bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 18
Deuteronomy 18
Sindhi Bible
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 19 →
1
لاوي ڪاهنن کي، يعني لاوين جي سڄي قبيلي کي، اسرائيل سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ ملندو: اهي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيون، ۽ انهن جو مقرر حصو کائيندا.
2
انهي ڪري انهن کي سندن ڀائرن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو: خداوند انهن جو ورثو آهي، جيئن هن کين فرمايو آهي.
3
جيڪي ماڻهو ڍڳي يا گهيٽي جي قرباني چاڙهيندا، تن مان ڪاهنن جو حق هي ٿيندو، يعني اهي ڪاهن کي انهي جو ڪنڌو، ۽ ٻئي ڳل، ۽ اوجهري ڏين.
4
تون پنهنجي ان مان، ۽ پنهنجي شراب مان، ۽ پنهنجي تيل مان پهريون ڦل، ۽ پنهنجين رڍن جي پهرين اُن، انهن کي ڏج.
5
ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا، انهن کي تنهنجن سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍيو آهي، انهي لاءِ تہ اهي، ۽ سندن اولاد هميشہ خداوند جي نالي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن.
6
۽ ساري اسرائيل ۾ جيڪي تنهنجا ڳوٺ آهن، تن مان جي ڪنهن ۾ بہ لاوي رهندو هجي، ۽ جيڪڏهن اهو پنهنجيءَ دل جي پوري ارادي سان، انهيءَ جاءِ تي اچي، جا خداوند چونڊيندو؛
7
تہ هو پنهنجن سڀني لاوي ڀائرن وانگر، جي اتي خداوند جي حضور ۾ حاضر هجن، خداوند پنهنجي خدا جي نالي خدمت ڪندو رهي.
8
انهن کي کائڻ لاءِ هڪ جيترو حصو ملندو، ۽ جيڪي هن جي اباڻي ملڪيت جي وڪري مان پيدا ٿئي، سو بہ ملندس.
9
جڏهن تون انهي ملڪ ۾ پهچين جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تڏهن تون انهن قومن وانگر مڪروهہ ڪم ڪرڻ متان سکين.
10
اوهان ۾ ڪوبہ ماڻهو اهڙو نہ هجي، جو پنهنجي پٽ يا پنهنجيءَ ڌيءَ کي باهہ مان لنگهائي، يا جو غيب گوئي ڪري، يا جو سوڻ ساٺ ڪري، يا جو فال وجهي، يا جو جادوگري ڪري،
11
يا جو ڪامڻ ڪري، يا جو ڀوتن کان پڇاڳاڇا ڪري، يا جنائي، يا ڀوپو هجي.
12
ڇالاءِ تہ جيڪو اهو ڪم ڪري ٿو، سو خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ اهڙين ڪراهتن جي ڪري، خداوند تنهنجو خدا، انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي.
13
تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ ڪامل ٿي رهج.
14
ڇالاءِ جو اهي قومون، جن تي تون قبضو ڪندين، سي انهن ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌن ٿيون، جي سڳڻ ٿا ڪڍن، ۽ غيب گوئي ٿا ڪن: پر خداوند تنهنجو خدا توکي ائين ڪرڻ جي موڪل نٿو ڏئي.
15
خداوند تنهنجو خدا تو منجهان، يعني تنهنجن ڀائرن منجهان، تنهنجي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندو؛ اوهين انهي جي ٻڌجو؛
16
هي تنهنجي انهيءَ درخواست موجب ٿيندو، جڏهن تو حورب ۾ جماعت واري ڏينهن خداوند پنهنجي خدا کي چيو هو، تہ شل آءٌ خداوند پنهنجي خدا جو آواز وري نہ ٻڌان، نڪي آءٌ وري ڪڏهن هيءَ باهہ ڏسان، متان مري وڃان.
17
تڏهن خداوند مون کي چيو، تہ هنن جو چوڻ برابر آهي.
18
آءٌ هنن جي لاءِ سندن ڀائرن منجهان تو جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو ڪلام انهي جي وات ۾ وجهندس، جيڪي آءٌ هن کي فرمائيندس، سو هو هنن کي ٻڌائيندو.
19
۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪي منهنجون ڳالهيون هو منهنجي نالي چوندو، سي جيڪڏهن ڪونہ ٻڌندو، تہ آءٌ انهي کان حساب وٺندس.
20
پر جيڪو نبي گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون هن کي حڪم نہ ڏنو هوندو، يا جيڪو ٻين معبودن جي نالي ڪي چوندو، تہ اهو نبي ضرور ماريو ويندو.
21
پر جيڪڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندين، تہ اسان کي ڪيئن خبر پوندي تہ هي ڳالهيون خداوند فرمايون آهن؟
22
تنهن لاءِ اهو ياد رک، تہ جڏهن ڪو نبي خداوند جي نالي ڪي چوي، ۽ هن جي چوڻ موجب نہ ٿئي، ۽ هن جي ڳالهہ پوري نہ ٿئي، تہ اها ڳالهہ خداوند جي طرفان نہ آهي: پر اها انهي نبيءَ گستاخي ڪري چئي آهي، تون انهي کان متان ڊڄين.
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34