bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 15
Matthew 15
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 16 →
1
تنهن کان پوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ
2
”تنهنجا شاگرد وڏن جي مذهبي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ ماني کائڻ وقت هو پنهنجا هٿ ئي نہ ٿا ڌوئن.“
3
پر عيسيٰ کين وراڻي ڏيندي چيو تہ ”ڀلا اوهين ڇو پنهنجي انهن ريتن رسمن جي ڪري خدا جو حڪم ڀڃو ٿا؟
4
جيئن تہ خدا فرمايو آهي تہ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪو بہ پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي،‘
5
پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هو چوي ٿو تہ ”اها خدا جي نذر ٿي چڪي آهي،“
6
تہ پوءِ ڀلي پنهنجي پيءُ جي عزت نہ ڪري.‘ اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن جي ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪريو ٿا.
7
اي رياڪارؤ! بيشڪ يسعياہ نبيءَ جي معرفت خدا اوهان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح فرمايو آهي تہ
8
’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي عزت ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.
9
هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون خدا جا حڪم آهن.‘“
10
پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو
11
تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي پليت ڪري ٿي.“
12
تڏهن شاگردن اچي چيس تہ ”استاد! ڇا اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي هيءَ ڳالهہ فريسين کي ڏاڍي بري لڳي آهي؟“
13
تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منهنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آهي سو ضرور پاڙان پٽيو ويندو.
14
سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“
15
تنهن تي پطرس کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ پليت ڪرڻ واري مثال جي معنيٰ ڇا آهي.“
16
عيسيٰ چيو تہ ”اوهين بہ اڃا تائين بيسمجھہ آهيو ڇا؟
17
ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي پوي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
18
پر جيڪي ڳالهيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اهي ئي ڳالهيون انسان کي پليت ڪن ٿيون.
19
هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري.
20
اهي ئي تہ ڳالهيون آهن جيڪي انسان کي پليت ڪن ٿيون. پر اڻڌوتل هٿن سان کائڻ ماڻهوءَ کي پليت نہ ٿو ڪري.“
21
پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شهرن جي علائقي ڏانهن ويو.
22
اتان جي هڪ ڪنعاني عورت عيسيٰ جي پٺيان وڏي آواز سان پڪاريندي ٿي آئي تہ ”اي سائين! اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو. منهنجي ڌيءَ ۾ ڀوت آهي، جيڪو کيس ڏاڍو ستائي ٿو.“
23
پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. تڏهن سندس شاگردن ويجھو اچي منٿ ڪندي چيس تہ ”استاد! هن کي روانو ڪريو جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“
24
تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي گمراهہ ٿيل رڍن لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان.“
25
تنهن هوندي بہ هوءَ اچي پهتي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري کيس چيائين تہ ”اي سائين! منهنجي مدد ڪريو.“
26
عيسيٰ چيس تہ ”اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“
27
پر عورت وراڻيس تہ ” سائين! اهو تہ برابر آهي، پر ڪتا بہ تہ مالڪن جي دسترخوان جا ڪريل ٽڪر کائيندا آهن.“
28
تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! تون تہ وڏو ايمان رکين ٿي. تون جيڪو گھرين ٿي سو ئي تو لاءِ ٿئي.“ انهيءَ وقت ئي سندس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.
29
عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ويجھو پهتو ۽ ان جي ڪناري سان هلڻ لڳو. پوءِ هو هڪڙي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ اتي ويهي رهيو.
30
ماڻهن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترائي بيمار آندا. انهن کي عيسيٰ جي پيرن وٽ ويهاريائون ۽ هن کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.
31
ماڻهن جڏهن ڏٺو تہ گونگا ڳالهائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آهن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا، تڏهن هو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.
32
عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“
33
تنهن تي شاگردن چيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي هيڏي سڄي خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني اسين ڪٿان آڻينداسين؟“
34
عيسيٰ پڇين تہ ”اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست مانيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون آهن.“
35
تنهن تي عيسيٰ ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“
36
پوءِ هن ست ئي مانيون ۽ مڇيون هٿن تي کڻي انهن ۾ خدا کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا.
37
انهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀريون.
38
جن ماڻهن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل چار هزار هو.
39
پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مگدن جي علائقي ڏانهن هليو ويو.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
Recommended Reading
Commentary
Matthew Commentaries
→
Devotional
Matthew Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→