bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 30
Deuteronomy 30
Sindhi Bible
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 31 →
1
۽ هيئن ٿيندو، تہ جڏهن هي سڀ ڳالهيون توتي اچي پونديون، يعني برڪت ۽ لعنت، جا مون تنهنجي اڳيان رکي آهي، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي هڪالي موڪليندو، تن سڀني ۾ تون انهن کي ياد ڪندين،
2
۽ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين، ۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏيان، تن سڀني موجب تون پنهنجن ٻارن ٻچن سميت، پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، هنن جي فرمانبرداري ڪندين؛
3
تڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجو قيد ڦيرائي ڇڏيندو، ۽ توتي رحم ڪندو، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجي خدا توکي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان توکي موٽائي آڻي گڏ ڪندو.
4
۽ اوهان جي جلاوطن ڪيلن مان جيڪڏهن ڪو زمين جي ڇيڙي تائين هوندو، تہ اتان بہ خداوند تنهنجو خدا توکي آڻي گڏ ڪندو:
5
۽ خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ آڻيندو جنهن تي تنهنجي ابن ڏاڏن جو قبضو هو؛ ۽ جنهن تي تنهنجو قبضو ٿيندو؛ ۽ هو توسان ڀلائي ڪندو، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ توکي گهڻو وڌائيندو.
6
۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين.
7
۽ خداوند تنهنجو خدا اهي سڀ لعنتون تنهنجن دشمنن تي وجهندو، جن توکان نفرت ڪئي، ۽ توکي تڪليف ڏني.
8
۽ تون موٽي وڃي خداوند جي فرمانبرداري ڪندين، ۽ هن جا حڪم جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي عمل ڪندين.
9
۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي هٿ جي ڪمن کي، ۽ تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجي ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي، توکي سکي ڪندو: ڇالاءِ تہ جيئن خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن تي خوش هو، تيئن هو وري توتي خوش ٿيندو، ۽ توسان ڀلائي ڪندو:
10
بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون، شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين؛ ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين.
11
ڇالاءِ جو هي حڪم جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، سو تنهنجي لاءِ تمام ڏکيو ناهي، نڪي تمام پري آهي.
12
اهو آسمان ۾ ڪونهي، جو تون چوين تہ ڪير اسان جي لاءِ مٿي آسمان ۾ ويندو، ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو، تہ اسين انهي تي عمل ڪريون؟
13
نڪي اهو سمنڊ جي پرئين ڀر آهي، جو تون چوين تہ ڪير اسان جي لاءِ سمنڊ جي پار ويندو، ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو، تہ اسين انهي تي عمل ڪريون؟
14
پر اهو ڪلام توکي تمام ويجهو آهي: اهو تنهنجي وات ۾، ۽ تنهنجيءَ دل ۾ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون مٿس عمل ڪرين.
15
ڏس، مون اڄوڪي ڏينهن تنهنجي اڳيان حياتي ۽ ڀلائي، موت ۽ بڇڙائي، ٻئي رکيا آهن؛
16
انهن بابت آءٌ اڄ توکي حڪم ٿو ڏيان، تہ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ سندس واٽن تي هل، ۽ سندس حڪمن کي، ۽ سندس قانونن کي، ۽ سندس فيصلن کي مڃيندو رهہ، تہ تون جيئرو رهين ۽ وڌندو وڃين، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.
17
پر جيڪڏهن تنهنجي دل ڦري ويندي، ۽ تون نہ ٻڌندين، ۽ ٻئي پاسي ڇڪجي وڃي ٻين معبودن جي بندگي ۽ عبادت ڪندين؛
18
تہ پوءِ آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي چتايان ٿو، تہ اوهين ضرور تباهہ ٿي ويندا؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ اوهان جي عمر گهٽجي ويندي.
19
آءٌ اڄوڪي ڏينهن آسمان ۽ زمين کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان، تہ مون حياتي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن: تنهنڪري تون حياتيءَ کي پسند ڪر، تہ تون ۽ تنهنجو اولاد جيئرا رهو:
20
انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪرين، سندس فرمانبرداري ڪرين، ۽ منجهس قائم رهين: ڇالاءِ جو اهو ئي تنهنجي حياتي ۽ تنهنجي عمر جي درازي آهي: تہ جنهن ملڪ بابت خداوند تنهنجي خدا تنهنجي ابن ڏاڏن کي، يعني ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو هو تہ اوهان کي ڏيندس، تنهن ۾ تون وڃين رهين.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34