bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 7
Deuteronomy 7
Sindhi Bible
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 8 →
1
جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ اتي جون ست قومون، يعني حتي، جرجاسي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي، جي توکان وڏيون ۽ زور واريون آهن، تن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي؛
2
۽ جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪري، ۽ تون انهن کي شڪست ڏين؛ تڏهن تون انهن کي پوريءَ طرح نابود ڪج؛ تون انهن سان ڪو بہ عهد نہ ڪج، نڪي انهن تي رحم ڪج:
3
تون انهن سان مائٽي نہ ڳنڍج؛ تون پنهنجي ڌيءَ هنن جي پٽ کي نہ ڏج، نڪي هن جي ڌيءَ پنهنجي پٽ لاءِ وٺج.
4
ڇالاءِ جو هو تنهنجي پٽ کي منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦيرائينديون، انهي لاءِ تہ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪري: جنهنڪري خداوند اوهان تي ڪاوڙجي، ۽ جلد اوهان کي برباد ڪري ڇڏي.
5
پر اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو؛ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو.
6
ڇالاءِ جو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهيو: خداوند اوهان جي زمين جي سڀني قومن مان، اوهان کي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.
7
خداوند اوهان سان محبت ڪئي، يا اوهان کي چونڊيائين، تنهن جو سبب اهو ڪونہ هو، تہ ڪو اوهين شمار ۾ ٻين کان گهڻا هئا؛ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا:
8
پر خداوند اوهان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو، سو پورو ڪرڻ ٿو چاهي؛ تنهنڪري خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ غلاميءَ جي گهر، يعني مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿ مان اوهان کي ڇڏايائين.
9
تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا اهو ئي خدا آهي؛ هو سچو خدا آهي، ۽ جيڪي کيس پيار ٿا ڪن، ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزار پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم ٿو رکي؛ ۽ مٿن رحم ٿو ڪري،
10
۽ جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن، تن کي سندن ڏسندي بدلو ٿو ڏئي، ۽ برباد ٿو ڪري: جيڪو هن سان دشمني ٿو رکي، تنهن کي هن جي ڏسندي بدلي ڏيڻ ۾ دير نٿو ڪري.
11
تنهنڪري جيڪي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا آءٌ اڄ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندو رهج.
12
۽ هيئن ٿيندو تہ، جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند تنهنجو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ رحم توسان قائم رکندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو:
13
۽ هو توکي پيار ڪندو، ۽ توکي برڪت ڏيندو، ۽ توکي وڌائيندو: ۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجهہ تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ زمين جي پيدائش يعني تنهنجي اَن ۾، ۽ تنهنجي تيل ۾، ۽ تنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت وجهندو.
14
توکي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ برڪت ڏيندو: اوهان ۾ توڙي اوهان جي چوپائي مال ۾، ڪوبہ نر يا ڪابہ مادي سنڍ نہ ٿيندي.
15
۽ خداوند سڀڪا بيماري اوهان مان ڪڍي ڇڏيندو؛ ۽ مصر جا خراب مرض جن جي توکي خبر آهي، تن مان ڪوبہ تو تي ڪين موڪليندو، پر اهي هو انهن سڀني تي موڪليندو، جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن.
16
۽ جيڪي قومون خداوند تنهنجو خدا تنهنجي حوالي ڪندو، تن سڀني کي تون ماري کپائي ڇڏج؛ تون انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪج: نڪي تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪج؛ ڇالاءِ جو اهو تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.
17
جي تنهنجي دل ۾ اهو خيال اچي، تہ هي قومون مون کان گهڻيون آهن؛ آءٌ هنن کي ڪيئن هڪالي سگهندس؟
18
تڏهن بہ تون انهن کان متان ڊڄين: پر جيڪي خداوند تنهنجي خدا فرعون سان، ۽ ساري مصر سان ڪيو، سو ياد رکج؛
19
يعني جيڪي وڏيون وڏيون آزمائشون تو پنهنجين اکين ڏٺيون، ۽ اهي نشان، ۽ معجزا، ۽ زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن، جن سان خداوند تنهنجو خدا توکي ٻاهر ڪڍي آيو: ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن سان بہ ائين ئي ڪندو، جن کان تون ڊڄين ٿو.
20
انهي کان سواءِ خداوند تنهنجو خدا انهن ۾ چيلاٽا موڪليندو، ۽ جيڪي انهن مان بچي ويا هوندا، ۽ توکان لڪي ويا هوندا، تن کي تنهنجي اڳيان تباهہ ڪري ڇڏيندو.
21
تون انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، هو عظيم ۽ خوفناڪ آهي.
22
۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن کي رفتہ رفتہ تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندو: تون انهن کي يڪدم نابود نہ ڪج، متان جهنگ جا مرون وڌي تو تي حملو ڪن.
23
پر خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪندو، ۽ انهن کي زبردست شڪست ڏيندو، جيسين ڪ اهي بلڪل نابود ٿي وڃن.
24
۽ هو انهن جي بادشاهن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندو، ۽ تون انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندين: ۽ جيسين تون انهن کي برباد نہ ڪندين، تيسين ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندو.
25
اوهين انهن جي معبودن جي اُڪريل مورتن کي باهہ سان ساڙي ڇڏجو: ۽ جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي، تنهن جي تون لالچ نہ ڪج، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻج، متان تون انهن ۾ ڦاسي پوين: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي:
26
۽ تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گهر ۾ نہ آڻج، نہ تہ تون بہ انهيءَ وانگر برباديءَ جي لائق ٿيندين: تون انهن کي بلڪل ڌڪارج، ۽ انهن کان نفرت ڪج؛ ڇالاءِ جو اها برباديءَ جي لائق آهي.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34