bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 33
Deuteronomy 33
Sindhi Bible
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 34 →
1
خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳي بني اسرائيل کي جيڪا برڪت ڏني سا هيءَ آهي.
2
هن چيو تہ، خداوند سينا مان آيو ۽ شعير مان انهن تي ظاهر ٿيو؛ هو فاران جبل مان چمڪيو ۽ لکن پاڪ ماڻهن منجهان آيو: هن جي ساڄي هٿ ۾ انهن جي لاءِ باهہ جهڙي شريعت هئي.
3
هائو، هو اُمت کي پيار ٿو ڪري، هن جا سڀ پاڪ ماڻهو تنهنجي هٿ ۾ آهن: ۽ اهي تنهنجن قدمن وٽ ويٺا؛ هرڪو تنهنجي ڪلام کي قبوليندو.
4
موسيٰ اسان کي هڪڙيءَ شريعت جو حڪم ڏنو، جا يعقوب جي جماعت لاءِ ميراث هئي.
5
جڏهن اُمت جا رئيس، ۽ اسرائيل جا سڀ قبيلا اچي گڏ ٿيا، تڏهن هو يسورون ۾ بادشاهہ هو.
6
روبن ڀلي تہ جيئرو رهي ۽ نہ مري؛ تڏهن بہ انهي جا ماڻهو ٿورا هجن.
7
يهوداهہ جي لاءِ هيءَ برڪت آهي: ۽ هن چيو تہ، اي خداوند يهوداهہ جو آواز ٻڌ، ۽ هن کي سندس ماڻهن ۾ پهچاءِ: هو پنهنجي لاءِ پنهنجن هٿن سان وڙهيو؛ تون هن جي دشمن جي برخلاف سندس واهر ڪندين.
8
لاويءَ جي بابت هن چيو تہ، تنهنجو تميم ۽ اوريم انهي خدا جي ٻانهي وٽ آهي: جنهن کي تو مسہ ۾ آزمايو، ۽ جنهن سان تو مريبہ جي چشمي وٽ جهيڙو ڪيو؛
9
جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيو، تہ مون انهن کي نہ ڏٺو آهي؛ نڪي هن پنهنجن ڀائرن کي قبول ڪيو، نڪي هن خود پنهنجن ٻارن کي سڃاتو: ڇالاءِ جو انهن تنهنجي ڪلام تي عمل ڪيو آهي، ۽ اهي تنهنجي عهد کي مڃين ٿا.
10
اهي يعقوب کي تنهنجا فيصلا، ۽ اسرائيل کي تنهنجي شريعت سيکاريندا، اهي تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙيندا، ۽ تنهنجيءَ قربانگاهہ تي پوري قرباني چاڙهيندا.
11
اي خداوند، هن جي مال متاع ۾ برڪت وجهہ، ۽ هن جي هٿن جو ڪم قبول ڪر: جيڪي انهن جي برخلاف کڙا ٿين، ۽ جيڪي انهن سان عداوت رکن، تن جي چيلهہ ڀڃي ڇڏ تہ هو وري نہ اُٿن.
12
بنيمين جي بابت هن چيو، تہ خداوند جو پيارو هن وٽ سلامتيءَ سان رهندو؛ هو سارو ڏينهن انهي کي ڍڪي بيٺو آهي، ۽ سندس ڪلهن جي وچ ۾ ٿو رهي.
13
يوسف جي بابت هن چيو، تہ شل هن جي زمين تي خداوند جي برڪت هجي؛ آسمان جي قيمتي شين جي، ماڪ جي، اونهي سمنڊ جي؛
14
۽ سج جي پڪل قيمتي ميون جي، چنڊ جي اثر کان پيدا ٿيل قيمتي شين جي،
15
قديم جبلن جي قيمتي شين جي، هميشہ قائم رهندڙ ٽڪرن جي قيمتي شين جي،
16
زمين جي قيمتي شين ۽ انهيءَ جي ڀرپورائيءَ جي، ۽ جيڪو ٻوڙي ۾ هو تنهن جي خير خواهيءَ جي برڪت شل يوسف جي مٿي تي اچي، يعني جيڪو پنهنجي ڀائرن کان ڌار هو، تنهن جي مٿي جي چوٽيءَ تي شل انهن سڀني شين جي برڪت نازل ٿئي.
17
هن جو شان ڍڳي جي پهرئين ڦر جهڙو آهي؛ هن جا سڱ جهنگلي سان جي سڱن جهڙا آهن: انهن سان هو سڀني قومن کي ڌڪي، زمين جي ڇيڙي تائين پهچائيندو: اهي افرائيم جا لک، ۽ منسيءَ جا هزار آهن.
18
زبولون جي بابت هن چيو، تہ اي زبولون، تون ٻاهر وڃڻ وقت، ۽ اي اشڪار، تون پنهنجن تنبن ۾، خوش رهہ.
19
اهي قومن کي جبل ڏانهن سڏيندا؛ اتي هو سچائيءَ جون قربانيون پيش ڪندا: ڇالاءِ جو اهي سمنڊ جي ملڪيت، ۽ ريتيءَ ۾ لڪل خزانا حاصل ڪندا.
20
جد جي بابت هن چيو، تہ جيڪو جد کي وڌائي سو شل مبارڪ هجي: هو شينهڻ وانگر ٿو رهي، ۽ ٻانهن کي، بلڪ مٿي جي چوٽيءَ کي ڦاڙيو ڇڏي.
21
هن پنهنجي لاءِ پهريون حصو چونڊيو؛ ڇالاءِ جو اتي شريعت ڏيڻ واري جو مقرر حصو رکيل هو؛ ۽ هو اُمت جي رئيسن سان آيو، ۽ هن خداوند جي انصاف جي ۽ اسرائيل جي بابت سندس فيصلن جي تعميل ڪئي.
22
۽ دان جي بابت هن چيو، تہ دان شينهڻ جو ٻچو آهي، جو بسن مان ٽپ ڏيئي ٿو اچي.
23
۽ نفتاليءَ جي بابت هن چيو، تہ اي نفتالي، تون مهربانيءَ سان ڍاول، ۽ خداوند جي برڪت سان ڀريل آهين: تون اُلهندو ۽ ڏکڻ پنهنجي قبضي ۾ ڪر.
24
۽ آشر جي بابت هن چيو، تہ شل آشر اولاد سميت مبارڪ هجي، شل ڀائرن وٽ قبول پوي، ۽ شل هو پنهنجو پير تيل ۾ ٻوڙي.
25
تنهنجي جتي لوهہ ۽ پتل جي ٿيندي؛ ۽ جهڙا تنهنجا ڏينهن اهڙي ئي تنهنجي طاقت ٿيندي.
26
اي يسورون، خداوند جهڙو ٻيو ڪونهي، جو تنهنجي مدد جي لاءِ آسمان تي، ۽ پنهنجي جلال جي لاءِ عرش تي سواري ٿو ڪري.
27
ازلي خدا تنهنجي پناهہ آهي، ۽ هن جون مدامي ٻانهون تنهنجي هيٺان آهن: ۽ هن دشمن کي تنهنجي اڳيان ڌڪي ڪڍيو، ۽ چيائين تہ هن کي برباد ڪري ڇڏ.
28
اسرائيل سلامتيءَ سان ٿو رهي، ۽ يعقوب جو چشمو اڪيلو، ان ۽ مئي جي ملڪ ۾ ٿو رهي؛ هائو، هن تي آسمان مان ماڪ ٿي پوي.
29
اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 34 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34