bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 25
Deuteronomy 25
Sindhi Bible
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 26 →
1
جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو تڪرار ٿئي، ۽ اهي عدالت ۾ اچن، ۽ قاضي انهن جو انصاف ڪن؛ تہ هنن کي گهرجي تہ راستباز کي بيگناهہ ٺهرائين، ۽ شرير کي سزا ڏين؛
2
۽ جيڪڏهن اهو شرير سزا جو لائق هجي، تہ قاضي انهي کي پٽ تي سمهاري، ۽ پنهنجي روبرو انهيءَ شرارت موجب ڳڻي ڦٽڪا هڻائي.
3
هو انهي کي چاليهہ ڦٽڪا هڻائي، وڌيڪ نہ هڻائيس: متان انهن کان وڌيڪ ڦٽڪا کائڻ ڪري، تنهنجو ڀاءُ تنهنجي اڳيان ذليل ڏسڻ ۾ اچي.
4
جڏهن ڏاند اَن ڳاهي تڏهن انهي جو ٻُوٿ نہ ٻڌ.
5
جڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن، ۽ انهن مان هڪڙو مري وڃي، ۽ پٽ نہ هجيس، تہ انهي فوتيءَ جي زال ڌارئي ماڻهو سان نہ وڃي پرڻجي: سندس مڙس جو ڀاءُ انهيءَ وٽ وڃي، ۽ کيس پنهنجي زال ڪري، ۽ ساڻس ڏير جو حق ادا ڪري.
6
۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو پهريون ٻار هوءَ ڄڻيندي سو هن جي فوتي ڀاءُ جي نالي سان انهي جو وارث ٿيندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل منجهان انهي جو نالو ميٽجي نہ وڃي.
7
پر جيڪڏهن هو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ تي راضي نہ ٿئي، تہ سندس ڀاڄائي شهر جي دروازي تي بزرگن وٽ وڃي چوي، تہ منهنجو ڏير پنهنجي ڀاءُ جو نالو اسرائيل ۾ قائم رکڻ کان انڪار ٿو ڪري، ۽ مون سان ڏير جو حق ادا ڪرڻ نٿو گهري.
8
تڏهن شهر جا بزرگ انهي ماڻهوءَ کي سڏي کيس سمجهائين: ۽ جيڪڏهن هو پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم رهي، ۽ چوي، تہ آءٌ هن سان پرڻجڻ نٿو گهران؛
9
تہ پوءِ سندس ڀاڄائي بزرگن جي روبرو هن وٽ اچي، ۽ هن جي پير مان پادر لاهي، ۽ هن جي منهن تي ٿُڪ هڻي ۽ چويس، تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ جو گهر آباد نٿو ڪري تنهن سان هيئن ڪرڻ گهرجي.
10
۽ اسرائيل ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جو هي نالو پئجي وڃي، ”پادر لٿل ماڻهوءَ جو گهراڻو“.
11
جڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن، ۽ هڪڙي جي زال پنهنجي مڙس کي مارڻ واري جي هٿان ڇڏائڻ جي لاءِ ويجهو اچي، پنهنجو هٿ ڊگهيري، ۽ انهي ماڻهوءَ جي آنورن کي جهلي:
12
تہ تون انهيءَ زال جو هٿ وڍي ڇڏج، ۽ تون انهي تي ڪوبہ قياس نہ ڪج.
13
تون پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ جدا جدا قسمن جا، يعني هڪڙا ننڍا ٻيا وڏا وٽ نہ رکج.
14
تون پنهنجي گهر ۾ جدا جدا قسمن جا يعني هڪڙا ننڍا ٻيا وڏا ماڻ نہ رکج.
15
پر تون بلڪل پورا ۽ سچا وٽ ۽ ماڻ رکج؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.
16
ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهو اهڙا ڪم ٿا ڪن، يعني جيڪي اهڙا ڪپت جا ڪم ٿا ڪن، سي خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهن.
17
جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا، تڏهن واٽ تي عماليقين توسان ڇا ڪيو سو ياد رکج.
18
ڪيئن نہ هو واٽ تي توکي اچي گڏيا، ۽ جڏهن تون ٿڪل ۽ ماندو هئين، تڏهن تنهنجا ضعيف ماڻهو جيڪي پٺتي رهيل هئا، تن سڀني کي اچي ماريائون.
19
تنهنڪري هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ جيڪي تنهنجا دشمن تنهنجي آس پاس هوندا، تن کان جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي آرام ڏئي، تڏهن تون زمين تان عماليقين جو نالو نشان مٽائي ڇڏج؛ تون اها ڳالهہ نہ وسارج.
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34