bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 20
Deuteronomy 20
Sindhi Bible
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 21 →
1
جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.
2
۽ جيڪڏهن اوهين دشمنن جي ويجها وڃو، تڏهن ڪاهن ماڻهن وٽ وڃي انهن سان گفتگو ڪري،
3
۽ چوين تہ اي اسرائيليو ٻڌو، اڄ اوهين پنهنجي دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهيو: سو اوهين دل نہ لاهجو؛ اوهين نڪي ڊڄو، نڪي ڏڪو، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو؛
4
ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان ٿو هلي، تہ اوهان کي بچائڻ جي لاءِ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري.
5
پوءِ عملدار ماڻهن کي چون، تہ اوهان مان جنهن ماڻهوءَ نئين جاءِ جوڙائي هجي، ۽ انهيءَ کي مخصوص نہ ڪيو هجيس، سو پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان هو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ جاءِ کي مخصوص ڪري.
6
۽ جنهن ماڻهوءَ ڊاک جو منهہ لڳايو هجي، ۽ انهي جو ميوو نہ کاڌو هجيس، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان اهو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهي جو ميوو کائي.
7
۽ جنهن ماڻهوءَ جي ڪنهن زال سان مڱڻي ٿي هجي، ۽ انهيءَ کي شادي ڪري وٺي نہ آيو هجي، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان اهو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ سان شادي ڪري.
8
۽ عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون، تہ جيڪو ماڻهو ڊڄڻو يا ناهمت هجي، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان سندس ڀائر بہ انهي وانگر ناهمت ٿي پون.
9
۽ جڏهن عملدار ماڻهن سان ڳالهائي بس ڪن، تڏهن هو ماڻهن جي پيشوائيءَ لاءِ لشڪر جا ڪپتان مقرر ڪن.
10
جڏهن تون ڪنهن شهر سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهي کي ويجهو وڃين، تڏهن پهرين انهي کي صلح جو پيغام موڪلج.
11
۽ جيڪڏهن هو توکي صلح جو جواب ڏي، ۽ تنهنجي لاءِ دروازا کولي ڇڏي، تہ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هجن، سي سڀ تنهنجا ڍل ڀريندڙ ٿيندا، ۽ تنهنجي خدمت ڪندا.
12
۽ جيڪڏهن هو توسان صلح نہ ڪن، پر جنگ ڪن، تہ تون انهي کي گهيرو ڪج:
13
۽ جڏهن خداوند تنهنجو خدا اهو تنهنجي قبضي ۾ ڏئي، تڏهن تون انهي جي هر ڪنهن مرد ماڻهوءَ کي ترار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏج:
14
پر زالون، ۽ ٻار، ۽ ڍور ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۾ هجي، يعني انهي جو سمورو لٽ جو مال، تون پنهنجي لاءِ رکج؛ ۽ تنهنجن دشمنن جي لٽ جو مال، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي، سو تون ڀلي کائج.
15
انهيءَ طرح تون انهن سڀني شهرن سان ڪج جي توکان گهڻو پري آهن، ۽ جي هنن قومن جا نہ آهن.
16
پر هنن قومن جا شهر، جي خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ٿو ڏئي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏج:
17
پر تون انهن کي يعني حتين کي، امورين کي، ڪنعانين کي، فرزين کي، حوين کي، ۽ يبوسين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏج؛ جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي:
18
انهي لاءِ تہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيا آهن، سي اوهان کي بہ ڪرڻ نہ سيکارين؛ تہ متان اوهين خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار ٿيو.
19
جڏهن تون جنگ ڪندي ڪنهن شهر کي فتح ڪرڻ لاءِ گهڻي وقت تائين گهيرو ڪرين، تڏهن انهي جا وڻ ڪهاڙيءَ سان وڍي نہ ڇڏج؛ ڇالاءِ جو انهن جو ميوو تنهنجي کائڻ جي ڪم ايندو، تنهنڪري انهن کي وڍي نہ ڇڏج، ڇوتہ ميدان جا وڻ ڪي ماڻهو آهن ڇا جو تون انهن کي گهيرو ڪرين؟
20
رڳو اهي وڻ جي تون سمجهين تہ کاڌي جي ڪم جا نہ آهن، سي تون وڍي برباد ڪري ڇڏج؛ جيڪو شهر تو سان جنگ ڪري، تنهن جي سامهون تون مورچا ٻڌج، جيسين ڪ اهو هٿ اچي.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34