bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 11
Deuteronomy 11
Sindhi Bible
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 12 →
1
تنهنڪري تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ هميشہ هن جي چئي تي، ۽ قانونن تي، ۽ فيصلن تي، ۽ هن جي حڪمن تي عمل ڪج.
2
۽ اوهين اڄوڪي ڏينهن اهو سمجهي وٺو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي اولاد سان نٿو ڳالهايان، جن کي نڪا خبر آهي، نڪي ڏٺو اٿن، تہ خداوند اوهان جي خدا جي سيکت، ۽ هن جي عظمت، ۽ هن جي زوراور هٿ، ۽ هن جي ڊگهيريل ٻانهن سان ڇا ڇا ٿيو،
3
۽ هن جون نشانيون ۽ ڪم، جي هن مصر ۾، مصر جي بادشاهہ فرعون سان، ۽ سندس ساري ملڪ سان ڪيا:
4
۽ جيڪي هن مصر جي لشڪر سان، ۽ انهن جي گهوڙن، ۽ جنگي گاڏين سان ڪيو؛ ۽ جڏهن اهي اوهان جي پٺيان ڪاهي آيا، تڏهن ڪيئن خداوند ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي مٿن اُڇلائي وڌو، ۽ کين ٻوڙي ماريائين، جو اڄ ڏينهن تائين هو نابود ٿي ويا آهن؛
5
۽ جيسين اوهين هن هنڌ آيا؛ تيسين بيابان ۾ هن اوهان سان ڇا ڇا ڪيو؟
6
۽ روبن جي پٽ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام جو ڪهڙو حال ڪيائين؟ ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ انهن کي، ۽ انهن جي گهر ٻار کي، ۽ انهن جي تنبن کي، ۽ جن ساهوارن جو انهن سان واسطو هو، تن سڀني کي اسرائيل جي وچ مان ڳهي ويئي:
7
پر اوهان خداوند جا اهي سڀ وڏا ڪم پنهنجين اکين سان ڏٺا.
8
تنهنڪري جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، انهي لاءِ تہ اوهين طاقتور ٿيو، ۽ جنهن ملڪ کي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، اتي پهچي انهي تي قبضو ڪريو؛
9
۽ جنهن ملڪ جي بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تہ انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، تنهن ۾ اوهان جي عمر وڏي ٿئي.
10
ڇالاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، سو مصر جي ملڪ جهڙو ناهي، جتان تون نڪري آيو آهين، اتي تو ٻج پوکي، انهي کي ڀاڄين جي باغ وانگر پنهنجي پير سان پاڻي ٿي ڏنو:
11
پر اهو ملڪ، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون پار ٿو وڃين، سو جبلن ۽ ماٿرين وارو ملڪ آهي، جنهن کي آسمان جي مينهن جو پاڻي ٿو ملي:
12
اهو ملڪ جنهن کي خداوند تنهنجو خدا سنڀالي ٿو؛ ۽ سال جي شروعات کان وٺي سال جي پڇاڙيءَ تائين، خداوند تنهنجي خدا جي نظر سدائين انهي تي ٿي رهي.
13
۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي جيڪڏهن اوهين ڌيان ڏيئي ٻڌندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان انهي جي عبادت ڪندا،
14
تہ آءٌ اوهان جي ملڪ ۾ مند تي پهريون ۽ پويون مينهن وسائيندس. انهي لاءِ تہ تون پنهنجو اَن، ۽ پنهنجو شراب، ۽ پنهنجو تيل گڏ ڪري سگهين.
15
۽ تون کائي ڍءُ ڪندين، ۽ آءٌ تنهنجي چوپائي مال لاءِ تنهنجن ميدانن ۾ گاهہ اُڀرائيندس.
16
اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، متان اوهان جي دل ٺڳجي وڃي، ۽ اوهين گمراهہ ٿي ٻين معبودن جي عبادت ڪريو، ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪريو؛
17
۽ خداوند اوهان تي ڪاوڙجي، ۽ هو آسمان کي بند ڪري ڇڏي، ۽ برسات نہ پوي، ۽ زمين جي پيداوار نہ ٿئي، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند اوهان کي ڏئي ٿو تنهن ۾ اوهين جلد نابود ٿي وڃو.
18
تنهنڪري منهنجون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۾، ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو؛ ۽ اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجي ٻانهن تي ٻڌجو، ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي طوق وانگر هجن.
19
۽ اهي تون پنهنجي اولاد کي سيکارج، گهر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اُٿندي، انهن جو ذڪر ڪج.
20
تون اهي پنهنجي گهر جي سردرن تي، ۽ پنهنجن دروازن تي، لکي ڇڏج:
21
تہ جيسين زمين جي مٿان آسمان آهي تيسين اوهان جي، ۽ اوهان جي اولاد جي عمر، انهي ملڪ ۾ وڌندي وڃي، جو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ، خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.
22
ڇالاءِ جو هي سڀ حڪم جي آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا؛ ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، ۽ هن جي سڀني واٽن تي هلندا، ۽ هن سان قائم رهندا؛
23
تہ پوءِ خداوند انهن سڀني قومن کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو، ۽ اوهين انهن قومن تي قبضو ڪندا جي اوهان کان وڏيون ۽ زور واريون آهن.
24
جنهن جاءِ تي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي سا اوهان جي ٿيندي: ۽ بيابان، ۽ لبنان، ۽ نديءَ کان، يعني فرات نديءَ کان وٺي الهندي واري سمنڊ تائين اوهان جي سرحد ٿيندي.
25
ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگهندو: جنهن زمين تي اوهان جا پير پوندا اتي خداوند اوهان جو خدا اوهان جو خوف، ۽ اوهان جو ڊپ وجهندو، جيئن ڪ هن اوهان کي فرمايو آهي.
26
ڏسو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان برڪت ۽ لعنت ٿو رکان؛
27
برڪت انهي حالت ۾، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندا:
28
۽ لعنت انهيءَ حالت ۾، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم نہ مڃيندا، ۽ جنهن رستي جو مون اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن کي ڇڏي ٻئي پاسي ڦرندا، ۽ ٻين معبودن جي پيروي ڪندا، جن جي اڃا تائين اوهان کي خبر ڪانهي.
29
۽ وري هيئن ٿيندو، تہ جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تڏهن تون گرازيم جبل تان برڪت ڏج، ۽ عيبال جبل تان لعنت ڪج.
30
اهي ٻئي جبل يردن جي پرئين ڀر، اُلهندي پاسي انهن ڪنعانين جي ملڪ ۾ نہ آهن ڇا، جي جلجال جي سامهون مورهہ جي صنوبرن جي ڀرسان ميدان ۾ ٿا رهن؟
31
ڇالاءِ جو اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن تي قبضو ڪري انهي ۾ رهندا.
32
۽ جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34