bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 17
Deuteronomy 17
Sindhi Bible
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 18 →
1
تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن اهڙي ڍڳي، يا گهيٽي جي قرباني نہ ڪج، جنهن ۾ ڪو عيب يا ڪا بدزيبائي هجي: ڇالاءِ جو اهو خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.
2
تنهنجا ڳوٺ، جي خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنا آهن، تن مان ڪنهن ۾ بہ جيڪڏهن ڪو اهڙو مرد يا ڪا زال لڀي، جنهن خداوند تنهنجي خدا جو عهد ڀڃي، ڪو اهڙو ڪم ڪيو هجي، جو هن جي نظر ۾ بڇڙو هجي،
3
۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪئي هجيس، يعني سج کي، يا چنڊ کي، يا خدا جي ساري خلقت مان ڪنهن کي سجدو ڪيو هجيس، جنهن جون مون حڪم نہ ڏنو آهي؛
4
۽ انهيءَ ڳالهہ جي توکي خبر پوي، ۽ تون اها ٻڌين، تہ پوءِ تون چڱيءَ طرح تحقيقات ڪج، ۽ ڏس، جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي، ۽ اها پڪ هجي، تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي؛
5
تہ پوءِ جنهن مرد يا زال اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، تنهن کي ڳوٺ جي دروازي تي وٺي اچج، ۽ انهي کي سنگسار ڪري ماري ڇڏج.
6
ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي اهڙو مرڻ جوڳو ماڻهو ماريو وڃي؛ پر هڪڙي شاهد جي زبانيءَ تي اهو ماريو نہ وڃي.
7
۽ انهي کي قتل ڪرڻ لاءِ پهرين انهن شاهدن جا هٿ مٿس پون، پوءِ ٻين ماڻهن جا هٿ: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
8
جيڪڏهن تنهنجن ڳوٺن مان ڪٿي بہ پاڻ ۾ خون، يا دعويٰ، يا ماراماري جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو ڪرڻ تنهنجي لاءِ تمام ڏکيو هجي: تہ پوءِ تون اُٿي انهيءَ جاءِ تي وڃج، جا خداوند تنهنجو خدا چونڊي؛
9
۽ اتي جيڪي لاوي ڪاهن هجن، يا جيڪو قاضي هجي، تنهن وٽ وڃي پڇا ڪج؛ ۽ اهي توکي فيصلي جو حڪم ٻڌائيندا:
10
۽ جيڪو حڪم اهي توکي خداوند جي چونڊيل جاءِ تان ٻڌائين، تنهن موجب تون عمل ڪج، ۽ جيڪي اهي توکي سيکارين، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪج:
11
جيڪو شريعت جو رستو اهي توکي سيکارين، ۽ جيڪو فيصلو اهي توکي ٻڌائين، تنهن موجب تون عمل ڪج: ۽ جيڪو حڪم اهي توکي ٻڌائين، تنهن کان ساڄي پاسي يا کٻي پاسي نہ ڦرج.
12
۽ جيڪو ڪاهن اتي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي، يا جيڪو قاضي اتي هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي، تہ اهو شخص ماريو وڃي: ۽ تون اها خرابي اسرائيل مان ڪڍي ڇڏج.
13
۽ سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄندا، ۽ وري اهڙي گستاخي نہ ڪندا.
14
جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛ ۽ چوين تہ آءٌ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريان، جيئن منهنجي آس پاس وارين سڀني قومن ڪيو آهي؛
15
تہ تون هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪج، جنهن کي خداوند تنهنجو خدا چونڊي: تون پنهنجي ڀائرن منجهان ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪج: ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو تنهنجو ڀاءُ نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان مقرر نہ ڪج.
16
۽ هو پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا نہ رکي، نڪي پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ انهي رستي موٽي نہ وڃجو.
17
نڪي هو پاڻ وٽ گهڻيون زالون رکي، متان سندس دل ڦري وڃي: نڪي هو پاڻ وٽ گهڻو روپو ۽ سون گڏ ڪري.
18
۽ جڏهن هو پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي ويهي، تڏهن هيءَ شريعت، جا لاوي ڪاهنن جي ڪتاب ۾ هوندي، تنهن جو هڪڙي ڪتاب ۾ نقل ڪرائي پاڻ وٽ رکي:
19
هو انهيءَ کي پاڻ وٽ رکي، ۽ پنهنجي سڄي حياتي انهيءَ کي پڙهندو رهي: انهي لاءِ تہ هو خداوند پنهنجي خدا جو ڊپ سکي، ۽ هن شريعت، يعني هنن قانونن جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ سکي:
20
هو پاڻ کي پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ نہ سمجهي، ۽ هن حڪم کان ساڄي پاسي يا کٻي پاسي نہ ڦري، تہ اسرائيل منجهہ سندس بادشاهت ۾، سندس، ۽ سندس اولاد جي عمر وڏي ٿئي.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34