bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 7
Matthew 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 8 →
1
”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ خدا بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙي،
2
ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.
3
اوهين ڪنهن همايمان ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟
4
اوهين ڪيئن ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ اوهان جي اک ۾ شهتير پيل آهي.
5
اي رياڪارؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو تہ پوءِ اوهين انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.
6
اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“
7
”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ،
8
ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي، سو لهندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ اهو کلندو آهي.
9
هاڻي ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پيءُ آهي جنهن کان سندس ٻار ماني گھري تہ هو پٿر ڏئيس؟
10
يا سندس ٻار مڇي گھري تہ نانگ ڏئيس؟
11
جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ چڱيون شيون اوهان کي ڏيندو جيڪي اوهين کانئس گھرندا!
12
سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي تعليم جو نچوڙ آهي.“
13
”اوهين سوڙهي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانهن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آهي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آهن.
14
پر جيڪو دروازو ۽ رستو زندگيءَ ڏانهن وڃي ٿو سو ڪيڏو نہ سوڙهو ۽ تنگ آهي ۽ ڪي ٿورا ئي آهن جن کان اهو لڀي ٿو.“
15
”انهن نبي سڏائيندڙن کان هوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن.
16
اوهين انهن کي سندن عملن مان سڃاڻي وٺندا، ڇاڪاڻ تہ ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آهن ۽ نڪي اڪن مان انب.
17
اهڙيءَ طرح سٺو وڻ ميوو بہ سٺو ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ ميوو بہ خراب ڏئي ٿو.
18
سٺو وڻ خراب ميوو ڏيئي نہ ٿو سگھي، نڪي خراب وڻ سٺو ميوو ڏيئي سگھي ٿو.
19
جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي سو وڍي باهہ ۾ وجھبو آهي.
20
تنهنڪري اوهين انهن نبي سڏائيندڙن کي سندن عملن مان سڃاڻي سگھندا.“
21
”جيڪي مون کي ’ خداوند ، خداوند ‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اهي داخل ٿيندا جيڪي منهنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب هلن ٿا.
22
قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنهنجي نالي تي خدا جو پيغام نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘
23
پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوهان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي خدا جا نافرمانؤ! مون وٽان هليا وڃو.‘“
24
”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي.
25
جيتوڻيڪ مينهن ان گھر تي ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تڏهن بہ اهو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ٽڪر تي اڏيل هو.
26
پر جيڪو بہ ماڻهو منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اهڙي بيوقوف مثل آهي جنهن پنهنجو گھر واريءَ تي اڏايو هجي.
27
ان گھر تي مينهن ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تہ گھر ڪري پيو ۽ تباهہ ٿي ويو.“
28
جڏهن عيسيٰ هي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن اتي موجود سڄي خلق سندس تعليم تي حيران ٿي ويئي،
29
ڇاڪاڻ تہ هن شريعت جي عالمن وانگر نہ، بلڪ ائين پئي تعليم ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28