bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Matthew 28
Matthew 28
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
1
سبت جي ڏينهن کان پوءِ جڏهن آچر جي پرهہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏانهن ويون.
2
ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو هڪڙو ملائڪ آسمان مان هيٺ لٿو ۽ قبر جي منهن واري پٿر کي پاسي تي ريڙهي مٿس چڙهي ويٺو.
3
هن جي صورت کِنوڻ جهڙي تجليدار هئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني هئي.
4
پهريدار کانئس اهڙا تہ ڊنا جو ڏڪندي ڏڪندي زمين تي ڪري پيا ۽ مُڙدن وانگر پئجي رهيا.
5
انهيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين عيسيٰ کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو صليب تي چاڙهيو ويو هو.
6
هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ جيئن هن چيو هو تيئن ئي هو جيئرو ٿي اٿيو آهي. هيڏانهن اچو ۽ اها جاءِ ڏسو جتي هو پيل هو.
7
پوءِ جلدي وڃي هن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي ۽ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اتي اوهين کيس ڏسندا.‘ ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي.“
8
تڏهن هنن اها جاءِ ڏٺي ۽ پوءِ ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان قبر کان جلدي روانيون ٿي عيسيٰ جي شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙنديون ٿي ويون
9
تہ اوچتو ئي عيسيٰ انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيو.
10
عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منهنجي شاگردن کي وڃي ٻڌايو تہ هو گليل ڏانهن هلن. اتي هو مون کي ڏسندا.“
11
اهي عورتون اڃا رستي ۾ ئي هيون تہ هوڏانهن پهريدار جن قبر تي پهرو پئي ڏنو، تن مان ڪي موٽي شهر ڏانهن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڀ اچي سردار ڪاهنن کي ٻڌايائون.
12
تڏهن سردار ڪاهنن يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪري سپاهين کي جھجھا پئسا رشوت ڏنا تہ جيئن
13
اهي چون تہ ”جڏهن رات جو اسين سمهيا پيا هئاسين تڏهن عيسيٰ جا شاگرد آيا ۽ سندس لاش چورائي کڻي ويا.“
14
هنن سپاهين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻيهي هن کي سمجھائينداسين. سو اوهان کي ڪنهن بہ ڳالهہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“
15
تڏهن پهريدارن پئسا وٺي اها ڳالهہ ڪئي جيڪا کين سيکاري ويئي هئي. ان ئي ڏينهن کان وٺي اها سيکاريل ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي آهي ۽ اڃا تائين مشهور آهي.
16
تڏهن يارهن ئي شاگرد گليل علائقي ڏانهن ويا ۽ انهيءَ جبل تي گڏ ٿيا جتي عيسيٰ وڃڻ لاءِ چيو هئن.
17
اتي جڏهن انهن عيسيٰ کي ڏٺو تہ هن کي سجدو ڪيائون، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ هو.
18
عيسيٰ شاگردن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.
19
تنهنڪري اوهين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انهن کي منهنجا پوئلڳ بڻايو. انهن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو
20
۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28