bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 21
Deuteronomy 21
Sindhi Bible
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 22 →
1
جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو لاشو ميدان ۾ پيل ملي، ۽ اها خبر پوي تہ ڪنهن انهي کي ماريو آهي؛
2
تہ تنهنجا بزرگ ۽ تنهنجا قاضي نڪري اچن، ۽ انهي لاشي جي آس پاس جيڪي شهر هجن، تن تائين ماپ ڪن:
3
۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو شهر انهي لاشي کي ويجهو هجي، تنهن جا بزرگ هڪڙي اهڙي گابي وٺن، جنهن کان اڃا ڪو ڪم نہ ورتو ويو هجي، ۽ جا اڃا پاڃاريءَ ۾ جوٽي نہ ويئي هجي؛
4
۽ انهي شهر جا بزرگ انهيءَ گابيءَ کي هڪڙي اهڙيءَ ماٿريءَ ۾ وٺي وڃن، جنهن ۾ وهندڙ پاڻي هجي ۽ جنهن ۾ اڃا نہ هر وهيو هجي، نہ پوک ٿي هجي، ۽ انهيءَ ماٿريءَ ۾ هو انهيءَ گابيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏين:
5
۽ بني لاوي جي ڪاهن آهن، سي ويجهو اچن؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا انهن کي چونڊيو آهي، تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي برڪت ڏين؛ ۽ انهن جي چوڻ موجب هر ڪنهن جهيڙي ۽ تڪرار جو فيصلو ٿئي:
6
پوءِ اهو شهر، جو انهي لاشي کي ٻين سڀني کان ويجهو آهي، تنهن جا بزرگ جنهن گابيءَ جو انهيءَ ماٿريءَ ۾ ڪنڌ ڀڳو وڃي، تنهن جي مٿان پنهنجا هٿ ڌوئن:
7
۽ ورندي ڏيئي چون، تہ اسان جي هٿن اهو رت نہ وهايو آهي، ۽ نہ اسانجين اکين ڏٺو آهي.
8
اي خداوند، تون پنهنجيءَ اُمت بني اسرائيل کي معاف ڪر، جنهن کي تو ڇڏايو آهي، ۽ بيگناهہ جو خون پنهنجي اُمت بني اسرائيل جي سر تي نہ لڳاءِ. پوءِ انهي خون جي اوهان کي معافي ملندي.
9
انهيءَ طرح جيڪي خداوند جي نظر ۾ درست آهي تنهن جي ڪرڻ سان تون اهو بيگناهہ خون پاڻ تان ٽاري ڇڏج.
10
جڏهن تون پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏئي، ۽ تون انهن کي قيد ڪري وٺي اچين،
11
۽ تون انهن قيدين ۾ ڪا سهڻي زال ڏسين، ۽ توکي انهيءَ جي خواهش ٿئي، ۽ ساڻس شادي ڪرڻ گهرين؛
12
تہ تون انهي کي پنهنجي گهر وٺي اچج؛ ۽ هوءَ پنهنجو مٿو ڪوڙائي، ۽ پنهنجا ننهن لهرائي؛
13
۽ هوءَ پنهنجا قيد وارا ڪپڙا لاهي ڇڏي، ۽ تنهنجي گهر ۾ رهي ۽ هڪڙي پوري مهيني تائين، پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجيءَ ماءُ جي لاءِ ماتم ڪري: تنهن کان پوءِ تون انهيءَ وٽ وڃج، ۽ انهيءَ جو مڙس ٿج، ۽ هوءَ تنهنجي زال ٿئي.
14
۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون انهيءَ مان خوش نہ ٿيندين، تہ انهي کي ڇڏي ڏج تہ جيڏانهن وڻيس اوڏانهن وڃي؛ پر تون انهيءَ کي پئسن تي هرگز نہ وڪڻج، تون انهيءَ سان ٻانهيءَ جهڙي هلت ڪج، ڇالاءِ جو تو انهيءَ جي آبرو ورتي آهي.
15
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ زالون هجن، ۽ هو هڪڙيءَ کي پيار ڪري، ۽ ٻيءَ کي حقير سمجهي، ۽ انهن ٻنهي مان، يعني پياريءَ مان، ۽ حقارت واريءَ مان، اولاد هجيس؛ ۽ جيڪڏهن پهريتو پٽ انهيءَ مان هجيس، جنهن کي حقير ٿو سمجهي؛
16
تہ هيئن ٿيندو، تہ جڏهن هو پنهنجن پٽن کي ميراث ورهائي ڏئي، تڏهن سندس حقير زال جو پٽ، جو سچ پچ پهريتو آهي، تنهن جي هوندي، پنهنجي پياريءَ زال جي پٽ کي پهريتو نہ ٺهرائي:
17
پر هو حقير زال جي پٽ کي پهريتو ٺهرائي، ۽ انهي کي پنهنجي سموري مال جو ٻيڻو حصو ڏئي: ڇالاءِ جو هو سندس طاقت جو پهريون ڦل آهي؛ ۽ پهريتي جو حق انهي جو آهي.
18
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو پٽ ضدي، ۽ فسادي هجي، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو حڪم نہ مڃيندو هجي، ۽ جيتوڻيڪ هو کيس سيکت ڏين تہ بہ نہ ٻڌي:
19
تہ پوءِ انهي جا ماءُ پيءُ کيس جهلي ٻاهر شهر جي دروازي تي، انهي شهر جي بزرگن وٽ وٺي اچن،
20
۽ اهي انهي جي شهر جي بزرگن کي چون، تہ هي اسان جو پٽ ضدي ۽ فسادي آهي، ۽ هو اسان جو حڪم نٿو مڃي؛ ۽ هو هٿ ڦاڙ ۽ نشئي آهي.
21
پوءِ انهي جي شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. انهي طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج؛ ۽ سڀ اسرائيلي اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.
22
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ موت جي لائق گناهہ ڪيو هجي، ۽ کيس موت جي سزا ملي، ۽ تون انهي کي وڻ تي لٽڪائي ڇڏين؛
23
تہ انهي جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي، پر تون انهي ڏينهن هن کي دفن ڪج؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي، سو خدا جي طرفان لعنتي آهي؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي تون ناپاڪ نہ ڪرين.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34