bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 14
Matthew 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 15 →
1
انهن ڏينهن ۾ گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جڏهن عيسيٰ جي هاڪ ٻڌي،
2
تڏهن پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ ”هي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو ئي آهي. جيئن تہ هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، تنهنڪري هو اهي معجزا ٿو ڪري.“
3
ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين.
4
انهيءَ جو سبب اهو هو جو يحيٰ هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيئري ئي پنهنجي ڀاڄائي هيرودياس سان شادي ڪريو.“
5
سو هيروديس يحيٰ کي مارائڻ پئي چاهيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇاڪاڻ تہ هنن يحيٰ کي نبي ٿي سمجھيو.
6
پوءِ هيئن ٿيو هو جو جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ ماڻهن جي وچ ۾ بيهي ناچ ڪيو. هيروديس ايترو تہ خوش ٿيو
7
جو هن قسم کڻي ساڻس واعدو ڪيو تہ ”جيڪو گھرندينءَ سو آءٌ ڏيندوسانءِ.“
8
تنهن تي انهيءَ ڇوڪريءَ پنهنجي ماءُ جي چوڻ تي وراڻيس تہ ”مون کي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ هتي گھرائي ڏيو.“
9
اهو ٻڌي هيروديس کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جيئن تہ هن مهمانن جي اڳيان قسم کڻي واعدو ڪيو هو، تنهنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ انهيءَ ڇوڪريءَ جي مرضي پوري ٿئي.
10
سو ماڻهو موڪلي جيل ۾ يحيٰ جي سسي لهرايائين.
11
سسي ٿالهہ ۾ وجھي آڻي ڇوڪريءَ جي اڳيان رکيائون، جنهن اها پنهنجي ماءُ کي ڏيئي ڇڏي.
12
ان کان پوءِ يحيٰ جي شاگردن اچي سندس لاش وٺي ان کي دفن ڪيو هو ۽ عيسيٰ کي اچي ٻڌايو هئائون.
13
جڏهن عيسيٰ اها خبر ٻڌي تڏهن ڪجھہ وقت اڪيلائيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي شاگردن سميت ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ پنهنجا شهر ڇڏي پيرين پيادا هن جي پٺيان هليا.
14
جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.
15
جڏهن شام ٿي تہ سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ هتي اسين ويران هنڌ تي آهيون. سو ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ ڀل ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“
16
پر عيسيٰ وراڻين تہ ”انهن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. اوهين ئي انهن کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“
17
تنهن تي انهن چيس تہ ”اسان وٽ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي.“
18
عيسيٰ کين چيو تہ ”اهي مون وٽ کڻي اچو.“
19
هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا.
20
سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو، تنهن جي باوجود جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان شاگردن ٻارهن کاريون ڀريون.
21
جن ماڻهن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل پنج هزار هو.
22
تڏهن هڪدم عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوهين مون کان اڳ ڍنڍ جي هُن ڀر هلو.“ پوءِ هن ماڻهن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي
23
۽ پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو. رات تائين هو اتي اڪيلو ئي رهيو.
24
انهيءَ مهل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي هئي ۽ ڇولين جي ڪري لوڏا کائي رهي هئي، ڇاڪاڻ تہ واءُ ان جي سامهون هو.
25
رات جي پوئين پهر ۾ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انهن وٽ آيو.
26
شاگردن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تہ دهلجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪو جن آهي.“ سو هو ڊپ ۾ وٺي رڙيون ڪرڻ لڳا.
27
تنهن تي عيسيٰ هڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“
28
پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن تون آهين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي هلي تو وٽ اچان.“
29
تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانهن وڃڻ لڳو.
30
پر جڏهن هن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”اي خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“
31
تڏهن عيسيٰ هڪدم هٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنهنجو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.“
32
پوءِ جيئن ئي هو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا تہ واءُ بند ٿي ويو.
33
تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کيس سجدو ڪندي چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آهين.“
34
عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيو.
35
اتان جي ماڻهن هن کي سڃاڻي ورتو. تنهنڪري هنن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ مان بيمار ماڻهو گھرائي عيسيٰ وٽ آندا.
36
ماڻهن منٿ ڪيس تہ ”اوهين رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ تڏهن جن بہ هٿ لاتس سي چڱا ڀلا ٿي ويا.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28