bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 21
Matthew 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 22 →
1
عيسيٰ ۽ سندس شاگرد جڏهن يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيتفگاہ ڳوٺ جي سامهون اچي پهتا، تڏهن اتان عيسيٰ ٻن شاگردن کي اڳتي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو.
2
انهن کي هدايت ڪيائين تہ ”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اُتي گھڙندي ئي اوهين ڏسندا تہ هڪڙي گڏهِہ پنهنجي ٻچي سميت ٻڌل هوندي. انهن کي ڇوڙي مون وٽ ڪاهي اچو.
3
جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي ڪجھہ چوي تہ کيس چئجو تہ ’ استاد کي انهن جي ضرورت آهي.‘ پوءِ هو هڪدم اوهان کي اهي ڪاهڻ ڏيندو.“
4
اهو انهيءَ ڪري ٿيو تہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ
5
” صيئون شهر جي رهاڪن کي چئو تہ ’ڏسو، اوهان جو بادشاهہ اوهان وٽ اچي پيو، هو حليم آهي ۽ گڏهہ تي سوار آهي، بلڪ گڏهِہ جي ٻچي يعني کودڙي تي.‘“
6
تڏهن اهي شاگرد روانا ٿي ويا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن عيسيٰ کين چيو هو.
7
اُهي گڏهِہ ۽ سندس کودڙي کي ڪاهي آيا، مٿن پنهنجيون چادرون وڌائون ۽ عيسيٰ انهيءَ تي سوار ٿي ويٺو.
8
اتي موجود وڏي ميڙ مان گھڻن پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي پئي وڇايون، جڏهن تہ ٻين وري وڻن جون ٽاميون آڻي رستي تي پئي وڇايون.
9
ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ” دائود جي پٽ جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“
10
جڏهن عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿيو تہ سڄي شهر ۾ هلچل مچي ويئي ۽ ماڻهو پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي؟“
11
ميڙ مان جواب آيو تہ ”هي گليل جي ڳوٺ ناصرت وارو نبي عيسيٰ آهي.“
12
عيسيٰ هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.
13
انهن کي چيائين تہ ”ڇا پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو نہ فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر دعا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“
14
پوءِ اتي هيڪل ۾ ڪي انڌا ۽ منڊا عيسيٰ وٽ آيا ۽ هن انهن سڀني کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.
15
جڏهن سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ جا اهي عجب جهڙا ڪم ڏٺا، جيڪي هن پئي ڪيا ۽ اتي ٻارن کي هي نعرا هڻندي ٻڌائون تہ ” دائود جي پٽ جي واکاڻ هجي،“ تڏهن اُهي اچي ڪاوڙيا.
16
تنهنڪري انهن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي.‘“
17
پوءِ عيسيٰ انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيتعنياہ ڳوٺ ڏانهن ويو جتي هو رات رهيو.
18
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جڏهن عيسيٰ يروشلم ڏانهن موٽيو پئي ويو تہ کيس اچي بک لڳي.
19
هن رستي جي ڀر ۾ هڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانهن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن هئا. تنهن تي هن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏهن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏهن اهو وڻ هڪدم سڪي ويو.
20
شاگرد اهو ڏسي حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ” انجير جو وڻ ايترو جلد ڪيئن سڪي ويو؟“
21
عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوهين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون هن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏهن اوهين هن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.
22
پوري يقين سان اوهين جيڪي بہ دعا ۾ گھرندا سو سڀ اوهان کي ملي ويندو.“
23
عيسيٰ جڏهن هيڪل ۾ اچي تعليم پئي ڏني تہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان اهي ڪم ٿو ڪرين؟ اها اختياري تو کي ڪنهن ڏني آهي؟“
24
عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏهن اوهان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ٿو ڪريان.
25
ٻڌايو تہ يحيٰ جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، خدا جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“ تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘
26
پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻهن کان خوف ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهي يحيٰ کي نبي ڪري پيا مڃين.“
27
تنهنڪري انهن عيسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آهي.“ تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم پيو ڪريان.“
28
پوءِ عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هن ڳالهہ بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا. هو پهريائين وڏي پٽ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ’پٽ! اڄ وڃي تون انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪر.‘
29
پهريائين تہ هن جواب ڏنو تہ ’آءٌ ڪين ويندس،‘ پر پوءِ پاڻيهي پڇتائي انگورن جي باغ ڏانهن هليو ويو.
30
پوءِ پيءُ وري ٻئي پٽ وٽ ويو ۽ کيس ساڳيو ئي ڪم چيائين. هن جواب ۾ چيو تہ ’هائو بابا!‘ پر هو ويو ڪين.
31
هاڻي اوهين ٻڌايو تہ هنن ٻنهي مان ڪنهن پنهنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ڪسبياڻيون ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ اوهان کان اڳي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿين ٿا.
32
ان جو سبب هي آهي تہ يحيٰ جيڪو اوهان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو هو، تنهن تي اوهان يقين نہ ڪيو، جڏهن تہ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين هن تي يقين ڪيو انهيءَ رستي تي آيا. اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ بہ اوهان نہ پڇتايو جو مٿس يقين ڪريو ها.“
33
عيسيٰ ڪائونسل جي انهن چڱن مڙسن کي وڌيڪ چيو تہ ”هڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ هڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.
34
جڏهن ميوي لهڻ جو وقت ٿيو تہ هن پنهنجا نوڪر انهن باغائين ڏانهن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن.
35
پر باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ڪن کي مار ڏني، ڪن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪن کي وري سنگسار ڪري ڇڏيائون.
36
پوءِ زميندار اڳي کان بہ وڌيڪ نوڪر موڪليا، جن سان بہ انهن ساڳي ڪار ڪئي.
37
آخر ۾ هن پنهنجو پٽ موڪليو، ڇاڪاڻ تہ هن جو خيال هو تہ هو انهيءَ جو ضرور لحاظ ڪندا.
38
پر باغائين جڏهن هن جي پٽ کي ڏٺو تڏهن انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘
39
تڏهن انهن هن کي پڪڙيو ۽ انگورن جي باغ مان ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيائونس.“
40
پوءِ عيسيٰ ڪائونسل جي انهن چڱن مڙسن کان پڇيو تہ ”هاڻي جڏهن باغ جو مالڪ ايندو تڏهن هو انهن باغائين سان ڪهڙو سلوڪ ڪندو؟“
41
انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“
42
عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو خداوند جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“
43
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهي اوهان تان هٽي ويندي ۽ انهيءَ نئين چونڊيل قوم مٿان اچي ڇانوَ ڪندي جيڪا پاڻ ۾ انهيءَ جو حقيقي ڦل پيدا ڪندي.
44
باقي، جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“
45
سردار ڪاهنن ۽ فريسين جڏهن عيسيٰ جا مثال ٻڌا تہ سمجھي ورتائون تہ ”هو اسان بابت ٿو ڳالهائي.“
46
تنهنڪري انهن ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙائين، پر کين ماڻهن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کيس نبي ڪري پئي مڃيو.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28