bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 2
Matthew 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 3 →
1
يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾ عيسيٰ يهوديہ جي بيتلحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي نجومي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا
2
۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو بادشاهہ جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.“
3
هيروديس بادشاهہ جڏهن هي ٻڌو تہ هو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا.
4
هن سڀني سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ” مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“
5
انهن وراڻيو تہ ”يهوديہ جي بيتلحم ۾، ڇاڪاڻ تہ نبيءَ هيئن لکيو آهي تہ
6
’اي بيتلحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“
7
تنهن تي هيروديس انهن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪهڙي وقت نظر آيو هو؟“
8
پوءِ هن انهن کي هي حڪم ڏيئي بيتلحم ڏانهن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏهن اوهين انهيءَ کي لهو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ وڃي کيس سجدو ڪريان.“
9
بادشاهہ جي حڪم موجب اهي روانا ٿيا ۽ رستي ۾ جڏهن اهو تارو ڏٺائون جيڪو اوڀر ۾ ڏٺو هئائون، تڏهن اهي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نہ پيا ماپن. اهو تارو سندن اڳيان هلندو رهيو، تان جو اچي ان جاءِ جي مٿان بيٺو جتي اهو ٻار هو.
11
هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.
12
خدا انهن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري هيروديس وٽ ويا آهيو.“ تنهنڪري اُهي ٻيو رستو وٺي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا.
13
جڏهن اُهي هليا ويا تہ خداوند جو هڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“
14
تنهن تي هو اٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي ساڻ ڪري راتو رات مصر ڏانهن هليو ويو.
15
هيروديس جي مرڻ تائين هو اُتي ئي رهيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنهنجي فرزند کي مصر مان گھرايو آهي.“
16
جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيتلحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.
17
اهڙيءَ طرح اها ڳالهہ پوري ٿي جيڪا يرمياہ نبيءَ جي معرفت چئي ويئي هئي تہ
18
”رامہ شهر ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز. راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي، اها روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ مري ويا آهن.“
19
هيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو،
20
جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ مريم کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ وڃ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ٻار کي مارائڻ جي ڪوشش ڪن پيا سي مري ويا آهن.“
21
تنهن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.
22
جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ علائقي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو
23
۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ نبين جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28