ”کوپريءَ جي جاءِ.“
34
اتي سپاهين عيسيٰ کي ڪؤڙاڻ گڏيل مئي پيئڻ لاءِ ڏني. پر جڏهن هن اها چکي تڏهن پيئڻ کان انڪار ڪيائين.
35
پوءِ هنن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا. ان کان پوءِ هنن پُکا وجھي سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا
36
۽ اتي ويهي مٿس پهرو ڏيندا رهيا.
37
انهن صليب تي هن جي مٿان هڪڙي تختي پڻ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيائون تہ ”هي عيسيٰ آهي، يهودين جو بادشاهہ.“
38
هنن عيسيٰ سان گڏ انهن ٻن ڌاڙيلن کي بہ صليب تي چاڙهيو، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.
39
جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي عيسيٰ کي ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ
40
”تون تہ ٽن ڏينهن ۾ هيڪل پيو ڊاهين ۽ ٺاهين، هاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ صليب تان هيٺ لهي تہ ڏيکار.“
41
ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس بہ هن تي ٺٺوليون ڪندي چوڻ لڳا تہ
42
”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا اهو آهي بني اسرائيل جو بادشاهہ؟ هاڻي صليب تان لهي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون.
43
هو خدا تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ خدا هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آهيان.‘“
44
جيڪي ڌاڙيل هن سان گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، سي بہ ساڳيءَ طرح کيس گھٽ وڌ ڳالهائين پيا.
45
منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين هلي.
46
ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ يعني ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“
47
جيڪي ماڻهو اتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”هي الياس نبيءَ کي سڏي رهيو آهي.“
48
انهن مان هڪڙو ماڻهو جلدي ڀڳو ۽ فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.
49
پر ٻين کيس چيو تہ ”ترس، ڏسون تہ الياس هن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“
50
تڏهن عيسيٰ وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين.
51
انهيءَ دم هيڪل جو مقدس ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي، ڏونگر ڏري پيا
52
۽ قبرون ڦاٽي پيون. پوءِ ڪيترائي خداپرست ماڻهو جيڪي مري ويا هئا، سي جيئرا ٿي
53
قبرن مان ٻاهر نڪري عيسيٰ جي ٻيهر جيئري ٿيڻ کان پوءِ پاڪ شهر يروشلم ۾ اچي داخل ٿيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کين ڏٺو.
54
فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو خدا جو فرزند هو.“
55
اتي ڪيتريون ئي عورتون بہ هيون، جيڪي گليل علائقي کان عيسيٰ جي خدمت ڪنديون ساڻس گڏجي آيون هيون، سي پڻ پري کان ڏسي رهيون هيون.
56
انهن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ زبديءَ جي زال جيڪا يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ هئي سي پڻ شامل هيون.
57
جڏهن شام ٿي تہ يوسف نالي عيسيٰ جو هڪ شاگرد اچي پهتو، جيڪو ارمٿيا جو رهاڪو ۽ شاهوڪار ماڻهو هو.
58
هن گورنر پلاطس جي درٻار ۾ وڃي کانئس عيسيٰ جو لاش گھريو. پلاطس حڪم ڏنو تہ ” عيسيٰ جو لاش کيس ڏنو وڃي.“
59
پوءِ يوسف لاش ورتو ۽ انهيءَ کي هڪڙي اُچي صاف سٿري ڪفن ۾ ويڙهي
60
کڻي وڃي اُن غار نموني قبر ۾ رکيائين، جيڪا هن ٽڪر ۾ پنهنجي لاءِ تازو کوٽائي هئي. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي قبر جي منهن تي ڏنائين ۽ پاڻ هليو ويو.
61
مريم مگدليني ۽ اها ٻي مريم اچي قبر جي سامهون ويهي رهيون.
62
تياريءَ جي ڏينهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ ويا
63
۽ چيائونس تہ ” سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘
64
تنهنڪري اوهين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينهن تائين قبر تي پهرو ڏنو وڃي، متان هن جا شاگرد سندس لاش چورائي وڃن ۽ پوءِ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو آهي. سو متان هيءَ پوئين ٺڳي پهرينءَ کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“
65
تنهن تي پلاطس انهن کي چيو تہ ”پوءِ پهريدار وٺي وڃو ۽ ايتري سخت چوڪسي ڪريو جيتري ڪري سگھو.“
66
پوءِ هو پهريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ قبر جي منهن تي ڏنل پٿر تي مُهر هڻي اتي پهرو بيهاريائون.
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28