bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 23
Matthew 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 24 →
1
پوءِ عيسيٰ ميڙ ۽ پنهنجي شاگردن سان ڳالهائيندي چيو تہ
2
” شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي موسيٰ جي شريعت جو اختيار مليل آهي.
3
تنهنڪري اوهان کي انهن جو هر هڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انهن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيئن اهي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن.
4
هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن.
5
هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا.
6
هو دعوتن توڙي عبادتخانن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا.
7
هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين سلامي ٿين ۽ کين ’سائين، سائين‘ ڪري پڪارين.
8
پر اوهين ’سائين‘ نہ سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هڪٻئي جا ڀائر ڀينر آهيو ۽ اوهان جو رڳو هڪڙو ئي سائين آهي.
9
ساڳيءَ طرح اوهين هن دنيا ۾ ڪنهن کي بہ پيءُ نہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي پيءُ آهي جيڪو آسمان تي آهي.
10
نہ وري اوهين مرشد سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي مرشد آهي يعني مسيح.
11
اوهان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آهي سو اوهان جو خادم ٿئي.
12
جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
13
”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.
15
مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو دين ۾ اچي اوهان جو مريد ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو دوزخي ٿا بڻايو.
16
مصيبت آهي اوهان لاءِ اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو هيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘
17
اي انڌؤ! اي بيوقوفؤ! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا هيڪل جنهن سون کي پاڪ ڪيو؟
18
اوهين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو قربانگاهہ جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو قربانگاهہ تي ڏنل نذر جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘
19
اوهين ڪيڏا نہ انڌا آهيو! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، نذر يا قربانگاهہ، جيڪا نذر کي پاڪ ٿي ڪري؟
20
تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو قربانگاهہ جو قسم کڻي ٿو تہ اهو نہ رڳو ان جو قسم ٿو کڻي پر انهن سڀني شين جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪي ان تي رکيل آهن.
21
جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو نہ رڳو ان جو پر خدا جو بہ قسم ٿو کڻي جيڪو ان ۾ رهي ٿو.
22
جيڪڏهن ڪو عرش عظيم جو قسم ٿو کڻي تہ هو خدا جي تخت جو قسم تہ کڻي ٿو بلڪ انهيءَ جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪو ان تي ويٺل آهي.
23
مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين خدا جي راهہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالهيون آهن، يعني انصاف، رحم ۽ وفاداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها.
24
اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڏسي ڪڍو ٿا پر اُٺ کي نظرانداز ڪري ڳڙڪائي ٿا وڃو.
25
مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين پنهنجي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو، پر ان جي اندر پيل شيون ڏاڍائيءَ ۽ لوڀ سان حاصل ڪيل آهن.
26
اي انڌا فريسيؤ! وٽيءَ جو پهريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انهيءَ جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.
27
مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين اڇين قبرن وانگر آهيو جيڪي ٻاهران تہ سهڻيون نظر ٿيون اچن، پر انهن جو اندر مُڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آهي.
28
ساڳيءَ طرح اوهين بہ ماڻهن کي ٻاهران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوهان جو اندر رياڪاريءَ ۽ خدا جي نافرمانيءَ سان ڀريل آهي.“
29
”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين نبين جا قبا ٿا ٺاهيو ۽ نيڪن جون تربتون ٿا سينگاريو
30
۽ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن اسين ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ هجون ها تہ جيڪر نبين کي قتل ڪرڻ ۾ انهن سان شريڪ نہ ٿيون ها.‘
31
حقيقت ۾ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ اهو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين نبين جي قاتلن جو اولاد آهيون.‘
32
تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو هو تنهن کي ڀلي وڃي پورو ڪريو.
33
اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين دوزخ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟
34
ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن نبي ، سياڻا ماڻهو ۽ عالم موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي صليب تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجن عبادتخانن ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.
35
انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ قربانگاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.
36
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن سڀني جو خون هن پيڙهيءَ جي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.“
37
” يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.
38
هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي.
39
آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون هن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28