bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 13
Deuteronomy 13
Sindhi Bible
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 14 →
1
جيڪڏهن تنهنجي وچ ۾ ڪو نبي، يا خوابن ڏسڻ وارو ظاهر ٿئي، ۽ اهو توکي ڪوبہ نشان يا عجيب ڪم ڏيکاري،
2
۽ جنهن نشان يا عجيب ڪم جي هو توکي خبر ڏئي، سو پورو ٿئي، ۽ پوءِ هو توکي اهڙن معبودن جي پيروي ڪرڻ ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ لاءِ چوي، جن کان تون ناواقف هجين؛
3
تہ تون انهيءَ نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌج: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائيندو، تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ.
4
اوهين خداوند پنهنجي خدا جي پيروي ڪجو، انهي کان ڊڄجو، ۽ انهي سان قائم رهجو،
5
۽ انهي نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري کي ماري ڇڏجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا جو اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، ۽ توکي غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايائين، تنهن جي برخلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ جنهن رستي هلڻ لاءِ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريئي. انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
6
جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، يعني تنهنجيءَ ماءُ جو پٽ، يا تنهنجو پٽ، يا تنهنجي ڌيءَ، يا تنهنجي دلگهري زال، يا تنهنجو جاني دوست توکي ڳجهيءَ طرح لالچائي، ۽ اهڙن معبودن جي عبادت ڪرڻ جي لاءِ چوي، جن جي توکي ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هجي،
7
يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي تنهنجي آس پاس، ويجها توڙي پري، بلڪ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن؛
8
تڏهن بہ تون انهن جي ڳالهہ تي راضي نہ ٿج، نڪي انهن جو چوڻ ٻڌج؛ تون انهي تي قياس نہ ڪج، نڪي انهي سان ڪا مروت ڪج، نڪي انهي کي لڪائج:
9
پر تون انهي کي ضرور قتل ڪج؛ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين تنهنجو هٿ مٿس پوي، ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جو هٿ.
10
تون انهي کي سنگسار ڪج، تہ هو مري وڃي؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا جنهن توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان توکي ڦيرائڻ جي هن ڪوشش ڪئي آهي.
11
۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ تنهنجي وچ ۾ وري اهڙي شرارت نہ ڪندا.
12
جيڪي شهر خداوند تنهنجو خدا توکي رهڻ لاءِ ڏيندو، تن مان ڪنهن جي بابت جيڪڏهن تون ڪا اهڙي ڳالهہ ٻڌين،
13
تہ ڪي ڪميڻا ماڻهو تنهنجي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا آهن، تہ اچو تہ اهڙن معبودن جي عبادت ڪريون، جن جي اوهان کي خبر ڪانهي؛
14
تہ پوءِ تون تحقيقات ۽ ڳولا ڪج، ۽ چڱيءَ طرح پڇاڳاڇا ڪج؛ ۽ ڏس، جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي، ۽ اها پڪ هجي، تہ تنهنجي وچ ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي؛
15
تہ پوءِ تون ضرور انهي شهر جي رهاڪن کي ترار جي ڌار سان قتل ڪج، ۽ جيڪي انهي ۾ هجي سو سڀ، ۽ انهي جو چوپايو مال بہ ترار جي ڌار سان بلڪل تباهہ ڪري ڇڏج.
16
۽ تون انهي جو سمورو لٽ جو مال انهي جي چونڪ ۾ گڏ ڪج، ۽ شهر کي لٽ جي سموري مال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏج: اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو؛ ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.
17
۽ انهيءَ برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل شين منجهان ڪجهہ بہ تنهنجي هٿ ۾ نہ رهي، تہ خداوند پنهنجيءَ خوفناڪ ڪاوڙ کان مُڙي، ۽ توتي رحم ڪري، ۽ توتي مهربان ٿئي، ۽ جيئن هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي، تيئن هو توکي وڌائي.
18
اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن تون پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندين، ۽ جيڪي خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ چڱو آهي سو ڪندو رهندين.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34